سپريم ڪورٽ پاران پيڪ ٿيل کير جي پي سي ايس آءِ آر جو پاڻ معائنو ڪرڻ ٻن هفتن ۾ رپورٽ طلب پيش ڪرڻ جو حڪم،،، مافيا جون ڳالهيون سڀ ڪن ٿا پر ڪير به نالو نه ٿو کڻي: چيف جسٽس،،، ٽئنڪر مافيا بڻجي ويا آهن، کين منهن ڏينداسين، پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائينداسين: جسٽس ميان ثاقب نثار،،، سيڪريٽري صحت کي حڪم ڪيو ته انجيڪشن کي ضبط ڪرڻ جو ڪم ڊرگ انسپيڪٽر کي ڏنو وڃي، ايف آءِ اي، ڊرگ انسپيڪٽرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ ريٽيلرز جي اسٽاڪ جو جائزو ورتو وڃي، عدالت پاران حڪم،،، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش،،، سمورن اختيارين جا ٿورا مڃان ٿو ته موڪل واري ڏينهن به حاضر ٿيا آهن، عوامي مفاد جو معاملو آهي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: عدالت *** ڏيهه ۽ ڏيساور جي ماهرن مڪلي جي تاريخي قبرستان کي سنڌ سميت سڄي دنيا جو عالمي ورثو قرار ڏيئي ڇڏيو،،، هتي اچي خبر پئي ته سنڌواسين جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڌارين سان ويڙهه ۽ مختلف وقتن تي ٿيندڙ حملن جي تاريخ سان سمايل آهي: عالمي ماهر،،، سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني ٺٽي ۽ مڪلي جي قديم آثارن ۽ لٽريچر جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سندن سنڌ جي تهذيب بابت خيال بدليو آهي: ماهر،،، هتي نه رڳو ارغون، ترخان ۽ ٻين حملي آورن جي تاريخ ملي ٿي پر هتان جي سمان دور جي عظيم حاڪم ڄام نظام الدين ۽ سندس سپهه سالار شهيد دولهه دريا خان جي عظيم طرز حڪمراني جا ڪهڙا مثال موجود آهن،،، اسپين، يونيسڪو جي نمائندي راند اسپچ، ايراني مهدي توسولي، لبنان مان آيل آرڪيالاجي ماهر پول گرام، يو ڪي مان آيل ماهر رُٿ ينگ، فرانس مان آيل ٿامس لورين، آمريڪا مان آيل مارگريٽ گريوز جو خطاب *** عوام فوجي نمائندو بڻجي ڄاڻ وٺندڙ ٺڳن کان هوشيار رهي: آءِ ايس پي آر،،، ڪجهه ماڻهو پاڪ فوج جا نمائندا بڻجي ماڻهن کي ٽيليفون ڪالز ڪري رهيا آهن جنهن ۾ آدمشماري جي ڄاڻ جي بهاني انهن جي بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر پڇيو وڃي ٿو: ترجمان *** قصور سانحو پنجاب پوليس جي نااهلي جو ثبوت آهي: اعتزاز احسن،،، سعودي عرب جي دوري دوران شهباز ۽ نواز شريف وچ ۾ هٽ ڌرمي جو ثبوت آهي *** ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ گاڏي نه بيهارڻ تي پوليس هٿان نوجوان قتل *** چونڊن بعد وزيراعظم ٿيس ته ايندڙ سال صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪندس: عمران خان *** اليڪشن 2018ع ۾ آهي، اليڪشن ۽ احتساب گڏوگڏ ٿيڻ گهرجن: سراج الحق،،، ملڪ جي عوام جو علاج ڪرپٽ حڪمرانن وٽ ناهي: امير جماعت اسلامي ***لاڙڪاڻي ۾ قصور واقعي خلاف سياسي سماجي تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو،،، زينب اڪيلي ٻارڙي نه آهي جيڪا وڏي وحشت ۽ ظلم جو شڪار ٿي هجي اڳ به ڪيئي واقعا ٿيا آهن: اڳواڻ،،، سنڌ سميت ملڪ ۾ جتي به ناانصافي ۽ ظلم ٿئي ٿو ان خلاف وڏي جدوجهد ميڊيا جي هجي ٿي *** قصور ۾ معصوم نينگري زينب کي زيادتي ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج،،، جيڪڏهن ڪنهن حڪمران جي گهر ڀاتين سان اهڙو واقعو پيش اچي ها ته سڄي پنجاب حڪومت حرڪت ۾ اچي وڃي ها : اڳواڻ *** قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ جعلي پي ايڇ ڊي جي ڊگري جو انڪشاف، سند ڏيندڙ ترقي به ماڻي ورتي،،، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران انهيءَ عالمي، علمي چوريءَ جو سخت نوٽيس وٺندي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪشن چند مڪواڻو ۽ سندس گائيڊ پروفيسر سليم سمون خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي،،، ڪشن چند مڪواڻو ماحوليات جي موضوع تي چين جي هڪ ڏاهي عورت جو لکيل تحقيقي مقالو لفظي ڦير ڦار ڪري پنهنجي نالي سان ڄاڻائي 22 هون گريڊ حاصل ڪري ورتو،،، هائير ايجوڪيشن ڪميشن 22 هون گريڊ حاصل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڇهن سينيئر پروفيسرن تي مشتمل جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي،،، جاچ ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ ڪنووينر، ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر خيرپور يونيورسٽي، ڊاڪٽر رسول بخش مهر مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ٻيا شامل،،، پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ تي گائيڊ ۽ اڳوڻي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون کي 22هون گريڊ ۽ ڪشن چند مڪواڻو کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان نوازيو ويو *** سکر جي خانگي اسڪول ۾تقريب، معصوم زينب کي ڀيٽا پيش،،، اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اهڙا و اقعا افسوسناڪ آهن: اڳواڻ،،، ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي *** ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ پروفيسر حسن ظفر جو لاش هٿ،،، پوليس طرفان آندل لاش تي ڪنهن به قسم جي تشدد جا نشان نه آهن ۽ سندس موت طبي ٿي سگهي ٿو: ڊاڪٽر ***

General

ڏيهه ۽ڏيساور جي ماهرن مڪلي جي تاريخي قبرستان کي سنڌ سميت سڄي دنيا جو عالمي ورثو قرار ڏيئي ڇڏيو

2018-01-15

ٺٽو (ڊ_ر) عالمي آرڪيالاجي ماهرن مڪلي جي تاريخي قبرستان کي سنڌ سميت سڄي دنيا جو عالمي ورثو قرار ڏيندي ان جي بحالي ۽ تحفظ لاء حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي، ۽ واضع ڪيو آهي ته انهن هتي اچي سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني ٺٽي ۽ مڪلي جي قديم آثارن ۽ لٽريچر جو جائزو وٺڻ کانپوء سندن سنڌ جي تهذيب بابت خيال بدليو آهي، ڇاڪاڻ جو قديم آثارن ۽ لٽريچر مان سنڌ جي شاهوڪار تهذيب جا اهڃاڻ واضع طور تي ملن ٿا، ان سلسلي ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي پاران پهرين مڪلي عالمي ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري  ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسپين مان آيل يونيسڪو جي نمائندي راند اسپچ، ايران مان آيل آرڪيالاجي ماهر مهدي توسولي، لبنان مان آيل آرڪيالاجي ماهر پول گرام، يو ڪي مان آيل ماهر رُٿ ينگ، فرانس مان آيل ٿامس لورين، آمريڪا مان آيل مارگريٽ گريوز ۽ فاطمه قريشي چيو آهي ته، مڪلي جي تاريخي قبرستان سنڌ جي سوين سالن جي تاريخ پنهنجي جيء ۾ هنڍائي ڇڏيو آهي، مڪلي جي تاريخي قبرستان سنڌ جي نه رڳو تاريخي تهذيب کي نروار ڪيو آهي پر سنڌ جي عظيم ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڌارين سان ويڙهه ۽ ٺٽي تي مختلف وقتن تي ٿيندڙ حملن جي تاريخ سان سمايل آهي، هنن چيو ته هتي نه رڳو ارغون ترخان ۽ ٻين  حملي آورن جي تاريخ ملي ٿي پر هتان جي سمان دور جي عظيم حاڪم ڄام نظام الدين ۽ سندس سپهه سالار شهيد دولهه درياء خان جي عظيم طرز حڪمراني ۽ پنهنجي ڌرتي خاطر ڏنل قربانين کي واضع ڪري ٿو، هنن چيو ته ڊگهي عرصي کان مڪلي سميت سنڌ جي قديم آثارن جي حالت رحم جوڳي آهي، جن مان اڪثر آثار سار سنڀال نه ٿيڻ   ڪري ميسارجي رهيا آهن، جڏهن ته مڪلي قبرستان جي وڏي حصي ۾ پڻ وڏي انگ ۾ عظيم هستين جون مزارون توڙي قديم آثار به بي توجي جو شڪار آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ۽ سياحت ثقافت توڙي آرڪيالاجي کاتي کي مڪلي قبرستان سميت سنڌ جي آڳاٽي دور جي تاريخ کي محفوظ رکندڙ هنن قومي ورثن جي تحفظ، بحالي ۽ مرمت لاء تڪڙا قدم کڻڻا پوندا جنهن لاء يونيسڪو سميت عالمي ادارن کان مدد وٺي به عالمي قومي ورثي مڪلي جي قبرستان جي آثارن جي بچاء لاء قدم کڻڻ گهرجن، ان موقعي تي پهرين ڏينهن واري ڪانفرنس کي اڳوڻي ڊي جي ثقافت عبدالحميد آخوند، صوبائي وزير سياحت ثقافت سردار شاهه، سينيٽر سسئي پليجو، آرڪيالاجي ماهر ڪليم الله لاشاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي پهرين ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي شروع ۾ مڪلي قبرستان بابت ڊاڪيومينٽري فلم پڻ ڏيکاري ويئي، جڏهن ته ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن جي آخري سيشن ۾ سنڌ جي عظيم داستان نوري ڄام تماچي تي ٺاهيل اسٽيج ڊرامو پڻ پيش ڪيو ويو.۽ ٻئي ڏينھن جي رات جو موسيقي جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويئي.





Sports

لاهور جي فٽبال هائوس تي قبضي خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو

2017-11-06

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاهور جي فٽبال هائوس تي قبضي خلاف لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسئيشن طرفان شهر جي جناح باغ چوڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ فٽبال ايسوسئيشن سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري عبدالغني ڪنڀر، ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل بروهي، وائس چيئرمين محمد يونس بلوچ، عرفان علي گاد، جوائنٽ سيڪريٽري جاويد احمد عباسي، خزانچي احمد علي سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪجهه وقت اڳ وفاقي حڪومت هن وقت فٽبال فيڊريشن آف پاڪستان کي معطل ڪيو هو جنهن کان پوءِ لاهور واري مرڪزي آفيس تي بااثر قبضا مافيا ۽ انهن جي ساٿين طرفان قبضو ڪيو ويو آهي، اهڙي عمل سان پوري ملڪ جي فٽبال رانديگرن جي دل آزاري ٿي آهي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ لاهور جي چيف جسٽس سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته لاهور فٽبال هائوس جو قبضو مخدوم فيصل صالح حيات حوالي ڪري پوري ملڪ جي فٽبال رانديگرن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.





Entertainment

ڄامشورو ۾ ايس يو پي پاران سرمد سنڌي جي ورسي ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو اعلان

2017-12-26

حيدرآباد( اسٽاف پورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو پاران انقلابي راڳي سرمد سنڌي جي ورسي 27 ڊسمبر تي ملهائي ويندي.جاري ڪيل پڌرائي ۾ ايس يو پي ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو جي اڳواڻن آصف ڀلائي، ساگر جمن بڙدي، عاطف لوڌي، ديدار چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سرمد سنڌي پنهنجي گيتن وسيلي سنڌي عوام کي شعور ڏنو، سندس گيت اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌا وڃن ٿا.سنڌ ڌرتي جي تهذيب ۽ ثقافت کي هن پنهنجي سريلي آواز ذريعي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور ڪرايو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي عوام کيس اڄ به ساري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ ايس يو پي پاران 27 ڊسمبر تي سندس ورسي ملهائي ويندي، ورسي تقريب ايس يو پي آفيس ڄامشورو ۾ ٿيندي، جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سمورين سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ مذهبي ڌرين کي دعوتون ڏنيون ويون آهن





Education

قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ جعلي پي ايڇ ڊي جي ڊگري جو انڪشاف،سند ڏيندڙ ترقي به ماڻي ورتي

2018-01-15

نوابشاهه (رپورٽ: انور عباسي) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ اربين روپين جي مبينه ڪرپشن بعد پي ايڇ ڊي جي ڊگري جي چوري پڻ سامهون اچي وئي، يونيورسٽي جي هڪ استاد ماحوليات جي موضوع تي چين جي هڪ ڏاهي عورت جو لکيل تحقيقي مقالو لفظي ڦير ڦار ڪري پنهنجي نالي سان ڄاڻائي 22 هون گريد حاصل ڪري ورتو، سندس گائيڊ ۽ اڳوڻي پرووائيس چانسلر پروفيسر سليم سمون بنا تصديق ۽ جاچ جي چوري ٿيل مقالو قبول ڪرائي يونيورسٽي جو پرووائيس چانسلر بڻجي ويو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران انهيءَ عالمي، علمي چوريءَ جو سخت نوٽيس وٺندي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪشن چند مڪواڻو ۽ سندس گائيڊ پروفيسر سليم سمون خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، هيڪ اسلام آباد پاران ڇهن پروفيسرن تي مشتمل ڪاميٽي جاچ ڪندي، خبر موجب قائد عوام انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي يونيورسٽي نوابشاهه اندر ترقياتي ڪمن جي مد ۾ مبينه اربين روپين جي سنگين ڪرپشن جا انڪشاف منظر عام تي اچڻ بعد يونيورسٽي اندر اعليٰ عهدو ۽ اڳيون گريڊ حاصل ڪرڻ لاءِ علم جي بين الاقوامي چوري جو انڪشاف ٿيو آهي، انهيءَ حوالي سان مليل دستاويزي ثبوتن موجب هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران قائد عوام يونيورسٽي جي اڳوڻي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ۽ يونيورسٽي جي هڪ استاد ڪشن چند مڪواڻو خلاف پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي هڪ محقق ۽ ڏاهي عورت “زوزويائو وانگ” جو تحقيقي مقالو چورائي پنهنجي نالي سان تحقيق ڄاڻائي 22 هون گريڊ حاصل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڇهن سينئر پروفيسرن تي مشتمل جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي، جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ميمرن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ ڪنووينر، ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر خيرپور يونيورسٽي، ڊاڪٽر رسول بخش مهر مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، ڊاڪٽر لياقت ميمڻ ڊائريڪٽر QEC نوابشاهه، ڊاڪٽر ابراهيم چنه ۽ ڊاڪٽر عبداناصر لغاري قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه شامل آهن، مليل دستاويزن موجب ڪشن چند مڪواڻو 2015 ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ “ڪراچي ۽ حيدرآباد شهرن ۾ آلودگي جي جاچ ۽ انهن جي گهٽتائي جي طريقن” جي نالي سان تحقيقي مقالو چپرايو جيڪو در حقيقت ۾ چين جي هڪ محقق ڏاهي عورت “زوزويائو وانگ” جو لکيل “ايئر ڪوالئيٽي مينيجمنٽ ان چائنه: اشوز، چيلينجز ايند آپشنز” تان کنيو ويو آهي جيڪو چين جي محقق سال 2012 ۾ شايع ڪرايو هيو هاير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد انهيءَ عالمي چوري جي انڪشاف بعد مذڪوره 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي جنهن جي ابتدائي گڏجاڻي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ٿي چڪي آهي، هيڪ اختيارين قائد عوام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي 60 ڏينهن اندر علم جي انهيءَ عالمي چوري بابت جاچ مڪمل ڪري، واضح رهي ته انهيءَ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ تي گائيڊ ۽ اڳوڻي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون کي 22هون گريڊ ڏنو ويو ۽ چورايل تحقيق پيش ڪندڙ ڪشن چند مڪواڻو کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان نوازيو ويو، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه اندر علم جي انهيءَ چوري واري معاملي بابت انڪوائري ڪاميٽي جي هڪ معزز ميمبر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هيڪ کي ڪنهن ثبوتن سان شڪايت ڪئي هُئي جنهن بعد اها انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته مذڪوره چوري بابت جاچ ڪاميٽي جي پهرين گڏجاڻي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ٿي ڪچي آهي ۽ ايندڙ گڏجاڻي چوري جي الزام هيٺ آيل ڪشن چند مڪواڻو کي طلب ڪيو ويندو، انهيءَ کانپوءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سندس گائيڊ پروفيسر سليم رضا سمون کي به ڪاميٽي آڏو پيش پوڻ لاءِ پابند بڻائي سگهجي ٿو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهيءَ حساس معاملي جي سمورن رخن کان جاچ ڪرڻ کانپوءِ چوري ثابت ٿين جي صورت ۾ پروفيسر سليم سمون جو 22 هون گريڊ ۽ انهيءَ گريڊ دوران ورتل سموريون مراعتون ۽ ڪشن چند مڪواڻو جي تحقيق چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سندس پي ايڇ ڊي جي ڊگري رد ٿي سگهي ٿي ۽ هيڪ ٻنهي ڄڻن خلاف وڌيڪ سنگين ڪاروائي ڪرڻ جو پڻ اختيار رکي ٿي، پي ايڇ ڊي جي مقالي چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڪشن چند مڪواڻو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مونکي اڃان تائين هيڪ يا جاچ ڪاميٽي پاران اهڙو ڪوبه ليٽر نه مليو آهي مون اهيو مقالو 2015 ڇپرايو هو ۽ مون انهيءَ ۾ چين جي ليکڪا عورت جو حوالو پڻ ڏنو آهي.





History

ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا

2017-10-18

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا، ٺٽو، ٽنڊومحمد خان، ٺارو شاهه، درياءَ خان مري ، ڪنڊيارو، دادو،ڏوڪري سميت مختلف شهرن ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، رشيد جتوئي، انيس خاصخيلي، شبير جمالي ۽ ٻين ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن مالڪ خشڪ، شهيد مٺو بليدي ۽ ٻين جي مزارن تي گل نشاور ڪري ۽ قومي سلام پيش ڪيو ويو ان موقعي تي جسقپ اڳواڻن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور رنگ لاهيندي اسان پنهنجي قومپرست شهيدن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته انهن جي قربانين جي ڪري اڄ تائين جدوجهد جاري آهي هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي سنڌي ماڻهن جي ڏنل تذليل واري بيان جي مذمت ڪريون ٿا سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اهي اهڙي نااهل وزيرن جو بائيڪاٽ ڪن هنن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي جنهن ۾ ڌاري آباد ڪاري ۾ وڏو تعداد سنڌ ۾ آهي اهي سنڌي ماڻهن جي روزگار تي قابض ٿي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ اڳئي سنڌي ماڻهو بدامني ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو شڪار آهن ويتر حڪومتي ڌر نام نياد پناگيرن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جون سازشون ٿي رهيو آهن هنن چيو ته سنڌ جي مذهبي درگاهن تي خودڪشي بمباري حملا ڪري انسانيت جو قتل عام ڪيو پيو وڃي ان تي حڪمران ،مشير وزير ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي جيڪا ڏکيل ڳالھ آهي اسان هنن حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته ڌاريا آبادڪاري تي بندش وڌي وڃي ۽ شهيدن جي پوئينرن کي معاوضا ڏنا وڃن. ٺاروشاھ ڀرسان ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 33 ورسيءَ جي موقعي تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد امان الله وسطڙو جي مزار تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، آصف راهوجو، خادم شر، انعام گل مري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين جسقم ڪارڪنن حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻين چيو ته جي ايم سيد جي عدم تشدد واري ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهيون، شهيدن جي قرباني رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ به قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جسقم جي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد جاري آهي، کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي نه ته سڄي سنڌ اندر احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويندو.





Culture

تقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان روشن تارا ھاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ هڪ رنگا رنگي تقريب منعقد

2017-11-27

سيوهڻ(ن هلچل) تقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان روشن تارا ھاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ هڪ رنگا رنگي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ پنهنجي سنڌي ثقافت   کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ڪيون اسڪولي شاگردن ثقافتي ويس  اوڙهي ثقافتي گانن تي پرفامنس ڪري آيل مهمانن کان خوب  داد وصول ڪيو،  آيل مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا بهترين پرمانس تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا سنڌ گريجيوئيٽ ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻن پيرل خان کوسو،منظور حسين اڄڻ،جاويد احمد انڙ،رفيق احمد سرهيو،شهاب الدين شاهاڻي،آفتاب احمد پنهور ۽ سياسي سماجي صحافي برادري جي شرڪت نورمحمد سيال چئرمين روشن تارا هاء اسڪول  آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو خبر موجب سنڌي ميڊيا طرفان اعلانيل 3ڊسمبر تقافتي ڏھاڙي ملهائڻ جي اعلان کان پوء سيوھڻ شريف تقافتي رنگن سان رنڱجي ويو آهي اجرڪ ۽ ٽوپين جي دڪانن تي رش نظر اچي رهي آهي اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ پڻ مختلف رنگ به رنگي تقريبون جاري آهن ڪالھ سيوهڻ ۾ سنڌ گريجيوئيٽ ايسوسيئيش پاران ھلندڙ روشن تارا هاء اسڪول ۾ تقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ پر وقار تقريب جو بندوبست ڪيو ويو هو تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪرڻ کان پوء باقائده شروعات ڪئي وئي .تقريب ۾ روشن تارا ھاء اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي تقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء مختلف موضوعن تي تقريرون ٽيبلا پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي تقافتي ويس اجرڪ ٽوپي پائي پنهنجي ٻولي ،ريت رسمن کي اجاگر ڪرڻ لاء پرفامنس ڪري ڪهي آيل مهمانن کان خوب داد حاصل ڪيو .هن شاندار تقريب ۾ سگا سنڌ جا مرڪزي اڳواڻن  پيرل خان کوسو،منظور حسين اڄڻ،جاويد احمد انڙ،رفيق احمد سرهيو،شهاب الدين شاهاڻي،آفتاب احمد پنهور ،عبدالرسول سومرو،اعظم ميمڻ سميت شهر جي سياسي سماجي ڌرين غلام حيدر ميمڻ  ،ڪائونسلر علي اڪبر ڪٽوھڙ، پاڪستان هلال احمر ڄامشورو جي  انچارج آصف علي سيال ،صحافي برادري ۾ قادر ڪنڀر ،گلشير بلوچ ،شهمير اوٺو ۽ ٻين شرڪت ڪئي .تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ اوڍايا ويا.ان موقعي تي روشن تارا هاء اسڪول جي چئرمين  نورمحمد سيال چيو ته اسين ھر پنهنجي اسڪول ۾ تقافتي ڏينهن ملهائيندا آهيون .هي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد پنهنجي پنج ھزار پراڻي ثقافت اجرڪ ٽوپي کي نمايان ڪرڻ آهي .اسين پنهنجي سنڌ ڪلچر کي اجاگر ڪري دنيا کي ۽ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته سنڌي قوم سجاگ آهي اسان سنڌي ميڊيا جي ذريعي دنيا کي پنهنجون ريتون رسمون ڏيکارڻ چاهيون ٿا.سگا سنڌ جي مرڪزي وائس چئرمين پيرل خان کوسو چيوته ثقافت سان گڏ تعليم ٻار جي لاء ضروري آهي جنهن سان ٻار ذھين ٿي وڃي ٿو.هن وڌيڪ چيو پهريان تعليم پڳء انٽرٽينمنٽ ضروري آهي .بهترين تقريرون ۽ پرفامنس ڪرڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻن کي شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا. پروگرام جي ميزباني چئرمين روشن تارا هاء اسڪول نور محمد سيال ڪئي .تقريب ۾ روشن تارا هاء اسڪول جي پرنسپال سميت سڀني ڪلاس ٽيپچرس پڻ  شرڪت ڪئي.





Art and Literature

پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين پاران روسي انقلاب جي سئو سالا جشن ۽ ليون ٽراٽسڪي جي اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب جي مهورتي تقريب

2017-11-27

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ روسي انقلاب جي سئو سالا جشن ۽ ليون ٽراٽسڪي جي اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب جي مهورتي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي کاٻي ڌر جي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته سنڌ ۾ ڪميونسٽن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ شهيد شاهه عنايت پهرين سوشلسٽ انقلاب جو نعرو ڏنو. هن چيو ته جيستائين مزدورن، هارين جي فتح نه ٿيندي، تيستائين جنگ جاري رهندي، حڪمرانن ڪڏهن به تاريخ کي ناهي سمجهيو، ان ڪري هو تاريخ کي بگاڙين ٿا. ڪامريڊ لال خان چيو ته ملڪ ۾ اسلام ۽ ختم نبوت جي نالي تي بدتميزي ٿي رهي آهي، پر حڪومت بدتميزي ڪندڙن اڳيان بيوس بڻيل آهي، هڪ رياست مڇريلن سان گڏ آهي ته ٻي رياست شرمائي ٿي. هن چيو ته هتي دهشتگرد پيدا ٿي رهيا آهن، انتهاپسندي پکيڙيندڙن جا اڏا ٺهي رهيا آهن، سياسي ٽوڙ ڦوڙ ٿي  رهي آهي، جنهن جو مقصد هاڻ ملڪي مفادن واري جنگ ناهي رهي، جڏهن ته هتي سنڌ ۾ زرداري جي پوليس ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ بدران جو ماڻهن ک احتجاج جي نالي ۾ تنگ ڪري انتشار پکيڙيندڙن تحفظ ڪري رهي آهي، اهڙي سموري صورتحال رياست جي ناڪامي ظاهر ڪري ٿي. اهڙي ناڪامي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هن هال ۾ جواب موجود آهي، ۽ اهو جواب سوشلسٽ انقلاب آهي. هن چيو ته اسان جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، جمهوريت جو رستو بند ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ ۾ غريب نٿو وڃي سگهي، ڇو ته اها اميرن جي پارليامينٽ آهي. ناليواري ليکڪ حميد سومرو چيو ته مون کي اسٽالن نه وڻندو هيو ۽ مون کي روسي انقلاب سمجهڻو هيو، جنهن لاءِ مون ڪامريڊ سوڀي کان پڇيو ته ڪامريڊ سوڀي ٽراٽسڪي کي پڙهڻ جو چيو ۽ جڏهن مون ٽراٽسڪي جي روس انقلاب بابت لکيل ڪتاب پڙهيو ته منهنجي سوچ ئي تبديل ٿي وئي. ناليواري ليکڪ انعام شيخ چيو ته انسانن جي 5 هزار سالن جي تاريخ ۾ حضرت موسى ۽ حضرت عيسى به انقلابي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ دنيا جي هر خطي ۾ انقلابي پيدا ٿيا، جن اسٽيسٽڪو خلاف جدوجهد ڪئي ۽ دنيا جا 3 اهڙا وڏا انقلابي دور هئا، جن انساني چهري جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اڄ جو نوجوان نسل پنهنجي مستقبل لاءِفڪرمند نظر نٿو اچي ۽ نه ئي هو دنيا ۾ ٿيندڙ هلچل بابت واقف آهي. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته روس جي انقلاب تي جان ريٽ جو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، پر ان ڪتاب ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي شيون ڇپجي نه سگهيون هيون. هن چيو ته هي ڪتاب مشرقي ٻوليءَ کانپوءِ هاڻ پهريون ڀيرو اردو ٻولي ۾ ترجمو ٿيو آهي ان ڪري هاڻ روس جي انقلاب کان اڃان وڌيڪ واقف ٿي سگهنداسين. ڪامريڊ رياض لنڊ، ڪامريڊ انور پنهور، ليکڪ ۽ اديب يوسف سنڌي، مزدور اڳواڻ ماجد ميمڻ، ايڊووڪيٽ نثار احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.





E-paper




Jobs




Advertising