عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، جمهوريت احتساب کان سواءِ نٿي هلي سگهي: بلاول، 2014ع ۾ جمهوريت تي حملو ڪرڻ ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هيو، پي ٽي آئي کي اسرائيل ۽ ڀارت پاران فنڊنگ واري ڳالهه اوهان سڀني کي خبر آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاران ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي بيمارين واري جديد اسپتال جو افتتاح، شيو مندر ۾ تقريب کي خطاب ۽ هندو برداري سان ڏياري جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار * غير موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو: نواز شريف، اسان جي مخالفن کي چونڊي چونڊي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته پانامه الزام تي فيصلو اچي اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ پسند جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا انهن جو فيصلو انصاف جو قتل آهي، اقامه تي فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو انصاف ٿيو آهي يا انصاف جو قتل ٿيو آهي * اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف 22 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو * دهشتگردي خلاف جنگ: ڊرون جي بمباري ۽ طالبان جا حملا، 50 ڄڻا مارجي ويا، آمريڪي ڊرون پاڪ، افغان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو وٺي ٻه ميزائل گولا فائر ڪيا، 4 دهشتگرد مارجي ويا، جماعت الاحرار ڪمانڊر عمر خالد خراساني ڊرون حملي ۾ مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اسان جو ڪمانڊر مارجي چڪو آهي: ترجمان اسد، افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ فوج جي اڏي تي ٻه ڪار بم آپگهاتي ڌماڪا طالبان جي حملي ۾ 40 فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، گاڏيون تباهه، افغانستان ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرون حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ ۲ طالبان اڳواڻن سوڌو ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا آهن: طالبان جي دعويٰ، آمريڪي ڊرون حملو ۲۴ ڪلاڪن اندر باتي ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ۾ ڪيو ويو، حملي ۾ دهشتگردن جون گاڏيون ۽ هٿيار پڻ تباهه ٿيا: افغان عملدار * جوهري ڊيل بچائڻ لاءِ يورپ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري: ايراني سپريم ليڊر، جيڪڏهن يورپ ان ڊيل تي ڪاربند رهي ٿو ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو رهندو، يورپي ملڪن کي آمريڪا تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته اهو ان جوهري معاهدي تان هٿ نه کڻي * ڪوئيٽا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، ۳ دهشتگرد مارجي ويا، پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪار ڪارروائي لاءِ پهتا ته ملزمن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ۳ دهشتگرد مارجي ويا. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا * مستونگ وچ بازار ۾ بم ڌماڪو، 10 ڄڻا زخمي، دستي بم ڌماڪو صفر خان چوڪ تي ٿيو، سمورن زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي: پوليس * ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ۷ اهلڪارن جي نصيرآباد، صحبت پور ۽ اوستا محمد ۾ تدفين * ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سي ٽي ڊي انسپيڪٽر شهيد، قمبراڻي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن سي ٽي ڊي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ سي ٽي ڊي انسپيڪٽر عبدالسلام شهيد ٿي ويو * پاڪستان جي ٻن سرحدن تي موجود ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڏيڻ چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي وزير، جيترو عرصو گهربل ٿيو اسان هتي رهنداسين، طالبان ۽ ٻيا اهو ڄاڻي وٺن ته اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون، افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اهم عنصر آهن، ڀارت جو اهم ڪردار اهو آهي ته اهو افغانستان ۾ ترقياتي ڪمن ۾ مدد ڪري * سزا پهريان ٻڌائي وئي، ٽرائل پوءِ ٿي رهيو آهي: مريم نواز، پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته سيسلين مافيا عدالتن ۾ پيش ٿي رهي آهي، نواز شريف هن ئي هفتي جي آخر يا ايندڙ هفتي واپس اچي ويندو: ميڊيا سان ڳالهيون * بنون ۾ چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو، ۲ اهلڪار شهيد، شهيد ٿيندڙن ۾ تصور علي ۽ غلام رباني شامل، واقعي جي جاچ شروع * مريم نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو * نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو، ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد، واليوم 10 ۽ جي آءِ ٽي جي شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ تائين فرد جرم جي ڪارروائي روڪي وڃي: وڪيلن جي درخواست، واليم 10 ۾ پرڏيهه ملڪ جاچ جا تفصيل آهن، جاچ مڪمل ٿيندي ته ڪاپيون فراهم ڪيون وينديون، جاويد ڪياني خلاف شاهدين جو جائزو ورتو پيو وڃي: نيب پراسيڪيوٽر * وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي روانو ٿي ويو * ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ گينگ وار ڪمانڊر غفور ڇوٽو مارجي ويو، ڇاپي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا: ترجمان، مارجي ويل جي قبضي مان هڪ ايس ايم جي، هڪ نائن ايم ايم، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ ۱۰ رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن * دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ افغانستان ۾ آهن: پرڏيهي ترجمان، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف بنا فرق ڪارروايون ڪري ملڪ مان دهشتگرديءَ جو صفايو ڪيو آهي: نفيس ذڪريا، ڀارتي فوج مسلسل والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن جا سمورا ٿاڪ افغانستان ۾ آهن، بازياب ڪئنڊين جوڙي کي به افغانستان مان ئي اغوا ڪيو ويو هو: بريفنگ * لطيف سرڪار رحه جي شاعري ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ رهنمائي جون سموريون واٽون سمايل آهن: اڳواڻ، افسوس جو مقام آهي ته ترقي يافته هوندي به اسان اهڙي عظيم رهبر ۽ رهنما جي پيغام کان پري آهيون، انتها پسندي ، دهشتگردي، عدم برداشت جي خاتمي جو واحد حل ڀٽ ڌڻي جي فڪر ۽ پيغام ۾ سمايل آهي * ڪيٽي بندر جي ڳاڙهو شهر مان هندو ناري اغوا، وارث ڏياري جي خوشين کان محروم، اسان جي گهرن ۾ اڄ ڏياري جون خوشيون اڌوريون رهجي ويو آھن، ڪنهن کي دانهن ڏيون: وارث * بن قاسم جي ڄام ڪنڊو پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي، گذريل ڏينهن پڙهائي دوران اوچتو ڇت جا چاپڙا ڪري پيا جنهن سبب ڪيترائي ٻار زخمي ٿيڻ سبب ڪيهاٽ پئجي ۽ ڀاڄ پئجي وئي، 1970ع کان وٺي هيستائين انهن 47 سالن ۾ اسڪول جي عمارت جي مرمت ناهي ڪئي وئي، ان وقت دوران مرمت جي مد ۾ مليل فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن: هيڊ ماستر، اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايت باوجود عمارت جي مرمت نه ڪري اسان جي ٻچرن جي حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، ڪو به نقصان ٿيو ته ذميوار تعليم کاتو هوندو: والدين * فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو روشن مثال آهي، اڃا ته پلن تان پاڻي گذرڻ باقي آهي، هي اسان کي اسان جي ڦريل دولت ڏيکارين ٿا: ميڊيا سان ڳالهيون * اصل پاپي پاپا آهي، ججن ۽ فيصلن کي تڪراري بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين: فواد چوڌري، شريف خاندان تي لنڊن فليٽس تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهم پاپا نواز شريف آهي، واليم 10 کلندو ته اسان کي خبر ناهي ته شريف خاندان ڪهڙي ڪهڙي ملڪ سان ڪاروبار ڪيو آهي *

روس جو انقلاب بنيادي طور تي سڄي دنيا اندر پورهيتن جو انقلاب هيو: ڪامريڊ لال خان


2017-10-21

سکر(بيورو رپورٽ) سکر پريس ڪلب ۾ ”انقلاب روس جي تاريخ“ ڪتاب جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جي صدارت  پي ٽي يو ڊي سي، جي انٽرنيشنل سيڪريٽري جنرل  ڪامريڊ لال خان ڪئي،  صدارتي خطاب ڪندي  ڪامريڊ لال خان چيو ته روس جو انقلاب بنيادي طور تي سڄي دنيا اندر پورهيتن جو انقلاب هيو، ان انقلاب جي بدولت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پورهيتن جي اڪثريت حڪومت سنڀالي اهو ثابت ڪيو ته هن دنيا کي صرف پورهيت ئي هلائي سگهن ٿا ۽ اِن پورهيتن وٽ ئي هڪ حقيقي سماج جوڙڻ جي سگهه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا وانگر هن ملڪ اندر به سرمائيداري نظام رائج آهي، اِن ظالم ۽ استحصالي سماج جي اندر هر طرف بک، بدحالي، بيرزوگاري، مهانگائي، تعليم ۽ علاج جي محرومي، لوڊشيڊنگ ۽ عدم تحفظ سميت پورهيت طبقي جا ڪيترائي بنيادي مسئلا ڳنڀير  بڻائي ڇڏيا آهن، جن کي حل ڪرڻ بجاءِ ملڪ جا حڪمران طبقا وڌيڪ سنگين بڻائي رهيا آهن الٽو انقلاب ۽ تبديلي جا نعرا هڻي انقلاب کي بدنام ڪري رهيا آهن، پر تاريخ شاهد آهي ته انقلاب پورهيتن جي مسئلن کي حل ڪندي سماج کي ترقي ۽ خوشحاليءَ ڏيارڻ  جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا هئا،  پورهيتن جي هن سوشلسٽ انقلاب جي نتيجي ۾ قائم ڪيل منصوبه بندي معيشت 70 سالن جي عرصي تائين سويت يونين اندر انسانن جي بک ، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي، جهالت، لاعلاجي، بي گهر ۽  غربت سميت سمورن  بنيادي مسئلن جي پاڙ پٽي ڇڏي هئي. سماجي ڏوهن جو مڪمل  خاتمو آندو ويو، انسانن جي طور متحد معاشرو جوڙڻ ۽ عورت جي مڪمل آزادي ۽ مردن جي مقابلي ۾ انهن جي ڪمتر حيثيت وارن سمورن نام نهاد قانون جو  خاتمو ڪيو ويو، دنيا اندر سڀ کان وڌيڪ يعني 1970ع ۾ تائين 484000 ڊاڪٽر، سڀ کان وڌيڪ 2 لک 57 هزار انجنيئر ۽ سائنسدان سويت يونين ۾ هئا ۽ اِن عرصي دوران آمريڪا ۾ صرف 50 هزار انجنيئر هئا. زراعت ۽ صنعت بيمثال ترقي حاصل ڪئي.  مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي يو ڊي سي جي صوبائي صدر انور سهتو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري قمر الزامان خان، اعجاز ٻگهيو، نامور ليکڪ ڊاڪٽر خادم منگي، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ نظر محمد ڳاهو، مرڪزي چيئرمين وطن دوست فيڊريشن عبدالحق کٽياڻ ۽ ٻين چيو ته ”بالشويڪ انقلاب“ انساني تاريخ جو هڪ اهم ترين واقعو آهي، جنهن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظلوم ۽ محڪوم طبقي کي ظلم ۽ پسماندگي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو  ۽  پهريون ڀيرو پورهيتن جي حڪومت قائم ٿي، تمام وسلين کي پورهيتن پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي انسان ذات کي هڪ حقيقي معاشرو قائم ڪيو ويو. تقريب ۾ ڪامريڊ شهباز ڦلپوٽو، ڪامريڊ سعيد، ڪامريڊ جنيد ۽ ٻين چيو ته سويت يونين ۾ منصوبا بندي معيشت جي ڪري 1963ع تائين صنعت ۾ مزدورن جي پيدواري صلاحيت ۾ 1310 سيڪڙو اضافو آيو، قومي آمدني ۾ 570 سيڪڙو اضافو آيو. جڏهن ته 1979ع  تائين جي ڊي پي ۾ 500 سيڪڙو اضافو آهيو. اهڙي طرح 1960ع ۾  لوهه جي پيدوار 6  ڪروڙ 50 لک ٽن، تيل جي پيدوار 14 ڪروڙ 80 لک ٽن ۽ ڪوئلي جي پيداوار 50 ڪروڙ ٽن حاصل ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته ان کان اڳ مٿي ڄاڻايل معززين طرفان ڪتاب جي مهورت پڻ ڪئي وئي.



سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعرَ، ڪھاڻيڪارَ ۽ صحافي نظير شھزاد جي 24 ورسي تقريب


2017-10-20

خيرپور (ڊ ر) سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعرَ، ڪھاڻيڪارَ ۽ صحافي نظير شھزاد جي 24 ورسي تقريب نظير شھزاد يادگار ڪاميٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي گڏيل سھڪار سان21 آڪٽوبر ، ڇنڇر جي صبح جو پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ کوسہ پل ۾ ملھائي ويندي، ان موقعي تي نظير شھزاد جي فن، فڪر ۽ ادبي پورھئي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، اختر درگاھي، پارس حميد، سرور سيف،  قربان منگي، امراقبال، حبيب ساجد، ابراھيم کرل، مظھر ابڙو، مالڪ کوسو، ارشاد جاگيراڻي،ضياءُ ڀٽي، غلام شبير بڙدي، ڪلياڻ ڪٽھڙا، جمن شاھ ۽ ٻيا مقالا پڙھندا، ھن ورسي تقريب جا ميزبان سجاد ميراڻي، ڪاظم بڙدي ۽ روشن شيخ ھئا



اُستاد بخاري سنڌ دوست شاعر هو جنهن جي پيرن جي مٽي اسان جي اکين جو سرمو هئي: اڳواڻ


2017-10-12

دادو (رپورٽ:مولابخش شيخ) دادو: سنڌ جي نامياري شاعر اُستاد بخاري جي 25 هين ورسي اُستاد بخاري اڪيڊمي پاران ضلع ڪائونسل لان ۾ شاندار طريقي سان منعقد ڪئي وئي. سومهڻي ويل شروع ٿيل تقريب پرهه ڦٽيءِ تائين جاري رهي. ورسي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي شاعر اياز گل چيو ته اُستاد بخاري شاهه لطيف جي سٽ (سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري) جو چٽو مثال هو. استاد بخاري جهڙا شاعر تاريخ ۾ نه رڳو زندهه رهندا آهن پر تاريخ کي به زنده رکندا آهن استاد جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. تاج جويو چيو ته اُستاد بخاري سنڌ دوست شاعر هو جنهن جي پيرن جي مٽي اسان جي اکين جو سرمو هئي. استاد جي محبتن ۽ صحبتن جو ادراڪ اهي ماڻهون ڪري سگهندا ساڻس محبتون ۽ صحبتون ڪيون هونديون. استاد لفظن کي نئين معني ۽ نوان حوالا ڏنا اڄ سندس ورسي تي سائين رکيل ۽ چيزل شاهه جي درگاهه تي شهيد ڪيل بي قصورن کي ياد ڪندي دهتشتگردن تي لعنت وجهندي چئيون ٿا ته سنڌ جي سيڪولر روح، شاه عنايت، شاهه لطيف، رکيل، چيزل، اياز ۽ اُستاد جي صوفي پيغام آڏو هي بم، ڪلاشنڪوف ۽ بارود ضرور شڪست کائيندا. ورسي تقريب کي سيد حاڪم علي شاهه بخاري، ڊاڪٽر بشير شاد، ڊاڪتر احسان دانش، ڊي سي شاهزمان کهڙو، ڊاڪٽر الطاف شاهه بخاري، عظيم سنڌي خطاب ڪيو. اُستاد بخاري جي ورسي جي موقعي تي احمد خان سهاڳ، محبوب سنڌي، ممتاز رڏ، انعام شاهه، سجاد سولنگي ۽ ٻين ايوارڊ ڏنا ويا. شاعرن مهر ڊرٻائي، تابش بخاري، عاجز سرگاڻي، بشير جسڪاڻي، عبدالنبي اسير ۽ ٻين شاعري سان ڀيٽا ڏني، سنڌ جي البيلي راڳي منظور سخيراڻي، شبير شاهاڻي، سجاد سولنگي، برڪت فقير، حبدار سخيراڻي ۽ ٻين استاد بخاري جي شاعري جا گيت پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو ۽ پرهه ڦٽيءِ ويل اُستاد بخاري جي ورسي تقريب پڇاڻي کي پهتي



اقبال ملاح جو ڪتاب سياسي مايوسي جي جمود کي ٽوڙي ٿو: اڳواڻ


2017-10-10

حيدرآباد(رپورٽ: غلام قادر جمالي) سنڌ جي سياسي اڳواڻن، ليکڪن، اديبن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته هميشه سچ جي پاسي ٿي بيهڻ وارو ماڻهو تاريخ ۾ زنده رهندو آهي، سنڌ جي سياسي تاريخ تي لکڻ جي سخت ضرورت آهي، اقبال ملاح سنڌ جي ويجهي ماضي جي اکين سان ڏٺل سياسي تاريخ ۽ پنهنجي زندگي تي تمام گهڻي ايمانداري سان لکيو آهي، هن جي ڪتاب ۾ تنقيد بجاءِ مثبت ڳالهيون ملن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، ترقي پسند ليکڪ ۽ سينيئر صحافي اقبال ملاح جي ڪتاب “اسان مرڻا ناهيون” آتم ڪٿا جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي خطاب ڪندي چيو ته اقبال ملاح سچ جو پانڌيئڙو رهيو آهي، هو سدائين جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو آهي، هن سياست جي شروعات ڪئي ته ان وقت سنڌ جي مسڪين ماڻهن سان وڏيرن، ڌاڙيلن ۽ پوليس جو ظلم جو انتها تي پهتل هو، سنڌ جي ماڻهن کي وڏيرن، ڌاڙيلن ۽ پوليس جي ظلم کان بچائڻ لاءِ به اقبال ملاح عملي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اقبال جي ڪردار کي سامهون رکندي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوجوانن کي وڌيڪ شعور ڏجي ۽ اقبال ملاح جو هي ڪتاب نوجوانن لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تي وڏو ڌيان هوندو هو. ڪتاب جي ليکڪ، کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، ترقي پسند ليکڪ ۽ سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته منهنجي هي آتم ڪٿا واقعي مڪمل نه آهي. هن چيو ته سياست اسان جو عشق آهي ۽ عشق ۾ حساب ڪتاب ناهي هلندو، ان جو ڪو رڪارڊ ئي ناهي هوندو، نه ئي لکندا هئاسين. هن چيو ته جيڪي ڪامريڊ ساٿي جيلن ۾ هوندا هئا، انهن جا نياپا پيا ملندا هئا، اسان کي گرفتار ٿيڻ ۽ مرڻ جو ڊپ نه هوندو هو، عشق ۾ پيا هلندا هئاسين. هن چيو ته هڪ دور هو جيڪو گذري ويو. هن ڪامريڊ ڄام ساقي جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن ڪامريڊ آزاد ٿيو ته اسان سوچيو ته وقت اچي ويو ته اسان هڪ وڏي عوامي پارٽي ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، دوستن سنڌ جو دورو ڪيو، هزارين ماڻهو اسان جي دوستن جي آجيان ڪندا هئا. هن چيو ته هي هڪ سياسي دور آهي، جنهن تي لکڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي انسان ڪرڻ واري اسان جي پارٽي ۽ اسان جو نظريو آهي، مون شعوري طور تي به سياسي پارٽين جون ڪهاڻيون نه لکيون آهن. پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو ته اقبال ملاح لکي به وڏي چڱائي ڪئي آهي، پر هن ڪتاب جي بهاني سڀني ڪامريڊن کي گڏ به ڪيو اٿس. هن چيو ته اقبال ملاح اسان جي سياسي زندگي جو هڪ حصو آهي، هتي ويٺل منهنجا جيلن جا دوست ۽ جدوجهد جا دوست مليا آهن، منهنجا نظرياتي ساٿي به هتي موجود آهن. هن چيو ته هتي دوستن ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، جن جا جواب ڏيڻ گهرجن. هن چيو وڃي ٿو ته 30 هزار اسڪول بند آهن، پر اها ذميواري رڳو اسان جي حڪومت جي ناهي، اڳين حڪومتن کان به اهو سوال ڪيو وڃي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي بند ڪرايو ويو، ان وقت اهو ڇو نه سوچيو ويو ته اسان هي ڇا ڪري رهيا آهيون، پر ان وقت به ماڻهن کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻا هئا. هن چيو ته هتي انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ ٿوري دير ۾ انقلاب جي ڳالهه وساري ويهن ٿا. هن چيو ته قومي جمهوري انقلاب ۽ عوامي جمهوري انقلاب جهڙيون ڳالهيون ڪري منجهائي ماڻهن کي ساڻو ڪيو ويو، پر نتيجو ڪجهه به نه نڪتو. هن چيو ته سنڌ جي سوچيندڙ لڏي جو احترام ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان جا رستا الڳ ضرور آهن، پر منزل اسان جي هڪڙي ئي آهي ۽ اها سنڌ کي ترقي آهي. هن چيو ته مون کان به سياسي عمل ۾ غلطيون ضرورو ٿيون آهن، جنهن جو آئون اعتراف به ڪيان ٿو، پر غلطين کي سڌاري اڳتي وڌي رهيا آهيون، اهڙي طرح سمورن سياسي ڪارڪنن کي پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ذات پرستي ۽ شخصي طرح ٿيل غلطين جو اعتراف ضرورو ٿيڻ گهرجي، پنهنجا ڏوهه ٻين جي گلي ۾ وجهڻ وارو رويو درست ناهي. شهيد نذير عباسي جي وني حميده گهانگهرو چيو ته اقبال ملاح کي مون اڄ کان 27 سال اڳ ڏٺو هو، جيڪو ساٿا ٻارڙا جو اهو نوجوان جنهن ڊي ايس ايف جي جهنڊي کي کڻي اڳتي وڌيو. هن چيو ته شهيد نذير عباسي پنهنجي ساهه ڏئي ويساهه ڏنو، اهو ويساهه اڄ به موجود آهي، اسان ٽٽا ناهيون، اسان ان ڪري نه ٽٽا آهيون ته جو اسان نظرياتي آهيون. هن چيو ته اها الڳ ڳالهه آهي ته اڄ پارٽي جو ڪو پليٽ فارم موجود ناهي، پر اڄ به اسٽيج تي اهي سڀ ساٿي موجود آهن. هن چيو ته شهيد نذير عباسي جي سوچ ۽ فڪر 1980ع ۾ به اهو ئي هو اڄ به ساڳي انداز سان قائم آهي، اسان جو تسلسل جاري آهي، اقبال ملاح اڄ جيڪڏهن ڪجهه لکيو آهي ته ان جي معنيٰ اها آهي ته هي ان جو تسلسل آهي، هن پنهنجي ڪتاب ۾ تاريخ سان ويساهه گهاتي نه ڪئي آهي ۽ جيئن ڏٺو تيئن ئي لکيو ۽ اهو حقيقتن تي ٻڌل آهي. قومپرست اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪتاب ۾ شهيد مقصود قريشي جي حوالي سان لکيل آهي ته اسان ۽ صنعان قريشي اسپتال پهتا هئاسين، پر ائين ناهي اسان واقعي واري هنڌ ئي پهتا هئاسين، اهڙي طرح ٻيون ڪجهه ڳالهيون آهن، جن کي درست ڪرڻ گهرجي، پر بهرحال اقبال ملاح هن ڪتاب ۾ ايمانداري ۽ سچائي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪتاب ۾ اقبال ملاح ڪميونسٽ تحريڪ لاءِ جيڪو لکيو آهي ان سان آئون متفق آهيان. هن چيو ته ڪميونسٽن کان سنڌ غائب هئي، هنن سنڌ کي اوليت نه ڏني، ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، ماضيءَ جون غلطيون رهيون آهن. هن چيو ته نه تحريڪون ختم ٿيون آهن، نه آدرش ختم ٿيا آهن، پر منزل چٽي ڪئي وڃي، تضادن کي چٽو ڪيو وڃي. هن چيو ته اڄ نظرين جي آڙ ۾ قومن جا قيد خانا بڻايا ويا آهن، جيستائين قومن جي آزادي نه ملندي تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ابرار قاضي چيو ته اقبال منهنجو پراڻو د وست آهي، مون جيترو ويجهو اقبال کي هن ڪتاب ۾ ڏٺو آهي، ايترو اڳ ناهي ڏٺو، اقبال جو ڪتاب ڪجهه آتم ڪهاڻي ڪجهه تاريخ آهي، هي صحافت جي ڊائري آهي، واقعا ڪيئن ٿيا، ڪنهن سان ملاقات ٿي، محترمه سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته اقبال جي ڪتاب ۾ اڃا ڪيتريون ئي ڳالهيون گهٽ آهن، پر پوءِ به هن قلمي پورهيو ڪيو آهي، جنهن تي کيس جس آهي. ترقي پسند دانشور امداد چانڊيو چيو



اقبال ملاح جي ڪتاب جي مهورتي تقريب اڄ ٿيندي


2017-10-09

حيدرآباد( اسٽاف رپورٽر)برک صحافي . کاٻي ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ اقبال ملاح جي ڪتاب جي مهورتي تقريب اڄ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ شام 3وڳي رٿي وئي آهي ،هن ڪتاب ۾ اقبال ملاح ايم آر ڊي تحريڪ، ماضي قريب جو سنڌ سموري پوري پاڪستان جو اڀياسي جائزو، امن لانگ مارچ، ڪامريڊ ساقي جي پ پ ۾ شموليت ، محترمه بينظير ڀٽو کان پيرصاحب پاڳاري برک سياسي اڳواڻن جو احوال ثشهيد بشيرخان قريشي، علي حسن چانڊيو، ڊاڪٽر قادر مگسي جون سياسي سرگرميون، ٽنڊو بهاول جو سانحو سميت سنڌ سان پيش آيل واقعن، حادثن ۽ سنڌ جي سياسي معاشي صورتحال جو اڀياسي جائزو هن ڪتاب ۾ شامل آهن. تقريب کي اديب، شاعر خطاب ڪندا.



آمريڪين جي جاکوڙ مطابق لڪي ۽ ڀڳوٺوڙو جا پٿر پنجاهه هزار سالن جا پراڻاآهن: ڀنڀرو


2017-09-20

ڄامشورو (ڊر) سنڌ جي نامياري صحافي ۽ ليکڪ غلام عباس ڀنڀري چيو آهي لڪي ۽ ڀڳوٺوڙو جبلن مان چونڊ ڪيل پٿرن تي آمريڪا ۾ ريسرچ ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته اهي پٿر پنجاهه هزار سالن جا پراڻا آهن ۽ ان تحقيق ذريعي اهو به معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو انهن ڏينهن ۾ ڪپڙا پائيندا هئا ۽ پنهنجا گهر ٺاهي رهندا هئا هن اها ڳالهه ڪالهه سنڌيونيورسٽي ۾ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي ۾ سندس لکيل 2 ڪتابن ”هڪ دور جو پورو سفر“۽ ٻيو ڪتاب”هڪ سج ٻه پاڇا“، جي مهورتي تقريب تي خطاب ڪندي ڪئي هن تقريب ۾ شعبي جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن، ناميارن اديبن ۽ آرٽسٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غلام عباس ڀنڀري وڌيڪ چيو ته آئون هن وقت تائين پنجاهه ڪتاب لکي چڪو آهيان جنهن مان ڇهه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن زندگي ساٿ ڏنو ته هڪ سئو ڪتاب لکي ويندس هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي صحافت سان گڏوگڏ تاريخ کي به پڙهڻ گهرجي. ان موقعي تي سنڌي ادب ۾ خوبصورت ڪتاب شايع ڪندڙ اداري پوپٽ پبليڪيشن جي ڊائريڪٽر قربان منگي چيو ته  نوجوان شاگرد صحافي نه پر وقت جا دانشور پڻ آهن جن ۾ اسان ۽ توهان جي مائٽن جون وڏيون اميدون آهن. يونيورسٽي جي شعبي آرٽ اينڊ ڊزائين شعبي جي استاد پروفيسر سعيد منگي چيو ته شاگردن کي گهرجي ته کين جيترو به وقت ملي، اهي ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور پڙهن ان سان کين وڏي ڄاڻ ملندي سنڌي شعبي جي استاد دانشور مخمور بخاري خطاب ڪندي چيو ته هتي جيڪو پوئين ڪرسي تي ويهندو آهي ان جي سوچ اڳين ڪرسين تي ويهندڙ جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي هن نوجوانن کي صلاح ڏني ته اهي پنهنجي سوچ کي وڌائڻ لاءِ اڳئين جاءِ ولارڻ جي ڪوشش ڪن نامياري شاعر ۽ ليکڪ امر اقبال خطاب ڪندي چيو ته اوهان هن شعبي ۾ رڳو پڙهڻ نه پر سکڻ به ايندا ڪيو ڇاڪاڻ ته توهان هن وقت صحيح جاءِ تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته غلام عباس ڀنڀري وڏي محنت سان هي مقام حاصل ڪيو آهي هو اديب ۽ صحافي هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سوشل ورڪر به آهي تقريب کي نامياري صحافي سهيل سانگي غلام عباس ڀنڀري بابت ڳالهائيندي چيو ته هن جيترو پڙهيو آهي اوترو اسان مان ڪير به پڙهي نه سگهيو آهي جڏهن ته هن پڙهڻ سان گڏوگڏ ان کي پنهنجي زندگي تي لاڳو به ڪيو آهي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومري، غلام عباس ڀنڀري جي صحافتي ۽ ادبي خدمتن تي ڳالهائيندي چيو ته غلام عباس ڀنڀرو هڪ شخص نه پر اُتر سنڌ ۾ صحافين جي هڪ اڪيڊمي آهي، هو اهڙو ڪنڀار آهي جيڪو ڪچي صحافيءَ کي پچائي پڪو پختو صحافي بڻائي ٿو. ۽ چيو ته اسان پنهنجي شعبي ۾ مستقبل جا هڪ بهترين صحافي تيار ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جي شعبي جا فارغ ٿيندڙ نوجوان ع



ساهتي پرڳڻي جي ناليواري صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ اسٽيج اداڪار، استاد نذير گل عباسي جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران ميڙاڪو


2017-09-17

نوشهروفيروز (رپورٽ: سيد مبارڪ شاهه )ساهتي پرڳڻي جي ناليواري صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ اسٽيج اداڪار، استاد نذير گل عباسي جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز ۽ سنڌ صحافي سنگت پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڙاڪو ٿي گذريو جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري سماج سڌارڪ نور محمد بالادي چيو ته استاد نذيرگل عباسي ڪڏهن به ورچي نه ويٺو هن سدائين سماج جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪيو صحافتي حوالي سان هن جون خدمتون نه رڳي ساهتي پرڳڻي پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهم ليکيون وڃن ٿيون هن جي ڪهاڻين ۾ درد سمايل آهي ۽ ماضي ۾ ناٽڪ منڊين ذريعي اسٽيج تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪراچي مان ڪيترائي بهترين رسالا پڻ آندا جيڪي علم جي آبياري لاءِ بهتر ثابت ٿيا. پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر ۽ ليکڪ گل مورو چيو ته نذير گل عباسي سنڌ جي عشق ۾ استاد واري نوڪري به ڇڏي ڏني ۽ سدائين غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڏکن ۽ دردن تي ڪهاڻيون لکيون سندس ڪهاڻين ۾ اڄ به سنڌ جي خوشحالي جا خواب نظر اچن ٿا. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ صحافتي حوالي سان هن صحافت ۾ نوان لاڙا آندا ان ڪري جو سندس صحبت ناليوارن صحافين ۽ ساڃاهه وندن انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، همسفر گاڏهي جهڙن ماڻهن سان هئي نذير گل عباسي جو وڇوڙو ساهتي پرڳڻي جي صحافتي ۽ علمي سٿ لاءِ دردناڪ وڇوڙو آهي. صحافي قاضي ذوالفقار چيو ته 90 واري عرصي ۾ صحافتي حوالي سان نذيرگل عباسي تمام وڏو نالو ليکيو ويندو هو ۽ هن صحافت ۾ ڪيترائي نوان دوست آندا جن پنهنجي علمي لياقت جي ذريعي سماجي شعور جي آبياري ڪئي ۽ هن ڪڏهن به لالچ ۽ لوڀ کي پنهنجو ذريعو نه بڻايو. سنڌ صحافي سنگت جي اڳواڻ ايم ظفر تڳر چيو ته اسان جهڙن صحافين کي به صحافت ۾ آڻڻ وارو نذير گل عباسي هو هن وٽ صحافت جا نوان رنگ ۽ ڍنگ هيا ۽ سندس مقصد هو ته ساهتي پرڳڻي ۾ صحافت جي ذريعي قلمڪار پنهنجو قلمي پورهيو ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون لکن. صحافي محبوب ڪلهوڙو چيو ته استاد نذيرگل عباسي صحافت ۽ ڪهاڻي ۾ به ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جيڪي اڄ به قلمي پورهيو ڪن پيا هن هميشهه حق ۽ سچ واري واٽ ورتي ۽ ڪڏهن به نفرتن واري واٽ کي اهميت نه ڏني. ان موقعي تي خادم سيال، ساگر يوسف منگي، امانت وسطڙو، ارشاد علي آڪاش، اسد وسطڙو، گل بقا عمراڻي ۽ ٻين چيو ته نذير گل عباسي جي زندگي تخليق سان روشن راهه هئي جنهن پنهنجي زندگيءَ کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني پر دردوندن جي دردن کي سامهون رکندي هميشهه جدوجهد جو گس اپنايو اهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن.



ناطق ڳيريلائي هڪ بي لوث ڪردار۽ هڪ سچو انسان هو: ادل سومرو


2017-09-10

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي طرفان سنڌ جي نامور شاعر، محقق ۽ لسانيات جي ماهر ناطق ڳيريلائي جي اوچتي وڇوڙي تي ناليواري شاعر ادل سومري جي صدارت هيٺ تعزيتي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ مهمان خاص ناليوارو تاريخدان جيئل اوڏ هو ۽ اعزازي مهمان اڳوڻو ساس جو ضلعي رابطه سيڪريٽري قادر جاگيراڻي هو جڏهن ته ٻين اعزازي مهمانن ۾ ناطق ڳيريلائي جو پٽ فهيم اعجاز ۽ سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري احمد علي صابر چانڊيو هئا. تعزيتي گڏجاڻي جي ڪاروائي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي رابطه سيڪريٽري ستار هليو هلائي. صدارتي خطي ۾ ادل سومري چيو ته ناطق ڳيريلائي هڪ ئي وقت تي اديب شاعر سان گڏ هڪ بهترين استاد هو هن ادبي دنيا سان پڙهائي جي دنيا ۾ تمام وڏا شاگرد پيدا ڪيا جيڪي هن وقت وڏن عهدن تي فائز آهن. هن چيو ته ناطق ڳيريلائي جي علم عروض جو ڄاڻون هو هن جي نظر هڪ ماهر ڊاڪٽر وانگر هو. جيئل اوڏ چيو ته ناطق ڳيريلائي منهنجو بزرگ ۽ وڏو هو هو پاڪستان جي عمر کان اٺ سال وڏو هو ۽ هو هڪ سچو ۽ کرو ماڻهون جنهن وٽ صرف ۽ صرف پيار ۽ محبت هئي هو هڪ بي لوث ڪردار ماڻهون هو هن جي شاعري ۽ فن قابل داد آهن. قادر جاگيراڻي چيو ته ناطق ڳيريلائي آخري دور تائين نه صرف پاڻ سرگرم رهيو پر نوجوانن کي سکيا سان گڏ سماج جي ڀلي لاءِ اتسائيندي رهيو هو برجستو هو فن جي پختگي هن کي اعليٰ بڻايو. سندس پٽ فهيم اعجاز چيو ته بابا هڪ بهترين پيءُ هو جنهن اسان جي تربيت ڪئي جنهن ڪري اسان هن وقت خوش ۽ خوشحال آهيون ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ آهيون بابا اسان جي هر هڪ پل تي رهنمائي ڪئي جيڪا هر قت اسان سان گڏ آهي. تصور ابڙو چيو ته ناطق ڳيريلائي منهنجو استاد هو هو جعميت الشعراءَ جو ميمبر هو ۽ خاص ڪري طرحي مشاعرن ۾ اسان جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ صدارت ڪندو هو هن حمد ۽ نعت به لکيا ان سان گڏ هن جيڪا شاعري ڪئي اها هن وقت تائين ڪنهن ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهي آهي. ڪامل امداد جتوئي چيو ته ناطق ڳيريلائي لاڙڪاڻي جو اثاثو هو سائين جو وڇوڙو ادب ۾ وڏو خال آهي جيڪو ڪير به ڀري نٿو سگهي. هن چيو ته سائين ڪيترن ئي هنڌن شاعري ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي. ڪامريڊ ڪريم چيو ته ناطق ڳيريلائي ادب جو برجستو ڪارڪن هو جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. عزيز قاسماڻي چيو ته ناطق ڳيريلائي سنڌ جي انهن شاعرن ۾ هڪ آهي جيڪو فن ۾ پختگي تي زور رهيو آهي هن جي لسانياتي ايپروچ تمام شاندار هئي ناطق ڳيريلائي عروض جي مامري ۾ لاڙڪاڻي ضلعي نون دوستن جو رهنما رهيو. ستار هليو چيو ته ناطق ڳيريلائي لفظن جو ڊاڪٽر هو هو لفظن جي اچار ۽ ادائيگي سميت معنيٰ ۽ استعمال تي خاص ڌيان ڏيندو هو ناطق ڳيريلائي جو وڇوڙو سنڌي ادب ۾ خال آهي جنهن کي ڪير به



آن لائين سنڌي ڪتاب پڙهڻ هاڻ تمام سولو ٿي ويو


2017-05-08

سنڌي ڪتابن سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ سٺي خبر آهي ته سنڌ سلامت ويب سائٽ تي آن لائين 383 ڪتاب پڙهي سگهندا



E-Paper




Jobs




Advertising