عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، جمهوريت احتساب کان سواءِ نٿي هلي سگهي: بلاول، 2014ع ۾ جمهوريت تي حملو ڪرڻ ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هيو، پي ٽي آئي کي اسرائيل ۽ ڀارت پاران فنڊنگ واري ڳالهه اوهان سڀني کي خبر آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاران ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي بيمارين واري جديد اسپتال جو افتتاح، شيو مندر ۾ تقريب کي خطاب ۽ هندو برداري سان ڏياري جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار * غير موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو: نواز شريف، اسان جي مخالفن کي چونڊي چونڊي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته پانامه الزام تي فيصلو اچي اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ پسند جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا انهن جو فيصلو انصاف جو قتل آهي، اقامه تي فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو انصاف ٿيو آهي يا انصاف جو قتل ٿيو آهي * اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف 22 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو * دهشتگردي خلاف جنگ: ڊرون جي بمباري ۽ طالبان جا حملا، 50 ڄڻا مارجي ويا، آمريڪي ڊرون پاڪ، افغان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو وٺي ٻه ميزائل گولا فائر ڪيا، 4 دهشتگرد مارجي ويا، جماعت الاحرار ڪمانڊر عمر خالد خراساني ڊرون حملي ۾ مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اسان جو ڪمانڊر مارجي چڪو آهي: ترجمان اسد، افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ فوج جي اڏي تي ٻه ڪار بم آپگهاتي ڌماڪا طالبان جي حملي ۾ 40 فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، گاڏيون تباهه، افغانستان ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرون حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ ۲ طالبان اڳواڻن سوڌو ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا آهن: طالبان جي دعويٰ، آمريڪي ڊرون حملو ۲۴ ڪلاڪن اندر باتي ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ۾ ڪيو ويو، حملي ۾ دهشتگردن جون گاڏيون ۽ هٿيار پڻ تباهه ٿيا: افغان عملدار * جوهري ڊيل بچائڻ لاءِ يورپ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري: ايراني سپريم ليڊر، جيڪڏهن يورپ ان ڊيل تي ڪاربند رهي ٿو ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو رهندو، يورپي ملڪن کي آمريڪا تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته اهو ان جوهري معاهدي تان هٿ نه کڻي * ڪوئيٽا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، ۳ دهشتگرد مارجي ويا، پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪار ڪارروائي لاءِ پهتا ته ملزمن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ۳ دهشتگرد مارجي ويا. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا * مستونگ وچ بازار ۾ بم ڌماڪو، 10 ڄڻا زخمي، دستي بم ڌماڪو صفر خان چوڪ تي ٿيو، سمورن زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي: پوليس * ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ۷ اهلڪارن جي نصيرآباد، صحبت پور ۽ اوستا محمد ۾ تدفين * ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سي ٽي ڊي انسپيڪٽر شهيد، قمبراڻي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن سي ٽي ڊي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ سي ٽي ڊي انسپيڪٽر عبدالسلام شهيد ٿي ويو * پاڪستان جي ٻن سرحدن تي موجود ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڏيڻ چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي وزير، جيترو عرصو گهربل ٿيو اسان هتي رهنداسين، طالبان ۽ ٻيا اهو ڄاڻي وٺن ته اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون، افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اهم عنصر آهن، ڀارت جو اهم ڪردار اهو آهي ته اهو افغانستان ۾ ترقياتي ڪمن ۾ مدد ڪري * سزا پهريان ٻڌائي وئي، ٽرائل پوءِ ٿي رهيو آهي: مريم نواز، پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته سيسلين مافيا عدالتن ۾ پيش ٿي رهي آهي، نواز شريف هن ئي هفتي جي آخر يا ايندڙ هفتي واپس اچي ويندو: ميڊيا سان ڳالهيون * بنون ۾ چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو، ۲ اهلڪار شهيد، شهيد ٿيندڙن ۾ تصور علي ۽ غلام رباني شامل، واقعي جي جاچ شروع * مريم نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو * نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو، ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد، واليوم 10 ۽ جي آءِ ٽي جي شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ تائين فرد جرم جي ڪارروائي روڪي وڃي: وڪيلن جي درخواست، واليم 10 ۾ پرڏيهه ملڪ جاچ جا تفصيل آهن، جاچ مڪمل ٿيندي ته ڪاپيون فراهم ڪيون وينديون، جاويد ڪياني خلاف شاهدين جو جائزو ورتو پيو وڃي: نيب پراسيڪيوٽر * وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي روانو ٿي ويو * ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ گينگ وار ڪمانڊر غفور ڇوٽو مارجي ويو، ڇاپي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا: ترجمان، مارجي ويل جي قبضي مان هڪ ايس ايم جي، هڪ نائن ايم ايم، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ ۱۰ رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن * دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ افغانستان ۾ آهن: پرڏيهي ترجمان، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف بنا فرق ڪارروايون ڪري ملڪ مان دهشتگرديءَ جو صفايو ڪيو آهي: نفيس ذڪريا، ڀارتي فوج مسلسل والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن جا سمورا ٿاڪ افغانستان ۾ آهن، بازياب ڪئنڊين جوڙي کي به افغانستان مان ئي اغوا ڪيو ويو هو: بريفنگ * لطيف سرڪار رحه جي شاعري ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ رهنمائي جون سموريون واٽون سمايل آهن: اڳواڻ، افسوس جو مقام آهي ته ترقي يافته هوندي به اسان اهڙي عظيم رهبر ۽ رهنما جي پيغام کان پري آهيون، انتها پسندي ، دهشتگردي، عدم برداشت جي خاتمي جو واحد حل ڀٽ ڌڻي جي فڪر ۽ پيغام ۾ سمايل آهي * ڪيٽي بندر جي ڳاڙهو شهر مان هندو ناري اغوا، وارث ڏياري جي خوشين کان محروم، اسان جي گهرن ۾ اڄ ڏياري جون خوشيون اڌوريون رهجي ويو آھن، ڪنهن کي دانهن ڏيون: وارث * بن قاسم جي ڄام ڪنڊو پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي، گذريل ڏينهن پڙهائي دوران اوچتو ڇت جا چاپڙا ڪري پيا جنهن سبب ڪيترائي ٻار زخمي ٿيڻ سبب ڪيهاٽ پئجي ۽ ڀاڄ پئجي وئي، 1970ع کان وٺي هيستائين انهن 47 سالن ۾ اسڪول جي عمارت جي مرمت ناهي ڪئي وئي، ان وقت دوران مرمت جي مد ۾ مليل فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن: هيڊ ماستر، اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايت باوجود عمارت جي مرمت نه ڪري اسان جي ٻچرن جي حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، ڪو به نقصان ٿيو ته ذميوار تعليم کاتو هوندو: والدين * فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو روشن مثال آهي، اڃا ته پلن تان پاڻي گذرڻ باقي آهي، هي اسان کي اسان جي ڦريل دولت ڏيکارين ٿا: ميڊيا سان ڳالهيون * اصل پاپي پاپا آهي، ججن ۽ فيصلن کي تڪراري بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين: فواد چوڌري، شريف خاندان تي لنڊن فليٽس تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهم پاپا نواز شريف آهي، واليم 10 کلندو ته اسان کي خبر ناهي ته شريف خاندان ڪهڙي ڪهڙي ملڪ سان ڪاروبار ڪيو آهي *

دوڙ ۾ ڳاڙهي پير جو ميلو روايتي خفت سان پڄاڻي تي پهتو، گهوڙن جي ڊوڙ هوڪرا مچائي ڇڏيا


2017-10-22

دوڙ(رپورٽ: خادم حسين پنهور) سنڌ جي تاريخي پڊ دوڙ شهر ۾ درويش ڳاڙهو پير جو ميلو روايتي خفت سان گڏ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ ڀلا گهوڙا سوار ميدان تي پهتا ۽ گهوڙن جو مقابلو ٿيو. فيصل الهه بخش ڏاهري جو گهوڙو ڌاڙيل عبداللطيف مري، عبدالسلام مري، محمد ابراهيم ڏاهري سميت ڀلن سوارن جا گهوڙا پکي، ڪونج، دلبر، بجلي سميت ڀلن گهوڙن ڊوڙ مقابلي ۾ حصو ورتو. ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ پٽڪي سوار محمد ابراهيم ڏاهري جي انداز تي هر طرف کان خفتين هوڪرا ۽ ڪوڪرا مچائي ڇڏيا. جڏهن ته فيصل ڏاهري جو گهوڙو ڊوڙ ۾ پهريون نمبر آيو. درگاهه جي خليفي فقير چنيسر ڏاهري فيصل ڏاهري سميت گهوڙن سوارن کي پهريون، ٻيو، ٽيون مقابلي ۾ نمبر کڻڻ تي انعام اجرڪ جا تحفا ڏنا. ميلي جي موقعي تي راڳ رنگ جون محفلون متل رهيون ۽ مختلف فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ٽن ڏينهن دوران هلندڙ ان ميلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. تعلقي دوڙ جو تاريخي ميلو رات وچ ۾ پڄاڻي تي پهتو آهي. ميلي جي موقعي تي پوليس هاءِ الرٽ رهي ۽ امن امان جي حوالي سان خاص اپاءَ ورتا ويا.



سڪرنڊ ۾ جسقم پاران صوفي بزرگ شاعر حمل فقير جي درگاهه تي چادر چاڙهي وئي


2017-10-22

سڪرنڊ(ن هلچل) جسقم سٽي سڪرنڊ طرفان سنڌ جي سرموڙ صُوفي برزگ، شاعر حمل فقير لغاري جي 139 هِين عُرس مبارڪ جي موقعي تي تعلقي اڳواڻ راڻو جلباڻي مورڙو ميربحر، جيئميسٽ مسعود شاه،قاسم سومرو، الياس جوڻيجو، سچل ملاح، برڪت جلباڻي موجن زئونر مظفر ملاح ۽ امجد سومرو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ حمل لغاريءَ ۾ مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي دُعا گهري. ان موقعي تي جيئميسٽ مسعود شاه قاسم سومرو خطاب ڪندي چيو ته حمل فقير بزرگ هئڻ سان گڏ ضوفي، ۽ سنڌي سرائڪي جو هڪ وڏو شاعر هُيو سندس شاعري ۾ انسانيت،محبت،امن۽ رواداريءَ جو درس مِليِ ٿو اسين حڪومت وقت کان مطالبو ٿا ڪيون ته بزرگ شاعر حمل فقير لغاري جي شاعري کي ٻيهر ڇپرائي نوجوان ٽهي کي پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ سان گڏ ايندڙسال عرس جي موقعي هڪ وڏي ادبي ڪانفرنس منقد ڪري حمل فقير لغاري جي شاعري ۽ زندگي تي روشني وڌي وڃي، سندس شاعري،فڪر،فلسفي تي تحقيق ڪرائڻ اقتدار ڌڻين ۽ قلم ڌڻين جي گڏيل ذميواري آهي.



روهڙي ڀرسان حضرت صوفي روحل فقير جي سالياني عرس جون تياريون شروع


2017-10-21

روهڙي(ن هلچل) روهڙي ڀر سان ڳوٺ ڪنڊڙي شريف ۾ هنڌ ۽ سنڌ جي مشهور شاعر حضرت صوفي روحل فقير جي سالياني عرس جو تياري زور و شور سان جاري تقريبن تياريون آخري مرحلن ۾ داخل پري پري کان عقيدت مندن جي آمد شروع درگان جي موجوده گادي نشين حضرت صوفي منير فقير سائين ٻڌايو ته سڀاڻي آچر جي ڏيهن شام جو ميلو شروع ٿيندو ميلي جي تياري تقريبن مڪمل ٿي وئي آهي رات جو صوفي راڳ رنگ زبردست ٿيندو ۽ سومر ڏيهن جو صبع جو رسم چنڊي ٿيندي جڏهن ته صفائي سٿرائي جي لاء ميونسپل وارن کي به گذارش ڪئي آهي اميد ته ميلي دوران صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ٿيندو



صوفي شاعر حمل فقير کي سنڌ سرڪار وساري ڇڏيو


2017-10-20

سڪرنڊ (رپورٽ: ذوالفقار عمراڻي)صوفي شاعر حمل فقير کي سنڌ سرڪار وساري ڇڏيو. سندس عرس تي حڪومت پاران ڪا به تقريب ڪرڻ لاءِ اڃان ڪو پروگرام نه جوڙي سگھي. حمل جي مزار جو ڪم اڌ ۾ رهيل. ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو. اديبن ۽ شاعرن پاران حمل کي وسارڻ خلاف احتجاج. حمل فقير جي عرس کي اڳ جيان ملهائڻ جي گھر. خبر موجب سفر مهيني جي ٻي تاريخ تي ٿيندڙ حمل فقير جي عرس کي حڪومت هن سال به وساري ڇڏيو. ثقافت کاتي سميت ضلعي حڪومت بيظير آباد اگهور ننڊ ۾ ستل، هن سال به عرس ملهائڻ لاءِ ڪا به تياري نه ڪئي. جڏهن ته 12 سال گذري ويا پر حمل فقير جو عرس ٻيهر منعقد نه ٿي سگھيو. صوفي شاعر حمل فقير لغاري جو ميڙو پهريون ڀيرو ٻه صفر تي 1976 ۾ اڳوڻي ايم پي اي ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳرايو هو. جنهن پنهنجي حياتي ۾ ته لڳندو رهيو، جنهن بعد سيد امداد محمد شاهه جي لاڏاڻي بعد سندس پٽ سيد زين شاهه پڻ ميڙو لڳرايو، پر بعد ۾ صوفي شاعر حمل فقير لغاري جو ميڙو آهستي آهستي ماضي جو حصو بڻجندو ويو. ميڙي دوران ادبي ڪانفرنس ۽ ملاکڙي جو انتظام ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب ۽ شاعر ادبي ڪانفرنس ۾ حصو وٺي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا هئا، جڏهن ته سڄي سنڌ مان ملهه پهلوان پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا. جڏهن ته سيد غوث علي شاهه پنهنجي وڏ وزارت جي دور ۾ صوفي شاعر حمل فقير لغاري جي ميڙي ۾ شرڪت دوران صوفي شاعر حمل فقير لغاري جو ميڙو سرڪاري سطح تي لڳرائڻ جو اعلان ڪندي ضلع ڪائونسل نوابشاهه کي پابند ڪيو هو، ليڪن ضلع ڪائونسل ڪوبه پروگرام منعقد ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي. سنڌ جي اديب ۽ شاعر ماڻڪ ملاح حمل فقير لغاري جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته حمل فقير لغاري ڀٽائي کان پوءِ سچل سرمست جي جوڙ جو شاعر آهي، هن چيو ته ڀٽائي ۽ سچل جي شاعري تي جهڙي نموني ڪم ٿي رهيو آهي، ان مطابق حمل فقير جي شاعري تي ڪم نه ٿيو آهي، هن چيو ته حمل فقير جي شاعري جو اڀياس جي نالي سان مون وٽ ڪيترن ئي سالن کان ڪتاب مرتب آهي پر ڪير به ان کي ڇپرائڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته صوفي شاعر حمل فقير جي مزار زبون ٿي وئي آهي، جڏهن ته ادب دوست ڪمشنر غلام مصطفى ڦل، حمل فقير لغاري جو ميڙو لڳائڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري هئي پر خبر نه آهي ته ڇو اها خاموشي جو شڪار ٿي وئي. هن چيو ته اسان جي حڪمران ڌر جو رويو صوفي شاعرن ڏانهن غيرمناسب آهي، جنهن سبب ادب کي اڳڀرائي نه ملي سگهي آهي. نالي واري اديب ۽ شاعر علي نواز ڏاهري چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته علائقي جي ڀلوڙ شاعر حمل فقير کي حڪومت وساري ڇڏيو آهي. شايد سيد امداد محمد شاهه پاران هن ميڙي جي شروعات ڪرڻ سبب حڪومت ميڙو لڳرائڻ نه چاهيندي هجي، هن چيو ته هن ميڙي تي ادبي ڪانفرنسون ۽ ادبي ويهڪون ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌ جا اديب ۽ شاعر اچي پنهنجي نڪور لکڻين کي پڙهندا هئا. سماجي اڳواڻ سيد مسعود شاهه حمل فقير لغاري بابت ڳالهائيندي چيو ته حمل فقير هڪ عظيم ۽ انسان دوست شاعر هو، گهڻي وقت کان سندس مزار تي ادبي ۽ عملي حوالي سان ميڙي جو نه لڳڻ سٺو عمل نه آهي، سنڌ جي صوفي هستين، شاعرن کي سياسي تناظر ۾ ڏسڻ بدران پيار ۽ محبت، انسانيت جو درس ڏيندڙ سفير سمجهي سرڪاري سطح تي هر سال ميڙو ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪرايون وڃن. ڪمشنر بينظيرآباد غلام مصطفى ڦل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي حالتن سبب ڪو وڏو پروگرام نه ٿا ڪرائي سگھون. حمل فقير تي ڪو پروگرام ڪرائڻ جون ڪوششون ڪنداسون. انڊس سوشل فورم جي اڳواڻ نثار احمد ڪيريو چيو ته حمل سنڌي سرائيڪي جو ڀلوڙ شاعر هو مسلسل ڏهن سالن کان حمل فقير تي ڪو به پروگرام نه ٿي رهيو آهي هن ثقافت کاتي ۽ شهيد بينظيرآباد جي ڪمشنر کي اپيل ڪئي ته ڀلوڙ شاعر ايئن نه وساريو وڃي ۽ هن آخري آرامگاھ تي هر سال پروگرام ٿيڻ گهرجن.



ڏوڪري جي مختلف درگاهن جي مريدن ۽ فقيرن پاران درگاهه چيزل شاهه تي حملي خلاف يڪتارا، چپڙيون ۽ ساز کڻي احتجاج


2017-10-17

ڏوڪري(ن هلچل) مختلف درگاهن جي مريدن ۽ فقيرن جي ريلي درگاهه چيزل شاهه تي ڌماڪي خلاف فقير برڪت علي فقير شاهد علي شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي فقيرن ۽ مريدن يڪتارا چپڙيون باجو ۽ ڍولڪ کڻي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو، خبر موجب درگاهه چيزل شاهه تي ٿيل خود ڪش حملي خلاف مختلف درگاهن حضرت داتا ولايت ، وريل فقير، طارق سائين، ۽ جانڻ چن جي فقيرن فقير برڪت علي شيخ ،فقير درگاهي، فقير محمد حسن شيخ، فقير بهادر علي نوناري،جي اڳواڻي ۾ وڌي تعداد ۾ صو في فقيرن ۽ مريدن برڪت فقير جي آستاني کان ريلي ڪڍي لاڙڪانو روڊ تي صو فيانا راڳ ڳائي انو کو احتجاج ڪيو ان مو قعي تي فقير قادر بخش، غلام عباس، منظور علي، منٺار علي، شاهد حسين، سڪندر علي شيخ يڪتارا چپڙا باجا ڍولڪ کڻي ۽ ٻين فقيرن صو فياڻا ڪلام ڳائي انو کو راڳ ڳائي احتجاج ڪيو جنهن کي خطاب ڪندي فقير برڪت علي شيخ چيو ته ملڪ مڙوئي منصور ڪهون ڪهندي ڪيترا اسان جي حال جو حاسد ڪندا انڪار پيا اڪثر اسان عشق تان اڳتي اڄا اظهار ٿيڻو آ هن وڌيڪ چيو ته صو في درگاهن تي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ويندو آهي ۽ انسان ذات جو درس پڻ ڏنو ويندو ۽ درگاهن کي بلا جواز ٽارگيٽ ڪري خود ڪش حملا ڪيا پيا وڃن رکيل ۽ چيزل شاهه جي ڌماڪي خلاف اڄ به اسان صو في فقير صو في ڪلام ڳائي پر امن ريلي ڪڍي امن جو پيغام ڏيون پيا،هي واقعو ناقص سيڪيورٽي سبب پيش آيو، هنن گهر ڪئي ته بلوچستان حڪومت شهيد ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏي ۽ زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي،هن مو قعي تي سيد محسن شاهه سيد سجاد علي شاهه ذوالفقار علي وڳڻ جاويد احمد شيخ امانت علي شيخ سرفراز احمد شيخ ، بابل شبير شيخ ۽ ٻين سميت وڏو انگ ماڻهن جو احتجاج ۾ موجود هيو.



لاڙڪاڻي ۾ صوفي فقيرن پاران درگاهه چيزل شاهه تي حملي خلاف راڳ ڳائي احتجاج


2017-10-12

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تصوف سان واسطو رکندڙ فقرائن ۽ صوفي فقيرن فتح پور ۾ درگاهه چيزل شاهه تي ٿيل خودڪش حملي خلاف صوفي راڳ ڳائي واقعي خلاف پريس ڪلب آڏو انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ صوفي فقيرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي صوفي فقير بشير احمد جتوئي، گرو ڪرشن، فقير منور علي ابڙو، محسن علي زنگيجو، نثار احمد عمراڻي ۽ ٻين چيو ته درگاهه چيزل شاهه ٿيل خودڪشي حملو پوري انسانيت تي حملو آهي جنهن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هنن چيو ته دهشتگردن امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ چيزل شاهه جي درگاهه تي حملو ڪري وحشياڻو عمل ڪيو آهي، هن ڏک واري واقعي تي اسين شهيدن ۽ زخمي ٿيلن جي وارثن سان گڏ آهيون. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري سفاڪ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ گڏوگڏ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري سندن خلاف ڀرپور ڪاروايون ڪري شهيد ۽ زخمي ٿيلن کي معاوضو ڏنو وڃي.



صوفي فقير سيد انور علي شاهه بخاري جو عرس مبارڪ شروع


2017-10-12

سرحد(ن هلچل) سرحد ڀرسان ڳوٺ جهانپور شريف ۾ صوفي فقير سيد انور علي شاهه بخاري جي 57 سالياني عرس مبارڪ جو ضلعي چيئرمين گھوٽڪي حاجي خان مهر ۽ گادي نشين سيد سخاوت بخاري جن مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو، سنڌ جي صوفي بزرگن هميشه امن ، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي آهي. صوفي بزرگ انور علي شاهه جو به شمار اهڙن صوفي بزرگن مان ٿئي ٿو. ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر.مرشد جي مزار تي حاضري ڀرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سندن عقيدت مند ۽ مريد پهتل. تفصيل موجب سرحد ڀرسان ڳوٺ جهانپور شريف ۾ سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ سيد انور علي شاهه بخاري رح جن جو 57 سالياني عرس مبارڪ جو افتتاح ضلعي چيئرمين گھوٽڪي حآجي خان مهر ۽ درگاهه جي گادي نشين سيد سخاوت حسين شاهه بخاري مزار تي چادر چاڙهي ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ضلعي چيئرمين گھوٽڪي حاجي خان مهر جو چوڻ هو ته سنڌ جي صوفي بزرگن هميشه امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي صوفي بزرگن جي ان صف ۾ صوفي بزرگ سيد انور علي شاهه بخاري جن جو به شمار ٿئي ٿو وڌيڪ هن جو چوڻ هو ته عرس جي موقعي تي ضلعي گھوٽڪي اندر سڪيورٽي جا سخت انتظامات ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضلعي انتظاميه کي الرٽ ڪيو ويو آهي، روڊ رستن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي حوالي سان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته تمام جلد بنيادي سهولتون جنهن ۾ روڊن جي مرمت، گئس ۽ درگاهه تي هلندڙ ڪم جي لاءِ خاص فنڊ جاري ڪيا ويندا.ان موقعي تي سادات برادري جي سيد منور علي شاهه، سيد عبادت علي شاهه، سيد شفقت بخاري، سيد ارشاد شاهه سميت تمام وڏي انگ ۾ عقيدت مند ۽ مريد پڻ موجود هئا. هر سال جيان عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي ڊي سي گھوٽڪي سيد اعجاز شاهه پاران 13 آڪٽوبر 2017 بروز جمعه تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. هميشه وانگر هن سال به پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريدن ۽ عقيدتمندن جو وڏو انگ درگاهه شريف تي حاضري ڀرائڻ لاءِ پهتل آهن. صوفي بزرگ انور علي شاهه بخاري جو ميلو محرم شريف جي 23،22،21،20 تاريخ تائين جاري رهندو آهي جنهن ۾ مختلف قسم جي کاڌن جا اسٽال، سنڌ جي روايتي راندين ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻيون مختلف علاقائي راندين سان گڏ صوفي ادبي ڪانفرنس، سگھڙن جي ڪچهري، محفل موسيقي جا پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن. ميلي جي اندر ماڻهن جي تفريحي لاءِ سرڪسون، جھولا، موت جا کوهه، چڙيا گھر، ٿيٽر، اسٽيج شو، ۽ سوين خريداري جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن.



سنڌ ي راڳ جي تاريخ ۾ استاد گلزار علي خان جو ڪردار ڪڏهن وساري نٿو سگهجي: اديب ۽ شاعر


2017-10-09

رسول آباد ( ن هلچل ) ساهتي پرڳڻي جي سھڻي گلشن ديهات جي گل ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جي بادشاھ استاد گلزار علي خان جي پنجويهين ورسي تقريب سنڌي ادبي شاخ خانواھڻ طرفان شاخ جي سيڪريٽري پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي ۽ نوجوان شاعر ۽ صحافي عاجز امتيازنوحپوٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ديهات لڳ ڳوٺ چنيھ نوحپوٽو ۾ ٿي گذري جنهن جي صدارت سنڌ جي ناليواري  اديب، اسڪالر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سهتو ڪئي.تقريب ۾ آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي خانواھڻ شاخ جي سيڪريٽري پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي چيو ته استاد گلزار علي خان دل جو سخي ۽ نيڪ نيت انسان هو،جنهن پنهنجي فن جي سخاوت سان ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا.سيئر شاعر غلام رسول ناطق چيو ته استاد گلزار علي خان موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجي دؤر جو هڪ نرالو نانءُ هو،جنهن فن ذريعي سنڌ سميت ملڪ جو نانءُ به روشن ڪيو.سنڌي اردو جي ڀلوڙ شاعر شوق خانواهڻيءَ چيو ته استاد گلزار علي خان ڪلاسيڪل فنڪار هجڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر،موسيقار ۽ ڪمپوزر به هيو،جنهن راڳ جون ڪيتريون ئي ڌُنيون پاڻ ڪمپوز ڪري موسيقي ۾ ترتيب ڏنيون.ساس راڻيپور شاخ جي ڪائونسلر واليڏنو صديقي چيو ته استاد گلزار علي خان ننڍپڻ ۾ ئي فن جي دنيا ۾ پير پاتو ۽  راڳ سکڻ جي جنون ۾ ناچو ٿي محفلن ۾ نچندو به هو.هنڱورجا پريس ڪلب جي نائب صدر نوجوان شاعر ۽ صحافي عاجز امتياز نوحپوٽو چيو ته هي منهنجي لاءِ وڏي اعزاز ۽ فخر جي ڳالھ آهي جو هيڏي ساري سنڌ جي مهان راڳي جي ورسي تقريب منهنجي اوطاق تي رکي وئي آهي،پر افسوس سان چَوڻو ٿو پَوي ته اڄ استاد گلزار علي خان جي مزار ۽  چؤڪَنڊي اُکڙي ڊھي وئي آهي،اوقاف ۽ثقافت کاتي وارن سميت ٻيا سڀ سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارا خاموش ۽ تماشائي بڻيل آهن. صدارتي خطاب ڪندي ناليواري اديب ۽ س ا س سنڌ جي  مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سھتو چيو ته استاد گلزار علي خان جھڙا راڳي صدين ۾ ڪي پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن جا پيل خال ڏاڍا ڏُکيا پُر ٿيندا آهن.استاد پنهنجي فن ذريعي جيڪاسنڌ ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي،مان اعلان ٿو ڪريان ته استاد جي مزار ۽ چؤڪَنڊي جي تعمير جو ڪم جلد ڪرائينداسين،ان کان علاوه تقريب کي هنڱورجا پريس ڪلب جي صدر غلام مرتضىٰ تنيو ادب دوست استاد ظفر علي سومرو،نوجوان شاعر عزيز ڀنڊ، صحافي حاڪم علي ڪونڌر،اصغر علي قاضي،مظھر علي ڪلهوڙوخطاب ڪيو.جڏهن ته تقريب ۾  نوجوان شاعر نديم انڙ،ڳيرو ملاح،الطاف نوحپوٽو،سماجي اڳواڻ محرم علي کوکر،سيد مظھر شاھ،علي گل ڀنڊ،حبيب الله سومرو، صحافي رياض پارس ملاح،نواب ڦرڙو نصير ڪلهوڙو ۽ ٻين سياسي،سماجي، مذهبي اڳواڻن،صحافين، اديبن،شاعرن۽ سِوِلِ سُوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.آخ ۾ استاد گلزار علي خان جي پياري ۽ پاڙيسري شاگرد استاد مولا بخش سولنگي ۽ فقير شاهنواز مشوري پنهنجي فن سان کيس ڀيٽا پيش ڪندي محفل کي مَھَڪائي ڇڏيو.



درگاھ حضرت عبدالعزيز عرف حقا پير جي 41 وهين ورسي جي موقعي تي ميلو


2017-09-18

ڪوٽ غلام محمد (ن هلچل) درگاھ حضرت عبدالعزيز عرف حقا پير 41 وهين ورسي جي موقعي تي مليو لڳايو ويو،گادي نشين اياز حسين شاھ درگارھ تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو.ملھ جو ملاکڙو، صوفياڻي محفل سجائي وئي. هزارين ماڻهن جي شرڪت.ڪوٽ غلام محمد جي جمڙائو موري ڀرسان حضرت عبدالعزيز عرف حقا پير جي 41 وهين ورسي جي موقعي تي پهريون دفعو ميلو لڳاويو ويو. درگارھ جي گادي نشين اياز حسين شاھ درگاھ تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو.ان موقعي گادي نشين جي پڳ ٻڌرائي واري رسم پڻ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ پ اڳواڻ سيد اياز حسين شاھ کي گادي نشين جي پڳ ٻڌائي وئي.ٻي طرف درگاھ تي منعقد ڪيل جي ملھ جي ملاکڙي ۾ سنڌ جي مهشور 30 ملھ پهلوانن فن جو مظاهرو ڪري هزارين روپين جا انعاموصول ڪيا. جنهن ۾ ملھ جي فائينل ۾ پهرين جوڙ جي مشهور پهلوان اصغر هاليپوٽو دادلي راهو کي ملھ دسي 5هزار روپين جو انعام وصول ڪيو. ٻي جوڙ جي ملھ پهلوان محمد خاصخيلي ملهي بابو بروهي کي ڪرائي 3000 هزار جو نقد انعام حاصل ڪيو. ٽيئن جوڙ جي پهلوان ذوالفقار عرف ڀٽو لنجواڻي ملھ ماري 2000 هزار جو انعام ورتو. ملھ جي ملاکڙي ۾ جڏهن ته ميلي جي گادي نشين سيد اياز شاھ پاران هاريل ملھ پهلوانن کي پڻ انعام ڏنا ويا. جڏهن ته ملھ جي ملاکڙي ۾ پ پ پ اڳواڻ مير اڪبر ٽالپر، سابق سٽي نائب عبدالستار خاصخيلي،سيد افتخارحسين شاھ، عارف حسين شاھ، فرحان حسين شاھ، اعجاز حسين شاھ،ايس ايڇ او عنايت علي زرداري صدر پريس ڪلب غلام حسين قائمخاني،سينئر نائب صدر علي غلام کوسو، نائب صدر جاويد ڪالرو جنرل سيڪريٽري غلام رسول جوڻيجو سميت علائقي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻي طرف ميلي ۾ صوفياڻي محفل پڻ رچائي وئي جنهن ۾ صوفي فنڪارن استاد احمد مڱڻهار، استاد سوزل ڪارو، ثنا سومرو ۽ ٻين صوفياڻو راڳ ڳائي سج اڀاري ڇڏيو. ان موقعي تي گادي نشين اياز حسين شاھ چيو ته پهريون ڀيرو هن درگاھ تي ميلو منعقد ڪري سنڌ جي ثقافت کي اوجاگر ڪرڻ لاءِ ملھ جو ملاکڙو ڪرايو ويو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ لڳندڙ ميلا اتان جي عوام لاءِ هڪ تفريح جو سبب بڻجي ويندا آهن ۽ علائقن ۾ امن ڀائيچاري جي فضا قائم ٿيندي آهي. جڏهن ته افتتحاهي تقريب ۾ ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.



سنڌ جي سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي جي ورسي تقريب لاءِ تياريون شروع


2017-09-17

ڏوڪري(ن هلچل) سنڌ جي سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي جي فرزند سگهڙ ممتاز علي عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بابا سائين سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي جي سالياني ورسي 28آڪٽوبر تي موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ ملهائڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن جنهن پهرين مرحلي ۾ دعوت ناما ڇپايا ويا آهن. دعوتون ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ڪمشنر ڊي سي لاڙڪاڻي سميت سموري سنڌ جي ساڃاهه وندن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سگهڙن اديبن شاعرن کي دعوت ڏني ويندي پروگرام جو 2نشستون ٿينديون پهرين نشست صبح 10 بجي کان 5بجي تائين ٻي نشست رات جو 10بجي کان پرهه ڦٽي تائين راڳ رنگ بيت سگهڙن جا ڏور بيت ۽ صوفياڻي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته استاد محمد ملوڪ هڪ سنڌ جي سونهن سينگار هيو جنهن سوين شاگرد سگهڙ پيدا ڪيا،



E-Paper




Jobs




Advertising