سپريم ڪورٽ پاران پيڪ ٿيل کير جي پي سي ايس آءِ آر جو پاڻ معائنو ڪرڻ ٻن هفتن ۾ رپورٽ طلب پيش ڪرڻ جو حڪم،،، مافيا جون ڳالهيون سڀ ڪن ٿا پر ڪير به نالو نه ٿو کڻي: چيف جسٽس،،، ٽئنڪر مافيا بڻجي ويا آهن، کين منهن ڏينداسين، پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائينداسين: جسٽس ميان ثاقب نثار،،، سيڪريٽري صحت کي حڪم ڪيو ته انجيڪشن کي ضبط ڪرڻ جو ڪم ڊرگ انسپيڪٽر کي ڏنو وڃي، ايف آءِ اي، ڊرگ انسپيڪٽرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ ريٽيلرز جي اسٽاڪ جو جائزو ورتو وڃي، عدالت پاران حڪم،،، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش،،، سمورن اختيارين جا ٿورا مڃان ٿو ته موڪل واري ڏينهن به حاضر ٿيا آهن، عوامي مفاد جو معاملو آهي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: عدالت *** ڏيهه ۽ ڏيساور جي ماهرن مڪلي جي تاريخي قبرستان کي سنڌ سميت سڄي دنيا جو عالمي ورثو قرار ڏيئي ڇڏيو،،، هتي اچي خبر پئي ته سنڌواسين جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڌارين سان ويڙهه ۽ مختلف وقتن تي ٿيندڙ حملن جي تاريخ سان سمايل آهي: عالمي ماهر،،، سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني ٺٽي ۽ مڪلي جي قديم آثارن ۽ لٽريچر جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سندن سنڌ جي تهذيب بابت خيال بدليو آهي: ماهر،،، هتي نه رڳو ارغون، ترخان ۽ ٻين حملي آورن جي تاريخ ملي ٿي پر هتان جي سمان دور جي عظيم حاڪم ڄام نظام الدين ۽ سندس سپهه سالار شهيد دولهه دريا خان جي عظيم طرز حڪمراني جا ڪهڙا مثال موجود آهن،،، اسپين، يونيسڪو جي نمائندي راند اسپچ، ايراني مهدي توسولي، لبنان مان آيل آرڪيالاجي ماهر پول گرام، يو ڪي مان آيل ماهر رُٿ ينگ، فرانس مان آيل ٿامس لورين، آمريڪا مان آيل مارگريٽ گريوز جو خطاب *** عوام فوجي نمائندو بڻجي ڄاڻ وٺندڙ ٺڳن کان هوشيار رهي: آءِ ايس پي آر،،، ڪجهه ماڻهو پاڪ فوج جا نمائندا بڻجي ماڻهن کي ٽيليفون ڪالز ڪري رهيا آهن جنهن ۾ آدمشماري جي ڄاڻ جي بهاني انهن جي بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر پڇيو وڃي ٿو: ترجمان *** قصور سانحو پنجاب پوليس جي نااهلي جو ثبوت آهي: اعتزاز احسن،،، سعودي عرب جي دوري دوران شهباز ۽ نواز شريف وچ ۾ هٽ ڌرمي جو ثبوت آهي *** ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ گاڏي نه بيهارڻ تي پوليس هٿان نوجوان قتل *** چونڊن بعد وزيراعظم ٿيس ته ايندڙ سال صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪندس: عمران خان *** اليڪشن 2018ع ۾ آهي، اليڪشن ۽ احتساب گڏوگڏ ٿيڻ گهرجن: سراج الحق،،، ملڪ جي عوام جو علاج ڪرپٽ حڪمرانن وٽ ناهي: امير جماعت اسلامي ***لاڙڪاڻي ۾ قصور واقعي خلاف سياسي سماجي تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو،،، زينب اڪيلي ٻارڙي نه آهي جيڪا وڏي وحشت ۽ ظلم جو شڪار ٿي هجي اڳ به ڪيئي واقعا ٿيا آهن: اڳواڻ،،، سنڌ سميت ملڪ ۾ جتي به ناانصافي ۽ ظلم ٿئي ٿو ان خلاف وڏي جدوجهد ميڊيا جي هجي ٿي *** قصور ۾ معصوم نينگري زينب کي زيادتي ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج،،، جيڪڏهن ڪنهن حڪمران جي گهر ڀاتين سان اهڙو واقعو پيش اچي ها ته سڄي پنجاب حڪومت حرڪت ۾ اچي وڃي ها : اڳواڻ *** قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ جعلي پي ايڇ ڊي جي ڊگري جو انڪشاف، سند ڏيندڙ ترقي به ماڻي ورتي،،، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران انهيءَ عالمي، علمي چوريءَ جو سخت نوٽيس وٺندي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪشن چند مڪواڻو ۽ سندس گائيڊ پروفيسر سليم سمون خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي،،، ڪشن چند مڪواڻو ماحوليات جي موضوع تي چين جي هڪ ڏاهي عورت جو لکيل تحقيقي مقالو لفظي ڦير ڦار ڪري پنهنجي نالي سان ڄاڻائي 22 هون گريڊ حاصل ڪري ورتو،،، هائير ايجوڪيشن ڪميشن 22 هون گريڊ حاصل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڇهن سينيئر پروفيسرن تي مشتمل جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي،،، جاچ ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ ڪنووينر، ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر خيرپور يونيورسٽي، ڊاڪٽر رسول بخش مهر مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ٻيا شامل،،، پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ تي گائيڊ ۽ اڳوڻي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون کي 22هون گريڊ ۽ ڪشن چند مڪواڻو کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان نوازيو ويو *** سکر جي خانگي اسڪول ۾تقريب، معصوم زينب کي ڀيٽا پيش،،، اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اهڙا و اقعا افسوسناڪ آهن: اڳواڻ،،، ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي *** ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ پروفيسر حسن ظفر جو لاش هٿ،،، پوليس طرفان آندل لاش تي ڪنهن به قسم جي تشدد جا نشان نه آهن ۽ سندس موت طبي ٿي سگهي ٿو: ڊاڪٽر ***

قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ جعلي پي ايڇ ڊي جي ڊگري جو انڪشاف،سند ڏيندڙ ترقي به ماڻي ورتي


2018-01-15

نوابشاهه (رپورٽ: انور عباسي) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ اربين روپين جي مبينه ڪرپشن بعد پي ايڇ ڊي جي ڊگري جي چوري پڻ سامهون اچي وئي، يونيورسٽي جي هڪ استاد ماحوليات جي موضوع تي چين جي هڪ ڏاهي عورت جو لکيل تحقيقي مقالو لفظي ڦير ڦار ڪري پنهنجي نالي سان ڄاڻائي 22 هون گريد حاصل ڪري ورتو، سندس گائيڊ ۽ اڳوڻي پرووائيس چانسلر پروفيسر سليم سمون بنا تصديق ۽ جاچ جي چوري ٿيل مقالو قبول ڪرائي يونيورسٽي جو پرووائيس چانسلر بڻجي ويو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران انهيءَ عالمي، علمي چوريءَ جو سخت نوٽيس وٺندي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڪشن چند مڪواڻو ۽ سندس گائيڊ پروفيسر سليم سمون خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، هيڪ اسلام آباد پاران ڇهن پروفيسرن تي مشتمل ڪاميٽي جاچ ڪندي، خبر موجب قائد عوام انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي يونيورسٽي نوابشاهه اندر ترقياتي ڪمن جي مد ۾ مبينه اربين روپين جي سنگين ڪرپشن جا انڪشاف منظر عام تي اچڻ بعد يونيورسٽي اندر اعليٰ عهدو ۽ اڳيون گريڊ حاصل ڪرڻ لاءِ علم جي بين الاقوامي چوري جو انڪشاف ٿيو آهي، انهيءَ حوالي سان مليل دستاويزي ثبوتن موجب هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران قائد عوام يونيورسٽي جي اڳوڻي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ۽ يونيورسٽي جي هڪ استاد ڪشن چند مڪواڻو خلاف پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي هڪ محقق ۽ ڏاهي عورت “زوزويائو وانگ” جو تحقيقي مقالو چورائي پنهنجي نالي سان تحقيق ڄاڻائي 22 هون گريڊ حاصل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڇهن سينئر پروفيسرن تي مشتمل جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي، جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ميمرن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ ڪنووينر، ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر خيرپور يونيورسٽي، ڊاڪٽر رسول بخش مهر مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، ڊاڪٽر لياقت ميمڻ ڊائريڪٽر QEC نوابشاهه، ڊاڪٽر ابراهيم چنه ۽ ڊاڪٽر عبداناصر لغاري قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه شامل آهن، مليل دستاويزن موجب ڪشن چند مڪواڻو 2015 ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ “ڪراچي ۽ حيدرآباد شهرن ۾ آلودگي جي جاچ ۽ انهن جي گهٽتائي جي طريقن” جي نالي سان تحقيقي مقالو چپرايو جيڪو در حقيقت ۾ چين جي هڪ محقق ڏاهي عورت “زوزويائو وانگ” جو لکيل “ايئر ڪوالئيٽي مينيجمنٽ ان چائنه: اشوز، چيلينجز ايند آپشنز” تان کنيو ويو آهي جيڪو چين جي محقق سال 2012 ۾ شايع ڪرايو هيو هاير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد انهيءَ عالمي چوري جي انڪشاف بعد مذڪوره 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي جنهن جي ابتدائي گڏجاڻي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ٿي چڪي آهي، هيڪ اختيارين قائد عوام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي 60 ڏينهن اندر علم جي انهيءَ عالمي چوري بابت جاچ مڪمل ڪري، واضح رهي ته انهيءَ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ تي گائيڊ ۽ اڳوڻي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون کي 22هون گريڊ ڏنو ويو ۽ چورايل تحقيق پيش ڪندڙ ڪشن چند مڪواڻو کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان نوازيو ويو، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه اندر علم جي انهيءَ چوري واري معاملي بابت انڪوائري ڪاميٽي جي هڪ معزز ميمبر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هيڪ کي ڪنهن ثبوتن سان شڪايت ڪئي هُئي جنهن بعد اها انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته مذڪوره چوري بابت جاچ ڪاميٽي جي پهرين گڏجاڻي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ٿي ڪچي آهي ۽ ايندڙ گڏجاڻي چوري جي الزام هيٺ آيل ڪشن چند مڪواڻو کي طلب ڪيو ويندو، انهيءَ کانپوءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سندس گائيڊ پروفيسر سليم رضا سمون کي به ڪاميٽي آڏو پيش پوڻ لاءِ پابند بڻائي سگهجي ٿو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهيءَ حساس معاملي جي سمورن رخن کان جاچ ڪرڻ کانپوءِ چوري ثابت ٿين جي صورت ۾ پروفيسر سليم سمون جو 22 هون گريڊ ۽ انهيءَ گريڊ دوران ورتل سموريون مراعتون ۽ ڪشن چند مڪواڻو جي تحقيق چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سندس پي ايڇ ڊي جي ڊگري رد ٿي سگهي ٿي ۽ هيڪ ٻنهي ڄڻن خلاف وڌيڪ سنگين ڪاروائي ڪرڻ جو پڻ اختيار رکي ٿي، پي ايڇ ڊي جي مقالي چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڪشن چند مڪواڻو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مونکي اڃان تائين هيڪ يا جاچ ڪاميٽي پاران اهڙو ڪوبه ليٽر نه مليو آهي مون اهيو مقالو 2015 ڇپرايو هو ۽ مون انهيءَ ۾ چين جي ليکڪا عورت جو حوالو پڻ ڏنو آهي.



ٻيهر اين ٽي ايس ٽيسٽ بابت وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار، نتيجا برقرار


2017-12-06

ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ٽي ايس بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي سنڌ جي وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين ٽي ايس بابت درخواستن جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ ميرٽ تي ڏني هئي، پيپر رد ڪرڻ غيرقانوني آهي، اسان ٽيسٽ ۾ پاس ٿياسين، ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ غيرقانوني آهي، عدالت کي استدعا آهي ته سنڌ حڪومت کي ٻيهر پيپر وٺڻ واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد اين ٽي ايس نتيجن کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪا ڌر چاهي ته سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو. واضح رهي ته سنڌ جي وڏي وزير ٻيهر امتحان وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو جڏهن ته ميڊيڪل جي شاگردن اين ٽي ايس ٽيسٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.



انتها پسندي ۽ تشدد جي خلاف سنڌ سميت صوفين جو پيغام هڪ وڏي طاقت آهي: برفت


2017-11-29

ڄامشورو(رپورٽ:قاسم راڄڙ) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۽ اوقاف کاتي، حڪومت سنڌ جي گڏيل سهڪار سان ڪالهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ سنڌ صوفي ميلي جي تقريب ٿي گذري، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان منور علي مهيسر چيف ايڊمنسٽريسٽر اوقاف سنڌ ۽ سيڪريٽري بورڊ آف روينيو سنڌ هو. تقريب جي شروعات ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ڊائريڪٽر نعمت الله خلجي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ تقريب جي مقصدن تي روشني وڌي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته سنڌ سميت پورو پاڪستان صوفي بزرگن جي سرزمين آهي، جن محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي، جن پنهنجي وطن سان پيار جو پيغام ڏنو آهي. ڊاڪٽر برفت چيو ته صوفي ازم انتهاپسندي ۽ تشدد جو ڀرپور جواب آهي. اسين سڀ پاڪستاني امن سان پيار ڪندڙ آهيون. تصوف جي پيغام ۾ وڏي طاقت سمايل آهي، جنهن ذريعي پاڻ امن ۽ پيار جي دشمنن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر برفت ڪامياب سنڌ صوفي ميلو ڪرائڻ تي اوقاف کاتي سنڌ سميت سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ٽيم کي به مبارڪون ڏنيون، جن جي گڏيل محنت سان هي اهم ميلو منعقد ٿيو. ڊاڪٽر برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽي پُرامن يونيورسٽي آهي ۽ هتي پڙهندڙ شاگرد، شاگردياڻيون توڙي استاد، آفيسر ۽ ٻيو اسٽاف پنهنجي يونيورسٽيءَ سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا ۽ پنهنجي قابليت ۽ محنت جي حوالي سان منفرد حيثيت رکن ٿا. هي سڀ منهنجي طاقت آهن ۽ اسين سڀ گڏجي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وقار اڃا بلند ڪنداسين. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي اوقاف سنڌ جي چيف ايڊمنسٽريٽر منور علي مهيسر سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سميت انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ٽيم جي سهڪار جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي سنڌ صوفي ميلو سنڌ جي تاريخ جو منفرد ميلو آهي، جتي هڪ ئي وقت 7 درگاهن جا سُنگ پنهنجو صوفياڻو رنگ پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حيدرآباد ڪلب سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هيءَ تقريب ڪرڻ جو مقصد  نوجوان نسل تائين صوفي بزرگن جو پيغام پهچائڻ آهي، جيڪو امن ۽ محبت ڀريو آهي ۽ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته ان سلسلي ۾ اسان کي توقع کان وڌيڪ موٽ ملي آهي. سنڌ صوفي ميلي ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارن جي وڏي تعداد شريڪ ٿي اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي تصوف سان پيار ڪندڙ آهن ۽ امن جي ڳالهه ڪندڙ آهن. ان موقعي تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست، قادر بخش بيدل، شاهه عنايت شهيد سميت مختلف درگاهن جي سُنگ صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا، جڏهن ته تقريب جي ڪمپيئرنگ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ نامور آرٽسٽ سعيد احمد منگي ڪئي.



جيڪب آباد ۾ مانيٽرنگ ٽيم جا اسڪولن تي ڇاپا، ڪيترائي زبون حال، 70 استاد ۽ 30 نان ٽيچنگ عملو غائب


2017-11-15

جيڪب آباد (ڊر) ڪروڙين رپين اسڪولن جي مرمت ۾ خرچ ڪرڻ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو مانٽرنگ ٽيم جا اسڪولن تي ڇاپا مڙئي اسڪول زبون هال بڻيل ،هاءِ ڪورٽ جي جوڙيل ايجوڪيشن مانيٽرنگ ٽيم جا جيڪب آباد، شيرانپور،دائو جهانپور، تاجو ديرو، گلاب ماڙي، ميرانپور ٻرڙو جي 17 بوائيز گرلز پرائمري، مڊل، هاءِ اسڪولن تي اوچتا ڇاپا، 70 استاد، 30 نان ٽيچنگ عملو ڊيوٽين تان غير حاضر، دائو جهانپور پرائمري اسڪول ۾ 10 چوڪيدار مقرر، تاجو ديرو اسڪول گذريل 5 سالن کان بند، گلاب ماڙي ۾ هڪ گرلس پرائمري اسڪول سرزمين تان غائب ريڪارڊ ۾ موجود، گلاب ماڙي ۾ ڳوٺاڻن چوڪيدار کي ڊيوٽي ڪرڻ کان ورڪي ڇڏيو، دوري دوران گلاب ماڙي ۾ بنا در، درين، فرنيچر ۽ بانڊري وال کان محروم نياڻن جو اسڪول موجود، اسڪولن جي تباهي جا ڀوائتا منظر، مانيٽرنگ ٽيم حيران پريشان خبر موجب : ايجوڪيشن مانيٽرنگ ٽيم ايڊوڪيٽ احمد نواز پيچوهو، ڌرتي ٽي وي جي رپورٽر سينئرصحافي اشرف جان بروهي جي اڳواڻي ۾ پهريون ڇاپو ريلوي گرلس مڊل ۽ پرائمري اسڪول تي هنيو هيڊ ماسترياڻي به غير حاضر جتي 13 ليڊي ٽيچرس مان فقط هڪ ٽيچر موجود هئي سڀئي ڪلاس شاگردياڻين سان ڀريل هئا جيڪي بنا ٽيچر جي هلي رهيا هئا جڏهن ته هڪ پرائيويٽ ليڊي ٽيچر ٽيم کي ڏسي موقعي تي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب جڏهن ته اسڪول جا چوڪيدار پٽيولا ڊيوٽين تان غائب هجڻ ڪري اسڪول جون شاگردياڻيون صفائي ڪندي ۽ ٻوهاريون ڏيندي نظر آيون، ٻي پاسي ريلوي هاءِ اسڪول ۾ 13 مان 4 استاد حاضر 9 غير حاضر هئا ٽيم جي اطلاع تي هيڊ ماستر اشرف اعواڻ 9 وڳي اسڪول پهتو، هاءِ اسڪول ۾ 142 مان فقط 22 شاگرد حاضر هئا ٻيا ڪلاس روم خالي نظر آيا، ٻي پاسي پرائمري بوائيز ريلوي اسڪول ۾ 15 مان 10 ٽيچر حاضر 5 غير حاضر اسڪول عملي هڪ ڪلاس روم کي اسٽور بڻائي ڇڏيو جڏهن ته پٽيوالن جي هوندي اسڪول جي صفائي لاءِ ايس ايم سي مان 10 هزار روپيه خرچ ڏيکاريو، هوڏانهن سال ۾ ڪروڙين روپيه پگهارن ۽ ايس ايم سي فنڊن تي خرچ ڏيکاريندڙ شيران پور بوائيز اسڪول ۾ 11 استادن مان 7 حاضر 4 غير حاضر هئا ۽ سموري هاءِ اسڪول ۾ فقط 4 شاگرد حاضر هئا اسڪول عملو ٻار اسڪول جي ميدان تي ڪچهرين ۾ مصروف شاگرد ڪٿي آهي ٽيم جو سوال سائين لاباري ۾ مصروف آهي استاد ايس ايم سي جو ريڪاڊ سموري خرچ ٿي ويو ريڪارڊ ڪو نه آهي استاد، هوڏانهن دائو جهانپور بوائيز اسڪول جي 11 ٽيچرن 2 غير حاضر هئا جڏهن ته گرلس پرائمري اسڪول دائو جهانپور ايٽ منور خاصخيلي ۾ اسڪول ۾ 3 ٽيچرس موجود هيون جڏهن ته نينگريون پٽ تي ويهي پڙهندي نظر آيو جڏهن ته ٻن ڪمران واري اسڪول ۾ 10 چوڪيدار مقرر ڪيا هئا، هوڏانهن تاجي ديري ۾ سردار تاجو خان اوڍو جي بنگلي ڀر سان قائم مڊل اسڪول 3 سالن کان بند 6 ليڊي ٽيچرس جو عملو گهر ويٺي پگهار کڻڻ ۾ مصروف اسڪول جي بلڊنگ تباهه حال ڪيترن سالن کان بند پيل نظر آئي، هوڏانهن گلاب ماڙي ۾ گرلس پرائمري اسڪول ۾ 4 ليڊي ٽيچرس مان 2 غير حاضر هيون اسڪول بلڊنگ کي بونڊري وال نه هجڻ سبب ڳوٺاڻا اسڪول جي ٻنهي ڪمرن جا در پٽي ويا هئا جڏهن ته اسڪول بلڊنگ ۾ مڪمل زبون حال بڻيل هئي هڪ ڪمري ۾ 9 شاگردياڻين کي فقط ٻه ليڊي ٽيچر پڙهائي رهيون هيون ان موقعي تي دوداپور واسي اسڪول جي چوڪيدار ٻڌايو ته ڳوٺاڻا کيس ڊيوٽي ڪرڻ ڪو نه ڏيندا آهن چوندا هتي عورتون پرديدار آهن تون هتي نه ايندو ڪر هن ٻڌايو ته انهي ڪري اسڪول در پٽجي ويا ۽ فرنيچر چوري ٿي ويو آهي، جڏهن ته گلاب ماڙي مڊل اسڪول ريڪارڊ ۾ ته موجود آهي پر سرزمين تي نظر ئي ڪو نه آيو، جڏهن ته گلاب ماڙي بوائيز پرائمري اسڪول ۾ 10 مان 2 استاد غير حاضر 306 مان فقط 140 شاگرد حاضر هئا، گلام ماڙي مڊل بوائيز اسڪول ۾ 7 مان 5 حاضر 2 غير حاضر شاگرد نالي ماتر نظر آيا، ٻي پاسي ميران پور ٻرڙو هاءِ اسڪول ۾ 10 مان 3 غير حاضر اسڪول ۾ جي فقط هڪ ڪمري ۾ نالي ماتر شاگرد نظر آيا باقي سمورا ڪمرا خالي نظر آيا جڏهن ته ايس ايم سي جو لک روپيه هجڻ باوجود هيڊ ماستر اسڪول جي ڀلائي تي خرچ نه ڪيا ٽيم پاران اسڪول جي بهتر تي خرچ ڪرڻ جو حڪم، جڏهن بوائيز پرائمري اسڪول ۾ 12 مان 3 استاد غير حاضر هئا. جڏهن ته ميرانپور گرلس مڊل اسڪول تي پوليس جو قبضو هجڻ سبب گرلس مڊل اسڪول ميران پور کي گرلس پرائمري اسڪول ميران پور ۾ شامل ڪيو ويو هو جٿي ٻنهي اسڪول کي ملائي 16 ليڊي ٽيچرس مان فقط 4 حاضر هيون 12 غير حاضر جڏهن ته اهي چارئي ٽيچر هڪ ڪمري ۾ فقط 6 شاگرياڻين کي پڙهائي رهيون هيون باقي اسڪول جا ڪمرا بند زبون حال جڏهن ته اسڪول کي ڪا بونڊري وال، باٿ روم، پيئڻ جي پاڻي جي ڪا به سهولت موجود نه هئ بانڊري وال نه هئڻ سبب اسڪول مان گذر جا رستا قائم ڪري ڇڏيا هئا جن کي ڳوٺاڻن ڊهنگر ڏيئي بند ڪيو هو، مٿي اسڪولن جي دوري دوران اسڪول جي تباهه بربادي استادن جي غير حاضر، شاگردن جي گهٽتائي سهولتن جي کوٽ اسڪولن جي تباهي جا منظر ڏسي ٽيم ميمبر مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهيا، احمد نواز پيچوهي چيو ته قوم سان تعليم کاتي جا آفيسر مذاق ڪري رهيا آهن ڪجهه به ڪو نه بچيو آهي جڏهن ته ڳوٺن جي دوري دوران عوام تعليم جي تباهي جو ذميوار تعليم کاتي جي آفيسرن کي قرار ڏيئي ڇڏيو



سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پري انٽري ٽيسٽ، هزارين اميدوارن اعليٰ تعليم ۽ روشن مستقبل لاءِ قسمت آزمائي


2017-11-13

ڄام شورو (ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ تعليمي سال 2018ع ۾  بيچلر  ڊگري  پروگرام (صبح ۽ شام وارين شفٽن)  ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽنگ سينٽر پاران علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄام شورو کان سواءِ لاڳاپيل ڪئمپسز دادو، ٺٽو، لاڙ ڪئمپس بدين، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو ۾ هڪ ئي وقت ورتي ويئي، جنهن ۾ مجموعي طور  4713 ڇوڪرين  سميت  ڪُل  21075 اميدوارن حصو ورتو. داخلا وٺڻ جي خواهشمند اميدوارن جي هڪ وڏي انگ علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄام شورو ۽ ان جي لاڳاپيل ڪئمپسز ۾ ٽيسٽ ڏني. انگن اکرن مطابق سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ. آءِ. قاضي ڪئمپس ڄام شورو ۾ 15368 ميل ۽ 4421 فيميل اميدوارن سميت ڪُل 19789 اميدوارن ٽيسٽ ڏني. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي لاڙڪاڻو ڪئمپس ۾ 127 ميل ۽ 38 فيميل اميدوارن سميت ڪل 165، ميرپورخاص ڪئمپس ۾ 236 ميل ۽ 62 فيميل اميدوارن سميت ڪُل 298، لاڙ ڪئمپس بدين ۾ 200 ميل ۽ 49 فيميل اميدوارن سميت ڪُل 249، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئمپس دادو ۾ 345 ميل ۽ 120 فيميل اميدوارن سميت ڪُل 465 ۽ ٺٽو ڪئمپس ۾ 86 ميل ۽ 23 فيميل اميدوارن سميت ڪُل 109 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. اهڙي ريت علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو سميت سمورن لاڳاپيل ڪئمپسز ۾ مجموعي طور 16362 ميل ۽ 4713 فيميل اميدوارن سميت ڪُل 21075  اميدوارن انٽري ٽيسٽ ۾ پنهنجي قسمت آزمائي. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران انٽري ٽيسٽ جي سلسلي ۾ فول پروف انتظام ڪيا ويا هئا، جن ۾ سيڪيورٽي، واڪ ٿرو گيٽس، سيٽنگ ارينجمينٽ، اسٽيشنري، پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي، ترت طبي امداد، ڊاڪٽرن، ايمبولينس جي موجودگي، مختلف هنڌن تي هيلپ ڊيسڪون شامل هيون. ٽيسٽ دؤران اميدوارن توڙي ساڻن گڏ آيل والدين ۽ مائٽن جي مسلسل رهنمائيءَ لاءِ جديد ۽ اثرائتي سائونڊ مڪينزم ذريعي ضروري هدايتون ڏيڻ جو سلسلو پڻ ڪاميابيءَ سان جاري رهيو، جنهن کي اميدوارن توڙي ساڻن گڏ آيل مائٽن پاران تمام گهڻو ساراهيو ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ جون پوائنٽ بسون پنهنجن مقرر ڪيل رستن تان اميدوارن کي کڻي ڪئمپس تي پهتيون. ميل ۽ فيميل اميدوارن توڙي انهن جي والدين ۽ اسٽاف جي اچ وڃ لاءِ ڌار ڌار رستا مقرر ڪيا ويا هئا، جنهن سبب انهن کي ٽيسٽ سينٽرن تائين رسائي توڙي ٽيسٽ جي پڄاڻيءَ تي اتان واپسيءَ ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه آئي. علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس تي اميدوارن سان گڏ ايندڙ خواتين لاءِ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو هو ۽ مردن لاءِ مادر ملت فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۾ ويهڻ جو مڪمل بندوبست ٿيل هو. جڏهن ته ڪار پارڪنگ جو انتظام علامه آءِ آءِ قاضي جامع مسجد کان علاوه علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار سامهون ۽ مادر ملت محترمه فاطمه جناح گرلس جمنازيم ڀرسان پڻ ڪيو ويو هو. مقرر ڪيل لاڳاپيل عملي اميدوارن جون سلپون چيڪ ڪري کين امتحاني سينٽرن ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي خصوصي هدايتن تي پهريون ڀيرو بيورو آف اسٽيگس ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس پاران 150 ميل ۽ فيميل شاگردن تي مشتمل هڪ رضاڪار دستو تيار ڪيو ويو هو، جنهن کي اميدوارن جي رهنمائي ڪرڻ جي خاص ذميواري سونپي ويئي هئي. اميدوارن پاران ٽيسٽ جي پڄاڻيءَ تي ڏنل راين مطابق ان رضاڪار دستي جي ڪارڪردگي تمام گهڻي لاڀائتي ۽ مددگار ثابت ٿي. پري انٽري ٽيسٽ جي لاءِ مختلف ڊينز ۽ سينڊيڪيٽ جي ميمبرن تي مشتمل وجيلينس ڪميٽين مختلف سينٽرن تي وڃي امتحاني عمل جو جائزو ورتو. ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت اميدوارن کي ٽيسٽ ۾ ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جو قديم ترين، وڏي ۾ وڏو ۽ هڪ تمام قابل اعتماد تعليمي ادارو آهي، جنهن ۾ هر اُها سهولت ميسر آهي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به ٻي بهترين يونيورسٽي ۾ موجود آهي. هن چيو ته کيس اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻو فخر محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا اڍائي سؤ کان وڌيڪ استاد دنيا جي ترقي يافته ملڪن مان پي ايڇ ڊي ڪيل آهن، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ استادن پاڪستان مان پي ايڇ ڊي جي تعليم مڪمل ڪئي آهي. 150 کان وڌيڪ استادن ايم فل پوري ڪري ڇڏي آهي ۽ وڌيڪ 100 استاد ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن. ڊاڪٽر برفت وڌيڪ چيو ته معيار کان سواءِ اعليٰ تعليم جو ڪو به فائدو نه آهي، ان حقيقت کي مدنظر رکندي هن وائيس چانسلر جو عهدو سنڀالڻ شرط يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي معيار جي واڌاري لاءِ هڪ جامع ڪوالٽي انهانسمينٽ پاليسي جوڙڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ايندڙ سال جنوريءَ ۾ تعليمي سال جي شروع ٿيڻ سان لاڳو ٿي ويندي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي تيزيءَ سان مينوئل کان ڊجيٽل ۽ آن لائين سرشتي طرف وڃي رهي آهي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ يونيورسٽيءَ جو سمورو ڪاروهنوار ڊجيٽل ۽ آن لائين سرشتي تحت هلايو ويندو. ڊاڪٽر برفت چيو ته هي “نالج اڪانامي” جو دؤر آهي. ان تصور مطابق امير ترين ۽ خوش ترين فرد توڙي معاشرو اهو ئي هوندو، جنهن وٽ وڌ کان وڌ اعليٰ تعليم ذريعي حاصل ڪيل صلاحيت هوندي. هن چيو ته پاڪستان جي اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آهي، جيستائين اها اڌ آبادي پاڪستان جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندي، تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو ۽ عورتن واري آبادي تڏهن ئي ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري ۾ حصو وٺي سگهندي جڏهن هنن وٽ اعليٰ تعليم هوندي. يونيورسٽين جو ڪردار ان پس منظر ۾ تمام گهڻو اهم بڻجي ٿو. ڊاڪٽر برفت چيو ته کيس اهو ڏسي انتهائي سرهائي ٿي رهي آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ مرد توڙي عورت اميدوارن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. گذريل سال علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار مرد اميدوارن ۽ 3000 عورت اميدوارن داخلا لاءِ اپلاءِ ڪيو هو، جڏهن ته هن سال 15368 مرد اميدوارن ۽ 4421 عورت اميدوارن داخلا لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ مٿان شاگردن، والدين ۽ معاشري جي ساڃاهه وند طبقن جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي.  ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر برفت چيو ته هن جي علم ۽ مشاهدي مطابق سن



جيڪب آباد ۾ مانيٽرنگ ٽيم جا جيڪب آباد جي 6 سرڪاري اسڪولن جا دورا، ڪيترائي استاد ۽ ماسترياڻيون غير حاضر


2017-11-08

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ هاءِ ڪورٽ جي جوڙيل ايجوڪيشن مانيٽرنگ ٽيم جا جيڪب آباد جي 6 سرڪاري اسڪولن جا اوچتا دورا، ڪيترائي استاد سڳورا عملي سميت توڙي ماسترياڻيون ڊيوٽين تان غير حاضر، ڪجهه اسڪولن ۾ وري استاد گهڻا شاگرد گهٽ، اسڪولن جون بلڊنگو زبون ،فرنيچر جي کوٽ، جديد دور ۾ جيڪب آباد شهر جي هڪ اسڪول ۾ وڻ هيٺان پٽ تي ويهي ٻارڙا تعليم پرائڻ تي مجبور، تعليم کاتي جيڪب آباد جي حالت صوماليا کان به بد تر، چيئرمين کي غير حاضر ۽ جعلي استادن کي هٽائڻ جي تجويز هڪ اسڪول جي ڪلاس روم ۾ فرنيچر خراب ٿيندي نظر آيو خبر موجب: هاءِ ڪورٽ جي جوڙيل ايجوڪيشن مانيٽرنگ ٽيم ڊسٽرڪٽ بار جي صدر احمد نواز پيچوهو، صحافي اشرف جان بروهي اڳواڻي ۾ جيڪب آباد شهر جي مختلف بوائز ۽ گرلس اسڪولن جي اوچتا ڇاپا هڻي ڪيترن ئي استادن توڙي ماسترياڻي کي غير حاضر ڪري ڇڏيو سڀ کان پهريون ٽيم ڦول باغ ڪيمپس اسڪول گرلس اينڊ بوائز جو دورو ڪيو، بوائز سيڪش ۾ 7 جي جاءِ تي 20 استاد مقرر هئا جنهن مان به 7 استاد غير حاضر هئا، اسڪول ۾ هڪ چوڪيدار ۽ هڪ پٽيوالي جي جاءِ 4 چوڪيدار 9 پٽيولا مقرر هئا هيڊ ماستر موجب آفيسرن موڪليا آهن اسانکي انهن جي ضرورت ڪو نه آهي، جڏهن گرلس سيڪشن ۾ به 4 جا جاءِ تي 8 ٽيچر مقرر هيون ان مان به ٻه غير حاضر اسڪول جي هڪ ڪلاس جون شاگرياڻيون جديد دور ۽ ڪروڙين روپين جي خرچا ڏيکارڻ باوجود به ورانڊي ۾ پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيون هيون ۽ پاڻي ۽ باٿ روم جا نظام به اڻپورا نظر آيا، هوڏانهن علي شير آفريدي بوائيز اسڪول ۾ به ضرورت کان وڌيڪ ٽيچر نظر آيا، جڏهن ته اسڪول جي اٺين درجي جي ڪلاس ۾ فقط ٻه شاگرد موجود هئا هوڏانهن بسم الله پرائمري اسڪول ۾ فقط ٻه ڪلاس روم هئا شاگرد گنجائش کان وڌيڪ هجڻ جي ڪري وڻ هيٺان زمين تي ويهي به تعليم پرائي رهيا هئا جڏهن ته اسڪول جا استاد سچائي سان ٻارن کي پڙهائيندي نظر آيا مانيٽرنگ ٽيم بسم الله باغ اسڪول کي بهتر اسڪول ۽ استادن کي محنتي قرار ڏنو، ٻي پاسي صوفي گلبهار گرلس اسڪول جي دور دوران اسڪول مان هيڊ ماسترياڻي غير حاضر هئي ۽ اسڪول ۾ شاگردياڻيون وڌيڪ نظر آيون ليڊي ٽيچر گهٽ، شهر جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ جڏهن ته صوفي گلبهار اسڪول ۾ جديد ۽ ضرورت کان به وڌيڪ فرنيچر نظر آيو جيڪو فضول ضايع ٿي رهيو آهي پر ٻين کي اسڪولن کي نه پيو ڏنو وڃي ، جڏهن علڻ جمالي گرلس اسڪول جت محلا جي دوري دوران سمورو نظام بهتر نظر آيو تعليم جي وڌاري ۽ بهتري لاءِ ماسترياڻيون ۽ عملو ايمانداري سان ڪم ڪندي نظر آيو جڏهن ته اسڪول جي ٻي حصي ۾ اسڪول جي تعميراتي ڪم ٻن سالن کان رولڙي جو شڪار هجڻ ڪري عملو پريشان نظر آيو، پوليس هيڊ ڪواٽر پرائمري اسڪول جي دور دوران واحد ليڊي ٽيچر ڪيتري عرصي کان غير حاضر هئي ۽ استادن جي پوري فوج مقرر شاگرد گهٽ نظر آيا،اسڪول ۾ هيڊ ماستر پاران ٻارڙن لاءِ جهولا ۽ پارڪ جو ڪم شروع ڪرائڻ تي هيڊ ماستر کي ٽيم جي شاباش، جڏهن سڀني اسڪولن ۾ ڪنهن به اسڪول جي انتظاميه پاران ايس ايم سي فنڊن بابت اسڪولن تي خرچ ڪرڻ جي مد ۾ حساب ڏيڻ ۾ بري طرح سان ناڪام ويا ٽيم جي اڳواڻن ٻڌايو ته اسان چيئرمين مانيٽرنگ ٽيم ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر شاه جي صدارت ۾ ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ تعليم کاتي جي غير حاضر اسٽاف، ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي بلڊنگس جي تعمير ۾ ڪرپشن، ايس ايم سي جي غلط استعمال، فرنيچر، جعلي ڀرتين، تعليم کاتي جي آفيسرن جي ڪرپشن، غير حاضر توڙي جعلي استادن کي هٽائڻ سميت تعليم کاتي ۾ بد انتظامي بابت سفارشون ڪيون آهن جڏهن ته اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.



ٺل ويجھو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾گرلس اسڪول جي ڀت ڪري پئي،4 شاگردياڻيون شديد زخمي


2017-11-04

ٺل(ن. هلچل) ٺل ويجھو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾گرلس اسڪول جي ڀت ڪري پئي،4 شاگردياڻيون شديد زخمي اسپتال منتقل، ڊائيور گرفتار،شاگردياڻين جي وارثن جو اسپتال انتظاميه خلاف مظاهرو خبر موجب ٺل ويجھو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وارثڏنو نوناري ۾ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول وارثڏنو نوناري جي چوديواري جي ڀت سان ٽريڪٽر جو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول جي ڀت ڪري پئي حادثي سبب 12 سالن جي اقراءِ،10 سالن جي صدرا نوناري، 14 سالن جي صدف نوناري ۽ 5 سالن جي سياڻي نوناري شديد زخمي ٿي پيون جنهن کي ٺل جي سرڪاري اسپتال داخل ڪرايو ويو جڏهن ته پوليس ٽريڪٽر ڊائيور کي پڻ گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب زخمي ٿيل شاگردياڻيون تڙپنديون رهيون اهڙي واقعي خلاف شاگردياڻين جي وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مطاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن مظاهرين استاد نظير نوناري، حفيظ الله نوناري، محبوب علي نوناري ۽ ٻين چيو ته اسڪول ۾ ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل شاگردياڻين کي اسپتال پهچايو ويو پر اتي 3 ڪلاڪن اندر ڪوبه ڊاڪٽر نه پهتو جنهن ڪري شاگردياڻيون تڙپنديون رهيون جنهن ڪري زخمي ٿيل شاگردياڻين جي حالت خراب ٿي وئي هنن گهر ڪئي ته لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي



قاضي احمد ۾  ڳوٺ بادو مھر ۾  قائم ٿيل  گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول گذريل 6 مھينن کان بند


2017-11-04

قاضي احمد (رپورٽ: نبي بخش کوسو)قاضي احمد لڳ  ڳوٺ بادو مھر ۾  قائم ٿيل  گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول گذريل 6 مھينن کان بند آھي اسڪول ۾ مقرر ڪيل ٽيچر اسڪولي شاگردياڻين کي نه پڙھائڻ جو قسم کڻي ورتو ،سندس لاپرواهي ۽ گوسٽ ھجڻ سبب معصوم شاگردياڻين جي تعليم تباھ ٿيڻ لڳي ،ناز گونمينٽ گرلس هاء اسڪول جي اڳوڻي رٽائرڊ ھيڊ ماسترياڻي جي نياڻي جيڪا مذڪوره اسڪول ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ لاء مقرر ڪيو ويو پر تعليم کاتي اندر بائيو ميٽرڪ جي نظام هجڻ باوجود ڪافي عرصي کان اسڪول ۾ مقرر ليڊي ٽيچر اسڪول مان غير حاضر آھي ڳوٺاڻا ،ان سلسلي ۾  ڳوٺائڻ دانھيندي ٻدايو تہ  اسڪول ۾ مقرر اين، ٽي ،ايس ٽيچر اسڪول جو ريڪاڊ کڻي تالا لڳائي گم ٿي وئي آھي جنھن جي شڪايت تعلقا ايجوڪيشن آفيسر چيف مانٽر آفيسر ۽ ٻين اعلي عملدارن کي ڪيون ويون آھن پر اڃان تائين ڪجھ به  نہ  ٿيو آھي ڳوٺاڻن پ پ پ جي اعلي قيادت کان  مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي  تہ مذڪوره گوسٽ  ٽيچر خلاف ايڪشن کڻي ٻارن جو تباھ  مستقبل بچايو وڃي.



خوف جي خاتمي لاءِ هزارين شاگردياڻين ۽ شاگردن پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ جاڳرتا جلوس


2017-11-01

ڄام شورو (رپورٽ: قاسم راڄڙ) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻين ۽ شاگردن هزارن جي تعداد ۾ “سنڌ يونيورسٽي – محفوظ يونيورسٽي” ريليءَ ۾ شريڪ ٿي تعليم دشمن عنصرن جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي غير محفوظ هجڻ واري تاثر کي رد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڪالهه صبح جو ڏهين وڳي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا طرفان علامه آءِ.آءِ. قاضي جي مزار کان سينٽرل لائبريري تائين “سنڌ يونيورسٽي – محفوظ يونيورسٽي” جي عنوان سان ريلي ڪڍي ويئي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. شريڪ ٿيندڙن ۾ گهڻو تعداد شاگردياڻين جو هو. ان موقعي تي شاگردياڻين ۽ شاگردن طرفان پاڻ سان پلي ڪارڊ آندا ويا هئا، جن تي سنڌ يونيورسٽيءَ سان پيار، وائيس چانسلر جي حمايت ۽ استادن تي اعتماد وارا نعرا لکيل هئا. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل هن ريليءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪئمپسز جي پي وي سيز، ڊائريڪٽرز، شعبن جي چيئرمينن سميت استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو جوش، جذبو ڏسڻ وٽان هو، جيڪي سنڌ يونيورسٽي، محفوظ يونيورسٽي، قدم وڌايو وائيس چانسلر، اسان توهان سان گڏ آهيون، ناڪام ٿينديون ناڪام ٿينديون سازشون ناڪام ٿينديون، سنڌ يونيورسٽي زندهه باد سميت مختلف نعرا هڻي رهيا هئا. علامه آءِ. آءِ قاضي سينٽرل لائبريري وٽ ريليءَ کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته اڄوڪي ريليءَ ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن جي ايڏي وڏي انگ شريڪ ٿي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي محفوظ يونيورسٽي آهي. تعليم دشمن عنصر هن بابت جيڪا پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن، اها غلط آهي. ڊاڪٽر برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سڀ ٻار منهنجي ٻچن جيان آهن ۽ انهن جي حفاظت اولاد وانگر ڪري رهيو آهيان ۽ ڪندو رهندس. ڊاڪٽر برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي بهترين يونيورسٽي آهي، جنهن مان پڙهيل ماڻهو اڄ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر مختلف شعبن ۾ اهم انتظامي عهدن تي پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن. سازشي عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيندا. سنڌ يونيورسٽي پنهنجي ساڳئي وقار سان سدائين قائم رهڻي آهي ۽ قائم رهندي. ڊاڪٽر برفت پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ هتي گڏجڻ جو مقصد اهو آهي ته هن اداري کي تباهه ڪندڙن جي سازشن کي گڏجي ناڪام بڻايون ۽ اهو پيغام ڏيون ته ڪجهه مخصوص عنصرن طرفان سوشل ميڊيا وغيره تي هٿ وٺي ٺهيل ٺڪيل منصوبي تحت جيڪا پروپئگنڊا ڪئي پيئي وڃي، اها غلط آهي. سنڌ يونيورسٽي محفوظ يونيورسٽي آهي، جتي اسين سڀ هڪ ٻئي جي عزتن جا محافظ آهيون. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته هٿ وٺي پيدا ڪيل اهڙي صورتحال باوجود هن سال ماسٽرز ۽ بيچلرز جي انٽري ٽيسٽ ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جو تعداد وڌڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته يونيورسٽيءَ تي نياڻين سان گڏ سندن والدين جو اعتماد ساڳئي نموني قائم آهي. ڊاڪٽر برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽي غريب عوام جي آخري اميد آهي. ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ هتي فيس به گهٽ آهي ته تعليمي معيار به بهترين آهي. اڄ مان فخر سان چوان ٿو ته سنڌ يونيورسٽي عظيم يونيورسٽي آهي، هتان جا استاد به عظيم آهن. هن چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ هراسمينٽ جي مسئلن جي شڪايت ٻڌڻ ۽ ان جي جاچ لهڻ جو هڪڙو سسٽم موجود آهي، پر باوجود ان جي سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين وٽ منهنجو موبائل نمبر به موجود آهي، ڪا به شڪايت سڌو سنئون مون کي ڪري سگهجي ٿي ۽ هر شڪايت جي جاچ به ٿيندي، ازالو به ٿيندو، انصاف به ٿيندو. ڊاڪٽر برفت چيو ته مسئلا پوري دنيا ۾ ٿين ٿا، سڀني ادارن ۾ ٿين ٿا، پر جهڙي نموني هٿ وٺي هڪ منظم سازش تحت سنڌ يونيورسٽيءَ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي، اهو افسوسناڪ آهي. اچو ته اسين سڀئي گڏجي انهن سازشن کي ناڪام بڻايون. ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پي وي سي ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي چيو ته هيءَ جيڪا غلط پروپئگنڊا ٿي رهي آهي، ان جو مقصد يونيورسٽيءَ جي وقار کي ڇيهو رسائڻ آهي، جنهن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسان جي اولاد وانگر آهن، انهن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي ۽ اسين پنهنجي اها ذميواري ڀرپور نموني پوري ڪري رهيا آهيون. سنڌ يونيورسٽي محفوظ يونيورسٽي آهي. ڊين فئڪلٽي آف فارميسي ڊاڪٽر عبدالله دايو چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي بهترين يونيورسٽي آهي، جنهن جي پوري دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ آهي. جيڪي عنصر ان جي ساک کي خراب ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. ڊين فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ڊاڪٽر صالحه پروين چيو ته سنڌ يونيورسٽي خلاف ٿيندڙ سڀئي سازشون ناڪام ٿي وينديون ۽ سازشي عنصرن جا مقصد اڻپورا رهجي ويندا. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سڀ ٻار استادن لاءِ اولاد وانگر آهي ۽ ان حوالي سان ڦهلايل غلط تاثر بلڪل ئي بي بنياد آهي. سوٽا جي صدر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته سوشل ميڊيا تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي حوالي سان هلندڙ غلط پروپئگنڊا افسوسناڪ آهي. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته سوشل ميڊيا وغيره تي جيڪي قانون جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي ئي قانون شڪني ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهڙو ڪو به ماحول ناهي، هتي اعتماد ۽ حفاظت وارو ماحول آهي. اسين استاد شاگردن جا ماءُ ۽ پيءُ آهيون. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي الزام تراشي ۽ ڪردار ڪشي وارو رويو ختم ڪرڻ گهرجي. فلاسافي شعبي جي چيئر پرسن امر سنڌو چيو ته جهڙي نموني سنڌ يونيورسٽي جو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، اهو انتهائي غلط آهي. قانون کان ڪو به مٿانهون ناهي، پر جاچ جي نتيجن کان اڳ هن قسم جي پروپئگنڊا غلط آهي. سينٽر فار هيلٿ، فزيڪل ايجوڪيشن اينڊ اسپورٽس سائنسز جي شاگردياڻي سيما ڏاهري چيو ته مان هڪ شاگردياٻڻي جي حيثيت ۾ ايمانداري ۽ سچائيءَ سان چوان ٿي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهڙي قسم جي ڪا به صورتحال ناهي، جيڪا پيش ڪئي پيئي وڃي. هي هٿ وٺي سازش ڪئي پيئي وڃي، هي نياڻين کي تعليم کان روڪڻ جي سازش آهي، جنهن کي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي.



سرحد ڀرسان سرڪاري اسڪول پير عطاءُ الله شاهه جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار


2017-10-31

سرحد(ن هلچل) سرحد ڀرسان سرڪاري اسڪول پير عطاءُ الله شاهه جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار، ڇت جا چاپڙ روزانو ٻارڙن جي مٿان ڪرڻ لڳا جنهن سبب ٻارڙا کليل آسمان هيٺ پٽ تي ويهي علم پرائڻ لڳا.اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي تمام گھڻي کوٽ آهي ،اسڪول کي نه بائونڊري وال، نه ئي گيٽ، نه ئي باٿ روم ۽ نه ئي صاف پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست.اسڪول جي هيڊ ماسٽر پاران چوڪيدار تي چوري ڪري گھر کڻي وڃڻ جو الزام ۽ چوڪيدار پاران هيڊ ماستر تي الزام. تفصيل موجب سرحد ڀرسان ڳوٺ پير عطاءُ الله شاهه جي سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ جي حالت تمام گھڻي زبون حالي جو شڪار آهي جتي اسڪول جي ڪلاسن جي ڇتن جا چاپڙ روزاني ڪري رهيا آهن جنهن سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. اسڪول جي اندر ڪنهن به قسم جي بنيادي سهولت بائونڊري وال، مين گيٽ، باٿ روم، ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڪابه سهولت موجود نه آهي. اسڪول جي هيڊ ماسٽر محمد شعبان مهر جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ 74 شاگرد داخل آهن جنهن جي پڙهائي لاءِ هڪ استاد عبدالمجيد ميراڻِي مقرر ٿيل آهي جيڪو 8 مهينن کان اسڪول مان غير حاضر آهي جنهن جي شڪايت مون اعليٰ آفيسرن کي به ڪئي آهي. هيڊ ماستر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسڪول جو سامان دروازا، دريون، پکا، بينچون، سرون ۽ ٻيو سامان اسڪول جو چوڪيدار ڪرم الله نوناري چوري ڪري ويو آهي جنهن جي شڪايت لکت ۾ اعليٰ آفيسرن کي پڻ ڏني آهي. هوڏانهن اسڪول جي چوڪيدار ڪرم الله نوناري جو چوڻ آهي ته اسڪول جي هيڊ ماستر ڏانهن منهنجا ڏيڍ لک روپيه آهن جيڪي مونکان سروس بوڪ جي لاءِ ورتاٰءَ هئا ۽ هاڻي پئيسا واپس گھرڻ تي هو مون مٿان الزام هڻي رهيو آهي، وڌيڪ هن جو چوڻ هو ته اسڪول جا دروازا ۽ دريون منهنجي گھر موجود آهن هيڊ ماستر جي کڻي وڃڻ جي ڊپ کان اهو سامان گھر کڻي رکيو آهي جنهن جي ڄاڻ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کي پڻ آهي.



E-Paper




Jobs




Advertising