عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، جمهوريت احتساب کان سواءِ نٿي هلي سگهي: بلاول، 2014ع ۾ جمهوريت تي حملو ڪرڻ ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هيو، پي ٽي آئي کي اسرائيل ۽ ڀارت پاران فنڊنگ واري ڳالهه اوهان سڀني کي خبر آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاران ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي بيمارين واري جديد اسپتال جو افتتاح، شيو مندر ۾ تقريب کي خطاب ۽ هندو برداري سان ڏياري جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار * غير موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو: نواز شريف، اسان جي مخالفن کي چونڊي چونڊي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته پانامه الزام تي فيصلو اچي اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ پسند جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا انهن جو فيصلو انصاف جو قتل آهي، اقامه تي فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو انصاف ٿيو آهي يا انصاف جو قتل ٿيو آهي * اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف 22 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو * دهشتگردي خلاف جنگ: ڊرون جي بمباري ۽ طالبان جا حملا، 50 ڄڻا مارجي ويا، آمريڪي ڊرون پاڪ، افغان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو وٺي ٻه ميزائل گولا فائر ڪيا، 4 دهشتگرد مارجي ويا، جماعت الاحرار ڪمانڊر عمر خالد خراساني ڊرون حملي ۾ مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اسان جو ڪمانڊر مارجي چڪو آهي: ترجمان اسد، افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ فوج جي اڏي تي ٻه ڪار بم آپگهاتي ڌماڪا طالبان جي حملي ۾ 40 فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، گاڏيون تباهه، افغانستان ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرون حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ ۲ طالبان اڳواڻن سوڌو ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا آهن: طالبان جي دعويٰ، آمريڪي ڊرون حملو ۲۴ ڪلاڪن اندر باتي ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ۾ ڪيو ويو، حملي ۾ دهشتگردن جون گاڏيون ۽ هٿيار پڻ تباهه ٿيا: افغان عملدار * جوهري ڊيل بچائڻ لاءِ يورپ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري: ايراني سپريم ليڊر، جيڪڏهن يورپ ان ڊيل تي ڪاربند رهي ٿو ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو رهندو، يورپي ملڪن کي آمريڪا تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته اهو ان جوهري معاهدي تان هٿ نه کڻي * ڪوئيٽا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، ۳ دهشتگرد مارجي ويا، پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪار ڪارروائي لاءِ پهتا ته ملزمن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ۳ دهشتگرد مارجي ويا. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا * مستونگ وچ بازار ۾ بم ڌماڪو، 10 ڄڻا زخمي، دستي بم ڌماڪو صفر خان چوڪ تي ٿيو، سمورن زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي: پوليس * ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ۷ اهلڪارن جي نصيرآباد، صحبت پور ۽ اوستا محمد ۾ تدفين * ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سي ٽي ڊي انسپيڪٽر شهيد، قمبراڻي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن سي ٽي ڊي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ سي ٽي ڊي انسپيڪٽر عبدالسلام شهيد ٿي ويو * پاڪستان جي ٻن سرحدن تي موجود ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڏيڻ چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي وزير، جيترو عرصو گهربل ٿيو اسان هتي رهنداسين، طالبان ۽ ٻيا اهو ڄاڻي وٺن ته اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون، افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اهم عنصر آهن، ڀارت جو اهم ڪردار اهو آهي ته اهو افغانستان ۾ ترقياتي ڪمن ۾ مدد ڪري * سزا پهريان ٻڌائي وئي، ٽرائل پوءِ ٿي رهيو آهي: مريم نواز، پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته سيسلين مافيا عدالتن ۾ پيش ٿي رهي آهي، نواز شريف هن ئي هفتي جي آخر يا ايندڙ هفتي واپس اچي ويندو: ميڊيا سان ڳالهيون * بنون ۾ چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو، ۲ اهلڪار شهيد، شهيد ٿيندڙن ۾ تصور علي ۽ غلام رباني شامل، واقعي جي جاچ شروع * مريم نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو * نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو، ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد، واليوم 10 ۽ جي آءِ ٽي جي شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ تائين فرد جرم جي ڪارروائي روڪي وڃي: وڪيلن جي درخواست، واليم 10 ۾ پرڏيهه ملڪ جاچ جا تفصيل آهن، جاچ مڪمل ٿيندي ته ڪاپيون فراهم ڪيون وينديون، جاويد ڪياني خلاف شاهدين جو جائزو ورتو پيو وڃي: نيب پراسيڪيوٽر * وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي روانو ٿي ويو * ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ گينگ وار ڪمانڊر غفور ڇوٽو مارجي ويو، ڇاپي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا: ترجمان، مارجي ويل جي قبضي مان هڪ ايس ايم جي، هڪ نائن ايم ايم، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ ۱۰ رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن * دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ افغانستان ۾ آهن: پرڏيهي ترجمان، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف بنا فرق ڪارروايون ڪري ملڪ مان دهشتگرديءَ جو صفايو ڪيو آهي: نفيس ذڪريا، ڀارتي فوج مسلسل والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن جا سمورا ٿاڪ افغانستان ۾ آهن، بازياب ڪئنڊين جوڙي کي به افغانستان مان ئي اغوا ڪيو ويو هو: بريفنگ * لطيف سرڪار رحه جي شاعري ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ رهنمائي جون سموريون واٽون سمايل آهن: اڳواڻ، افسوس جو مقام آهي ته ترقي يافته هوندي به اسان اهڙي عظيم رهبر ۽ رهنما جي پيغام کان پري آهيون، انتها پسندي ، دهشتگردي، عدم برداشت جي خاتمي جو واحد حل ڀٽ ڌڻي جي فڪر ۽ پيغام ۾ سمايل آهي * ڪيٽي بندر جي ڳاڙهو شهر مان هندو ناري اغوا، وارث ڏياري جي خوشين کان محروم، اسان جي گهرن ۾ اڄ ڏياري جون خوشيون اڌوريون رهجي ويو آھن، ڪنهن کي دانهن ڏيون: وارث * بن قاسم جي ڄام ڪنڊو پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي، گذريل ڏينهن پڙهائي دوران اوچتو ڇت جا چاپڙا ڪري پيا جنهن سبب ڪيترائي ٻار زخمي ٿيڻ سبب ڪيهاٽ پئجي ۽ ڀاڄ پئجي وئي، 1970ع کان وٺي هيستائين انهن 47 سالن ۾ اسڪول جي عمارت جي مرمت ناهي ڪئي وئي، ان وقت دوران مرمت جي مد ۾ مليل فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن: هيڊ ماستر، اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايت باوجود عمارت جي مرمت نه ڪري اسان جي ٻچرن جي حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، ڪو به نقصان ٿيو ته ذميوار تعليم کاتو هوندو: والدين * فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو روشن مثال آهي، اڃا ته پلن تان پاڻي گذرڻ باقي آهي، هي اسان کي اسان جي ڦريل دولت ڏيکارين ٿا: ميڊيا سان ڳالهيون * اصل پاپي پاپا آهي، ججن ۽ فيصلن کي تڪراري بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين: فواد چوڌري، شريف خاندان تي لنڊن فليٽس تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهم پاپا نواز شريف آهي، واليم 10 کلندو ته اسان کي خبر ناهي ته شريف خاندان ڪهڙي ڪهڙي ملڪ سان ڪاروبار ڪيو آهي *

نئين اڀرندڙ ڊانسرن کي سنڌ ۾ اهميت نٿي ڏني وڃي: سهيل مغل


2017-10-10

نوابشاھ(ڊ ر)نوابشاھ ۾ اڀرندڙ ڊانسرسهيل مغل جون نوابشاھ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهيون.هن چيو آهي ته نئين اڀرندڙ ڊانسرن کي سنڌ ۾ اهميت نٿي ڏني وڃي.هن چيو ته ڊانس منهنجو شوق هئو ليڪن هاڻي مجبوري ٿي وئي آهي. پروگرامن ۾ ڊانس ڪري پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان.خبر موجب نوابشاھ ايم جي ڊانسرز گروپ آف نوابشاھ جي مريم روڊ واسي نوجوان سهيل مغل نوابشاھ پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائندي چيو ته آهي مونکي ننڊ پڻ کان ئي ڊانس ڪرڻ جو شوق هيو ۽ مان ڊانس جي سکيان پنهنجي استاد راجا کوکر کان حاصل ڪئي.هن چيو ته ميرپور خاص ۾ عمران آليزا ڪمپئي پاران ڪامپيٽين ڪرايو ويو جنهن مان پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ليڪن سنڌ اندر فنڪارن ڪلاڪارن ۽ ڊانسرن کي اهميت نٿي وڃي هن چيو ته مان مختلف پروگرامن ۾ ڊانس ڪري پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان.هن چيو ته ثقافت کاتي کي گهرجي ته سنڌ ۾ نئين اڀرندڙ فنڪارن کي موقعيو ڏنو وڃي.



مون کي راڳ سان تمام گهڻو  لڳاءَ آهي، جنهن جي لاءِ آرٽس ڪائونسل ۾ استاد شاهه زيب کان سکيا ورتي :عظميٰ حياءَ


2017-10-05

ڪراچي (ڳالهه ٻولهه:پرويز وسطڙو)نئين اڀرندڙ فنڪاره عظميٰ حياءَ  چيو آهي ته مون کي راڳ سان تمام گهڻو  لڳاءَ آهي، جنهن جي لاءِ آرٽس ڪائونسل ۾ استاد شاهه زيب کان سکيا ورتي آهي، هن چيو ته بلوچي گيت وڻندا آهن تنهن ڪري بلوچي گيت به ڳائڻ شروع ڪيا آهن، عظميٰ حياءَ وڌيڪ چيو ته مون کي فنڪارن ۾ ڀارت جي مشهور ڳائڻي لتا تمام گهڻو پسند آهي، هن چيو ته مون کي ڳائڻ سان گڏوگڏ پينٽنگ جو پڻ شوق آهي، جنهن جي پڻ سکيا وٺي رهي آهيان، هن چيو ته مون تعليم ۾ ايم اي اسلاميات ڪئي آهي، نئين اڀرندڙ سنگر عظميٰ حياءَ پنهنجي ذاتي زندگي بابت ٻڌايو ته ڪراچي شهر جا رهندڙ آهيون ۽ منهنجي والد جون ٻه شاديون آهن، منهنجي والده جڏهن مان 2 ورهين جي هيس ته بابا کان طلاق وٺي هلي وئي ۽ ٻي شادي وڃي ڪيائين، انهيءَ کان پوءِ بابا مون کي پاليو، جڏهن وري 10 سالن جي ٿيس ته بابا به ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ وري پوءِ مون کي ڏاڏي پاليو ۽ اها ئي سهارو بڻي، مون کي ڏاڏي ماءُ جو پيار ۽ پيءَ جو پيار ڏنو، منهنجو سڀ ڪجهه ڏاڏو آهي، پوءِ مون کي ڏاڏا ۽ ڏاڏي نپايو به آهي ۽ تعليم به ڏياري آهي، هن چيو ته 10 سال اڳ ڏاڏي فوت ٿي وئي جيڪو صدمو منهنجي لاءِ تمام وڏو آهي، عظميٰ حياءَ کاڌا کائڻ جي حوالي سان ٻڌايو ته مون کي بريامي پسند آهي، هن چيو ته جڏهن ڪو ماڻهو برائي ڪندو آهي ته ڪاوڙ ايندي آهي، هن شادي بابت ٻڌايو ته في الحال شادي جو ڪو به ارادو نه آهي، پهريان ڪا منزل ماڻيا تنهن بعد شادي جو سوچيندس، هن چيو ته مون کي مرد ذات کان خوف لڳندو آهي، ڇو جو مان ڪٿي به نوڪري وٺڻ لاءِ ويندي هيس ته اهي مون کي بگڙ وارين نظرن سان ڏسندا هئا.



لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ثقافت کاتي پاران هلندڙ ڊراما فيسٽول ۾ اسٽيج ناٽڪ شعور جي ڳولها پيش


2017-09-19

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ثقافت کاتي پاران هلندڙ ڊراما فيسٽول جي سلسلي ۾ ليکڪ سانول ڳاهو جو لکيل اسٽيج ناٽڪ ”شعور جي ڳولها“ گلاب شاهاڻي جي هدايتن هيٺ پيش ڪيو ويو. ڊرامي جي شروع کان وٺي آخر تائين لفظن، ڊائلاگن ذريعي مختلف پيغام ڏنا ويا. ڊرامي ۾ اهو ڏيکاريو ويو ته جيڪا عورت پنهنجو گناهه لڪائڻ لاءِ معصوم ٻارڙن کي اڇلائي ڇڏن ٿا اهو هڪ وڏو گناهه آهي پر ان کي اڇلائڻ نه گهرجي، ڪنهن ايڌي سينٽر تي ڏيڻ بهتر آهي. ڊرامي ۾ پيار، عزت، رشتا ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي کي فوڪس ڪيو ويو هو. ڊرامي ۾ راڻي جو ڪردار ادا ڪندڙ رمشا شهزادي پنهنجي سئوٽ واجد جيڪو ڪردار اداڪار جاويد شيخ ادا ڪيو سان پيار ڪري ٿي ۽ سندس سان مڱڻي ٿيل آهي. اهڙي طرح جڏهن راڻي شهر کان پڙهي گهر اچي ٿي ته واجد کي ڏسي ٻهڪي پوي ٿي ۽ گيت ”او ساٿي تون ته آهين زندگي“ تي زبردست پرفامنس ٻنهي اداڪارن پاران ڏني وئي. راڻي جو ڀاءُ نبن جيڪو نياز گهانگهرو ڪردار ادا ڪيو اهو بري صحبت ۾ هجڻ جي ڪري هميشه پنهنجي گهرڀاتين سان وڙهندو رهي ٿو ۽ پيءُ کي چوي ٿو ته وڏيرو جيڪو انور مغيري ڪردار ادا ڪيو 5 لک رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي ان کي راڻي جو سڱ ڏيون. جنهن تي پيءُ شفن جيڪو سانول ڳاهو ڪردار ادا ڪيو، پنهنجي پٽ نبن کي مارڪٽ ڪري ٿو ته اهڙا لفظ تنهنجي زبان تي آيا ڪيئن. ڇو ته اسان سنڌي پنهنجون نياڻيون وڪرو ناهيون ڪندا، انهيءَ دوران مزاحيه ۽ چريو ببلو جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار امجد گل مختلف سينن ۾ پنهنجي مزاحيه ڊائلاگن ذريعي پنڊال ۾ ويٺلن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو ۽ سندس لفظن جي پٺيان هڪ پيغام هو. جڏهن ته وڏيرو نادر خان راڻي جي گهر پهچي راڻي کي اڪيلو ڏسي کيس چوي ٿو ته هو سندس مٿان چريو آهي شادي ڪر، راڻي انڪار ڪري ٿي جنهن تي وڏيرو پسٽل ڪڍي کيس ڌمڪائي ٿو ته جيڪڏهن هوءَ شادي نه ڪندي ته کيس اغوا ڪري ويندو ۽ اهڙين ڌمڪين ۾ به راڻي نه ٿي اچي، جنهن بعد وڏيرو پنهنجي مٿان پسٽل رکي چويس ٿو ته مان اتي ئي خودڪشي ڪندس، مون سان شادي ڪر. جنهن تي راڻي ٿورو پريشان ٿي وڃي ٿي ۽ سوچي ٿي ته جيڪڏهن نادر خان هتي خودڪشي ڪئي ته نه رڳو خون ڳچيءَ ۾ پوندو پر گهرڀاتين جي بدنامي به ٿيندي ۽ ڪجهه سوچي نادر خان کي چوي ٿي ته ٺيڪ آ تون هڪڙو ڪم ڪري شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو رسالو پڙهه ته 6 مهينن کانپوءِ تون اچ مان تون سان شادي ڪنديس. ان وچ ۾ راڻي ۽ واجد جو پيار جاري رهي ٿو. هڪ ڏينهن گهرڀاتي جڏهن راڻي کي چون ٿا ته تون واجد سان شادي ڪر، جنهن تي راڻي پريشان ٿي وڃِي ۽ چوي ٿي ته مان واجد سان شادي نه ٿي ڪريان. مون کي اڃان پڙهڻو آهي پر بعد ۾ کين ٻڌائي ٿي ته هوءَ نادر خان سان مجبوريءَ تحت واعدو ڪيو آهي ته هو شادي ڪندي



ثقافت کاتي پاران لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ شروع ٿيل ڊراما فيسٽول ۾ اسٽيج ناٽڪ”پيار درياءَ آ“ پيش


2017-09-18

لاڙڪاڻو(رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) ثقافت کاتي پاران لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ شروع ٿيل ڊراما فيسٽول جي سلسلي ۾ گذريل رات دير ستون اسٽيج ناٽڪ ”پيار درياهه آ“ پيش ڪيو ويو. ليکڪ اسد کوکر جو لکيل اسٽيج ناٽڪ قربان شيخ جي هدايتن تي پيش ڪيو ويو. ڊرامي جي اندر پيار جي قرباني ۽ غريب کي نوڪري نه ملڻ واري معاملي کي فوڪس ڪيو ويو هو. ڊرامي جي جڏهن شروعات ٿي ته ٻهراڙيءَ تي مشتمل هڪ گهر ڏيکاريو ويو جنهن جو زبردست سيٽ ٺهيل هو. مختلف اداڪارن پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو ته هڪ ڳوٺاڻي ناري مرڪ جيڪو ڪردار ڪاجول سنڌو ادا ڪيو، پنهنجي سئوٽ صابو جيڪو جمال مغيري ڪردار ادا ڪيو سان پيار جو پيچ آڙائي ٿي ۽ سندن هڪ ٻئي سان مزاقون، کل ڀڳ زندگي جو حصو بڻيل هونديون اٿن. انهيءَ وچ ۾ هڪ نوجوان سلامت جيڪو اعجاز چانڊيو ڪردار ادا ڪيو اهو شهر کان ڳوٺ پهچي ٿو جيڪو به مرڪ تي عاشق هجي ٿو، مرڪ جو پيءُ ۽ سلامت ج پيءُ پاڻ ۾ صلاح ڪري مرڪ جي شادي سلامت سان ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا، ته انهيءَ وقت مرڪ کي خبر پئجي وڃي ٿي ۽ صابو به ٻڌي وٺي ٿو. جنهن تي صابو مرڪ کان پري پري رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ مرڪ پريشان رهي ٿي، جنهن دوران خوبصورت گيتن ”اندر جو سور مان جهليان، ڪيئن، ٻيو گيت منهنجا يار صنم“ تي زبردست پرفامنس مرڪ پاران ڏني وئي، انهيءَ وقت جڏهن سلامت کي اها خبر پوي ٿي ته صابو ۽ مرڪ پاڻ ۾ پيار ڪندا آهن ته هو پنهنجي پيار جي قرباني ڏيڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ مرڪ کي چوي ٿو ته مان تون سان شادي نه ڪندس، جنهن دوران مرڪ جو پيءُ ۽ سلامت جو پيءُ به اتي پهچن ٿا جن سان ڪوڙ هڻي سلامت چوي ٿو ته مان شهر ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ مان مرڪ سان شادي نه ڪندس، جنهن تي سلامت کي پنهنجو پيءُ مار ڏي ٿو ته تون ائين ڇو ڪيو ۽ آخر ۾ جڏهن پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کي راضي ڪري وٺي ٿو ته مرڪ جي شادي صابو سان ڪئي وڃي تنهن دوران پنهنجي پيءُ کان معافي وٺندي چوي ٿو ته هن سان ڪوڙ ڳالهايو هو ته هن شهر ۾ شادي ڪئي آهي پر مان صابو ۽ مرڪ جي دلين ۽ اکين ۾ پيار ڏٺو هو جنهن تي اها قرباني ڏني آهي، ڇو ته پيار درياهه آهي، انهيءَ وقت سڀئي سلامت کي ڀاڪر وجهن ٿا ۽ خوشيءَ جو گيت ”مورٽو ٽلي راڻا“ تي جهومي پون ٿا. رات دير تائين پيش ڪيل اسٽيج ناٽڪ ۾ اهو به ڏيکاريو ويو ته شهر کان موٽيل نوجوان سلامت نوڪري نه ملڻ جي ڪري واپس ڳوٺ اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته هتي غريب کي نوڪري ملڻ ڏکيو آهي. ڊرامي جي ٻين ڪردارن ۾ نياز گهانگهرو، احمد پٺاڻ، عرفان تاج ۽ ٻين پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، ڊرامي جي آخر ۾ لاڙڪاڻو شهري اتحاد جي صدر نياز حسين ابڙو 10 هزار رپيا آرٽس ڪائونسل لاءِ اعلان ڪيا ۽ خطاب ڪندي چيو ته اهڙا فيسٽول هن گهٽ، ٻوسٽ واري ماحول ۾ ٿيڻ ضروري آهي، ماڻه



سنڌ جي ثقافت کاتي پاران لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڊرامه فيسٽيول جاري


2017-09-17

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جي ثقافت کاتي پاران لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڊرامه فيسٽيول جاري آهي. جتي ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ اسد کوکر جو لکيل ڊرامو “انسان ڪٿي آ” سڌير ويسر جي هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيو ويو. ڊرامي ۾ لالا سڌير ويسر رب ڏنو جو ڪردار، لالا انور مغيري سيٺ امانت جو ڪردار، رمشا شهزادي رب ڏني جي گهر واري حور جو ڪردار، چائلڊ اسٽار جنيد جوڻيجو رب ڏني جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ٻين اداڪارن سعود ويسر، ارباب شيخ، مانجهي چانڊيو، عرفان تاج ۽ ٻين پڻ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو ته اڄوڪي دور ۾ ماڻهن مان انسانيت ختم ٿي وئي آهي، ڌرتي تي هٺ ۽ وڏائي سان گهمندڙ انسان کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ مٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي ته پوءِ ان مان انسانيت ۽ محبت ڇو ختم ٿي وئي آهي؟. ڊرامي جي شروعات ۾ اسٽيج تي قبرستان جو منظر پيش ڪيو ويو جنهن ڀرسان قبرون کوٽيندڙ پورهيت رب ڏني جو ڪکائون گهر ٺهيل هيو. ان موقعي تي مهمان خاص ناليواري ليکڪ عادل عباسي، اعزازي مهمانن ميهڙ جو رهواسي ڊاڪٽر عبدالمجيد ٻليدائي، عزيز منگي، عزيز سانگي ۽ ٻيا هئا جن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. پنهنجي خطاب ۾ عادل عباسي چيو ته ڊرامي ۾ انسانيت جي لاءِ وڏو پيغام آهي، ڪهاڻي انتهائي خوبصورت ۽ آرٽسٽن جي اداڪاري ڪمال جي آهي، ڊرامي جا مقالما ايڏا پراثر هئا جو ڏسندڙ روئڻ  تي مجبور ٿيا. عبدالمجيد ٻليدائي چيو ته ڊرامي جي ٽيم کي 10 هزار روپيه روڪ رقم ڏيندي چيو ته منهنجي ميهڙ ۾ ڪلينڪ آهي، هر مريض کان 300 روپيه فيس وٺندو آهيان پر هي ڊرامو ڏسڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو آهي ته مان 300 مان 200 روپيه فيس ڪندس ۽ سڄي عمر اها ڪو نه وڌائيندس. عزيز منگي چيو ته ڊرامي ۾ بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو ويو، پهرين ڊائلاگ کان آخري ڊائلاگ تائين ڊرامي جو تسلسل برقرار رهيو ان لاءِ سڄي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان موقعي تي ڊرامي جي ڏسندڙن اداڪارن کي هزارين روپيه روڪ انعام طور ڏنا جنهن تي اداڪارن ڏسندڙن جو ٿورو مڃيو.



مهان راڳي استاد منظور خان اسان سميت سموري سنڌ جو راڻو آهي، ڀيٽا پيش


2017-09-10

ٽنڊوآدم ( رپورٽ سرفرازجمالي ) سنڌ جي مهان ڪلاسيڪل راڳي خانصاحب استاد منظور علي خان جي 37 هين ورسي مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران سنڌي مين پرائمري اسڪول ٽنڊي آدم ۾ ملهائي وئي، جنهن جي صدارت ڪلاسيڪل راڳ جي پارکو بهاءُ الدين سرهندي ڪئي، تقريب جو خاص مهمان اديب، ليکڪ ۽ راڳ جو ڄاڻو رسول بخش درس هو، تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پڻ اوڍايون ويون، تقريب کي خطاب ڪندي بهاءُ الدين سرهندي چيو ته استاد منظور علي خان نه صرف ٽنڊي آدم وارن جي لاءِ محترم آهي پر اسان سميت سموري سنڌ جو راڻو آهي، اهي خوش نصيب ماڻهو آهن جن استاد منظور علي خان جي گهر جو پاڻي پيتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته راڳ کي پهرين ٻڌڻ ۽ سکڻ گهرجي ان کانپوءِ ڳائڻ گهرجي، جيستائين اسان ڪلاسيڪل راڳ کي صحيح طرح سان نه ٻڌنداسون ۽ سمجهنداسون ته ڪڏهن راڳ ڳائي نه سگهنداسون، اسان هٿ وٺي پنهنجي راڳ کي ختم پيا ڪريون، جن کي راڳ جي خبر به نه آهي انهن جون ڪيسٽون ٺهي وڃن ٿيون، ڪلاسيڪل راڳ ٺهڪي کان بغير ناممڪن آهي، ٺهڪو ڪلاسيڪل راڳ جو بنياد آهي، ڪلاسيڪل راڳ اندر ٽائمنگ جو وڏو ڪردار آهي قدرت ڪائنات پڻ ٽائمنگ سان جڙيل آهي، وقت تي جيڪڏهن ڪا شي نه ٿئي ته قيامت برپا ٿي وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي راڳ جي پارکو رسول بخش درس چيو ته استاد منظور علي خان ڪلاسيڪل راڳ جو هڪ وڏو ناءُ آهي، سندس ڳائڻ جو انداز نرالو هو ڪير به هن جهڙو ڳائڻ ته ٺهيو پر هن جو نقل به نٿو ڪري سگهي، استاد منظور علي خان کي مخدوم طالب المولا بهارِ موسيقي جو لقب ڏنو، سائين جي ايم سيد سندس راڳ کي ٻڌي روئي ڏيندو هو، سنڌ جو هر ماڻهو استاد منظور علي خان کان پيار ڪندو هو ۽ اوترو ئي وري استاد منظور علي خان پڻ سندس ٻڌندڙن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، سادي طبيعت جو مالڪ هو پاڻ درٻاري راڳي ٿيڻ کان سخت نفرت ڪندو هو، ننڍن توڙي وڏن کان پيار ۽ محبت سان ملندو هو سندس 37 هين ورسي تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي وفا رضا بلوچ چيو ته استاد منظور علي خان سڄي ڄمار سنڌي موسيقي کي ارپي ڇڏي، سندس وڇوڙي کي اڄ 37 ورهيه گذري ويا آهن پر هو اڄ به اسان وٽ زنده آهي ۽ سندس فن گائيڪي زنده رهندو، استاد منظور علي خان هڪ گواليار گهراڻي جو راڳي هو ڪلاسيڪل راڳ جو سنڌي موسيقي کي وڌائي ويجهي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي جيڪو فن موسيقي ۾ سندس وڏو ڪردار آهي، سندس گهر تي لڳل نالي واري تختي لهي وئي اها ٻيهر گهر تي لڳائي وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي اصغر خواجه چيو ته استاد منظور علي خان جي مير پور بٺورو سان جيڪي محبت هئي سان ڪنهن ٻئي شهر سان نه هئي ڇاجي ڪري ته ميرپور ٻٺوري کي سريلن جو شهر سڏيو ويندو هو، استاد منظور علي



انڪم ٽيڪس نه ڏيڻ تي نور ۽ صبا قمر جا گهر سيل


2017-09-07

فلم اسٽار نور ۽ صبا قمر لکين رپين جي انڪم ٽيڪس جون باقيدار نڪتيون. ايف بي آر ٻنهي اداڪارائن جا لاهور وارا گهر سيل ڪري ڇڏيا. فلم اسٽار نور ۽ صبا قمر لکين رپين جي انڪم ٽيڪس جون باقيدار نڪتيون. ايف بي آر ٻنهي اداڪارائن جا لاهور وارا گهر سيل ڪري ڇڏيا.



جمانجي فلم هڪ ڀيرو ٻيهر تهلڪو مچائڻ لاءِ تيار


2017-07-01

1995 ۾ باڪس آفيس تي ڪاميابيون ماڻيندڙ بلاڪ بسٽر فلم جمانجي هڪ ڀيرو ٻيهر تهلڪو مچائڻ لاءِ تيار آهي، انهيءَ سلسلي ۾ جمانجي جي سيڪوئل جمانجي-ويلڪم ٽو جنگل جو نئون ٽريلر به جاري ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽر جيڪ ڪسيڊن جي اها سنسني خيز فلم جمانجي جو ريميڪ نه پر 22 سال پهرين جتي خطرناڪ جمانجي گيم بورڊ رکيو هو اتان کان ئي شروع ٿيندي. ڪولمبيا پڪچرز جي تيار ڪيل هي فلم هلندڙ سال 22 ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار ڊيوين جانسن ادا ڪندو.



ميرا وري شادي جا سانباهه ڪرڻ لڳي


2017-05-08

باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته لالي ووڊ اداڪاراميرا هڪ ڀيرو ٻيهر شادي جا سانباهه ڪرڻ لڳي. هن دفعي سندس شڪار ڪو پرڏيهي آهي.



E-Paper




Jobs




Advertising