عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، جمهوريت احتساب کان سواءِ نٿي هلي سگهي: بلاول، 2014ع ۾ جمهوريت تي حملو ڪرڻ ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هيو، پي ٽي آئي کي اسرائيل ۽ ڀارت پاران فنڊنگ واري ڳالهه اوهان سڀني کي خبر آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاران ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي بيمارين واري جديد اسپتال جو افتتاح، شيو مندر ۾ تقريب کي خطاب ۽ هندو برداري سان ڏياري جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار * غير موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو: نواز شريف، اسان جي مخالفن کي چونڊي چونڊي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته پانامه الزام تي فيصلو اچي اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ پسند جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا انهن جو فيصلو انصاف جو قتل آهي، اقامه تي فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو انصاف ٿيو آهي يا انصاف جو قتل ٿيو آهي * اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف 22 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو * دهشتگردي خلاف جنگ: ڊرون جي بمباري ۽ طالبان جا حملا، 50 ڄڻا مارجي ويا، آمريڪي ڊرون پاڪ، افغان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو وٺي ٻه ميزائل گولا فائر ڪيا، 4 دهشتگرد مارجي ويا، جماعت الاحرار ڪمانڊر عمر خالد خراساني ڊرون حملي ۾ مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اسان جو ڪمانڊر مارجي چڪو آهي: ترجمان اسد، افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ فوج جي اڏي تي ٻه ڪار بم آپگهاتي ڌماڪا طالبان جي حملي ۾ 40 فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، گاڏيون تباهه، افغانستان ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرون حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ ۲ طالبان اڳواڻن سوڌو ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا آهن: طالبان جي دعويٰ، آمريڪي ڊرون حملو ۲۴ ڪلاڪن اندر باتي ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ۾ ڪيو ويو، حملي ۾ دهشتگردن جون گاڏيون ۽ هٿيار پڻ تباهه ٿيا: افغان عملدار * جوهري ڊيل بچائڻ لاءِ يورپ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري: ايراني سپريم ليڊر، جيڪڏهن يورپ ان ڊيل تي ڪاربند رهي ٿو ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو رهندو، يورپي ملڪن کي آمريڪا تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته اهو ان جوهري معاهدي تان هٿ نه کڻي * ڪوئيٽا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، ۳ دهشتگرد مارجي ويا، پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪار ڪارروائي لاءِ پهتا ته ملزمن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ۳ دهشتگرد مارجي ويا. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا * مستونگ وچ بازار ۾ بم ڌماڪو، 10 ڄڻا زخمي، دستي بم ڌماڪو صفر خان چوڪ تي ٿيو، سمورن زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي: پوليس * ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ۷ اهلڪارن جي نصيرآباد، صحبت پور ۽ اوستا محمد ۾ تدفين * ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سي ٽي ڊي انسپيڪٽر شهيد، قمبراڻي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن سي ٽي ڊي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ سي ٽي ڊي انسپيڪٽر عبدالسلام شهيد ٿي ويو * پاڪستان جي ٻن سرحدن تي موجود ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڏيڻ چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي وزير، جيترو عرصو گهربل ٿيو اسان هتي رهنداسين، طالبان ۽ ٻيا اهو ڄاڻي وٺن ته اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون، افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اهم عنصر آهن، ڀارت جو اهم ڪردار اهو آهي ته اهو افغانستان ۾ ترقياتي ڪمن ۾ مدد ڪري * سزا پهريان ٻڌائي وئي، ٽرائل پوءِ ٿي رهيو آهي: مريم نواز، پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته سيسلين مافيا عدالتن ۾ پيش ٿي رهي آهي، نواز شريف هن ئي هفتي جي آخر يا ايندڙ هفتي واپس اچي ويندو: ميڊيا سان ڳالهيون * بنون ۾ چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو، ۲ اهلڪار شهيد، شهيد ٿيندڙن ۾ تصور علي ۽ غلام رباني شامل، واقعي جي جاچ شروع * مريم نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو * نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو، ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد، واليوم 10 ۽ جي آءِ ٽي جي شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ تائين فرد جرم جي ڪارروائي روڪي وڃي: وڪيلن جي درخواست، واليم 10 ۾ پرڏيهه ملڪ جاچ جا تفصيل آهن، جاچ مڪمل ٿيندي ته ڪاپيون فراهم ڪيون وينديون، جاويد ڪياني خلاف شاهدين جو جائزو ورتو پيو وڃي: نيب پراسيڪيوٽر * وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي روانو ٿي ويو * ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ گينگ وار ڪمانڊر غفور ڇوٽو مارجي ويو، ڇاپي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا: ترجمان، مارجي ويل جي قبضي مان هڪ ايس ايم جي، هڪ نائن ايم ايم، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ ۱۰ رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن * دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ افغانستان ۾ آهن: پرڏيهي ترجمان، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف بنا فرق ڪارروايون ڪري ملڪ مان دهشتگرديءَ جو صفايو ڪيو آهي: نفيس ذڪريا، ڀارتي فوج مسلسل والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن جا سمورا ٿاڪ افغانستان ۾ آهن، بازياب ڪئنڊين جوڙي کي به افغانستان مان ئي اغوا ڪيو ويو هو: بريفنگ * لطيف سرڪار رحه جي شاعري ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ رهنمائي جون سموريون واٽون سمايل آهن: اڳواڻ، افسوس جو مقام آهي ته ترقي يافته هوندي به اسان اهڙي عظيم رهبر ۽ رهنما جي پيغام کان پري آهيون، انتها پسندي ، دهشتگردي، عدم برداشت جي خاتمي جو واحد حل ڀٽ ڌڻي جي فڪر ۽ پيغام ۾ سمايل آهي * ڪيٽي بندر جي ڳاڙهو شهر مان هندو ناري اغوا، وارث ڏياري جي خوشين کان محروم، اسان جي گهرن ۾ اڄ ڏياري جون خوشيون اڌوريون رهجي ويو آھن، ڪنهن کي دانهن ڏيون: وارث * بن قاسم جي ڄام ڪنڊو پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي، گذريل ڏينهن پڙهائي دوران اوچتو ڇت جا چاپڙا ڪري پيا جنهن سبب ڪيترائي ٻار زخمي ٿيڻ سبب ڪيهاٽ پئجي ۽ ڀاڄ پئجي وئي، 1970ع کان وٺي هيستائين انهن 47 سالن ۾ اسڪول جي عمارت جي مرمت ناهي ڪئي وئي، ان وقت دوران مرمت جي مد ۾ مليل فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن: هيڊ ماستر، اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايت باوجود عمارت جي مرمت نه ڪري اسان جي ٻچرن جي حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، ڪو به نقصان ٿيو ته ذميوار تعليم کاتو هوندو: والدين * فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو روشن مثال آهي، اڃا ته پلن تان پاڻي گذرڻ باقي آهي، هي اسان کي اسان جي ڦريل دولت ڏيکارين ٿا: ميڊيا سان ڳالهيون * اصل پاپي پاپا آهي، ججن ۽ فيصلن کي تڪراري بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين: فواد چوڌري، شريف خاندان تي لنڊن فليٽس تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهم پاپا نواز شريف آهي، واليم 10 کلندو ته اسان کي خبر ناهي ته شريف خاندان ڪهڙي ڪهڙي ملڪ سان ڪاروبار ڪيو آهي *

ڪابل ۾ ملٽري اڪيڊمي بس تي آپگهاتي بم حملو، 15 ڪيڊٽ مارجي ويا، گاڏي تباهه


2017-10-22

ڪابل/ لنڊن(م ڊ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ملٽري اڪيڊمي جي بس تي خودڪش حملو ٿيو آهي، شروعاتي اطلاع آهن ته هن آپگهاتي ڌماڪي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. عالمي خابرو اداري جي خبر چار مطابق افغانستان جي بچاءَ واري وزارت ڪابل ۾ ملٽري اڪيڊمي جي بس تي حملي جي تصديق ڪئي آهي. وزارت دفاع جي ترجمان دولت وزير جو چوڻ آهي ته مقامي وقت مطابق ٻن ٻنپهرن جو ساڍي ٽين وڳي هڪ خودڪش بمبار حملو ڪيو، آپگهاتي حملو ڪندڙ ملٽري اڪيڊمي مارشل فهيم ملٽري اڪيڊمي جي بس کي نشانو بڻايو، آپگهاتي بمبار جي هن حملي ۾ 15 ڄڻا اڦٽ مارجي ويا آهن. ملٽري اڪيڊمي جي هن بس ۾ اهي ماڻهو سوار هئا جيڪي روزاني هن بس تي ايندا ويندا رهندا آهن. افغانستان جي وزارت دفاع جي ترجمان دولت وزير برطانوي خابرو اداري پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته خودڪش بمبار پنهنجو پاڻ کي ملٽري اڪيڊمي بس سان نشانو وٺي اڏايو، خودڪش بمبار هي ڌماڪو ان وقت ڪيو جڏهن مارشل فهيم ملٽري اڪيڊمي کان بس نڪري رهي هئي، آپگهاتي هن حملي جي نتيجي ۾ ملٽري اڪيڊمي ۾ زير تربيت 15 ڪيڊيٽس مارجي وڃڻ ۽ چار زخمي ٿيڻ جي افغان وزارت دفاع تصديق ڪئي آهي. افغانستان جي وزير دفاع پرڏيهي خابرو اداري کي اها به ڄاڻ ڏني آهي ته خودڪش حملو ڪندڙ پيادل پنڌ هيو، بي بي سي مطابق 24 ڪلاڪن دوران فورسز تي هي ٻيو حملو آهي، جڏهن ته هڪ واقعو افغانستان ۾ مسجد تي حملي سان ڪيو ويو، انهن واقعن ۾ 60 ماڻهو ماريا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، گذريل پنجن ڏينهن دوران افغانستان ۾ ويڙهه ۾ تيزي اچي وئي آهي، ڌار ڌار حملن ۾ 95 فوجي مارجي ويا آهن. جڏهن ته امام زمانه مسجد تي آپگهاتي حملي دوران گهٽ ۾ گهٽ 39 ماڻهو مارجي ويا. هڪ ٻي مسجد تي حملي دوران 20 ماڻهو مارجي ويا آهن.



پاڪستان پاران قاهره ۾ فتح ۽ حماس وچ ۾ سياسي مفاهمت تاريخي قرار


2017-10-22

نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي غير قانوني وسندين جي اڏاوت جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي غير قانوني بستين جي اڏاوت جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي وچ اوڀر  سلامتي ڪائونسل جي مباحثي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو ته فلسطين جي مسئلي جو حل عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ لازمي آهي، فلسطين مسئلي تي اڳڀرائي جي گهٽتائي نه رڳو فلسطينين جي نسلن جي اميدن ۽ خواهشن کي دوکو ڏنو پر اڻ مٽجندڙ دشمني جي ٻج کي به پوکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته 1976ع کان اڳ جي سرحد ۽ القدس الشريف گادي وارو هنڌ طور ئي رياست وچ اوڀر ۾ جٽادار امن جي ضمانت آهي، رياست تي غير قانوني قبضي کي 50 سال گذري چڪا آهن ۽ فلسطيني عوام آزادي ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جي خواهش کان وانجهيل آهن. مليحا لوڌي چيو ته پاڪستان قاهره ۾ فتح ۽ حماس وچ م سياسي مفاهمت جي تاريخي ڪاميابي طور آجيان ڪئي، پهرين وک طور غزه تان غير قانوني ۽ ظالماڻو گهيرو ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته غير قانوني وسندين جي اڏاوت فلسطيني شهرين کي سندن گهرن ۽ زمينن تان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش آهي جنهن کي روڪيو وڃي، اسرائيل طرفان اهڙي ڪوشش به سڄي دنيا جي اربين مسلمانن لاءِ نه قبولڻ جوڳي هوندي. نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي غير قانوني وسندين جي اڏاوت جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي وچ اوڀر سلامتي ڪائونسل جي مباحثي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو ته فلسطين جي مسئلي جو حل عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ لازمي آهي، فلسطين مسئلي تي اڳڀرائي جي گهٽتائي نه رڳو فلسطينين جي نسلن جي اميدن ۽ خواهشن کي دوکو ڏنو پر ختم نه ٿيندڙ دشمني جي ٻج کي به پوکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ۱۹۷٦ع کان اڳ جي سرحد ۽ القدس الشريف گادي وارو هنڌ طور ئي رياست وچ اوڀر ۾ جٽادار امن جي ضمانت آهي، رياست تي غير قانوني قبضي کي ۵۰ سال گذري چڪا آهن ۽ فلسطيني عوام آزادي ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جي خواهش کان وانجهيل آهن. مليحا لوڌي چيو ته پاڪستان قاهره ۾ فتح ۽ حماس وچ ۾ سياسي مفاهمت جي تاريخي ڪاميابي طور آجيان ڪئي، پهرين وک طور غزه تان غير قانوني ۽ ظالماڻو گهيرو ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته غير قانوني وسندين جي اڏاوت فلسطيني شهرين کي سندن گهرن ۽ زمينن تان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش آهي جنهن کي روڪيو وڃي، اسرائيل طرفان اهڙي ڪوشش ڪا به سڄي دنيا جي اربين مسلمانن لاءِ نه قبولڻ جوڳي هوندي.



(ف) ليگ ۽ فرنٽ قيادت ملڪي حالتون ڳنڀير قرار ڏئي ڇڏيون، گڏيل جدوجهد تي اتفاق


2017-10-21

ڪراچي(رپورٽ: عبداش پنهور) پاڪستان مسلم ليگ (ف) جي سرواڻ حر جماعت جي روحاني رهبر پير صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير سردار ممتاز علي ڀٽو سان اهم ملاقات ڪئي آهي ۽ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن. ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ سنڌ ۾ پ پ مخالف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ شموليت لاءِ باضابطه دعوت ڏني آهي ۽ فرنٽ سربراهه سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪندي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي، پير صاحب پاڳارو ممتاز علي ڀٽو سان ڪراچي واري رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ”ون ٽو ون“ ملاقات دوران سنڌ سميت ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ملاقات ملڪي حالتن کي ڳنڀير قرار ڏيندي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سوالن جا جواب ڏيندي پير صاحب پاڳاري چيو ته حالتون بادشاهت کان اڳتي نڪري ويون آهن ملڪ ائين نه هلندا آهن پاڪستان الله تعاليٰ جي مهربانين سان هلي پيو، ملڪي بهتري لاءِ سڀني سان ملڻ چاهيان ٿو. ملڪي ڀلائي خاطر سڀني کي پنهنجون خواهشون پٺتي رکڻيون پونديون. هن چيو ته اسان جي ڊڪشنري ۾ تڪرار جو مطلب صرف نقصان آهي. هن چيو ته جيڪي حرڪتون ٿي رهيون آهن انهن کي ڏسي بادشاهت به شرمسار ٿيندي، هن چيو ته حالتون بهتر نه ٿيون ته گهٽي گهٽي ۾ رتوڇاڻ ٿيندي، تڪرار ۾ نقصان آهي، ملڪي حالتون انتهائي ڳنڀير ۽ ڳڻتي جوڳيون بڻجي ويون آهن.چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن، هڪ سوال جي جواب ۾ پير صاحب پاڳاري چيو ته پ پ جي هاڻوڪي هن حڪومت کان پرويز مشرف جي حڪومت ڀلي هئي، عمران خان سنڌ ۾ سياسي طور داخل ٿي رهيو آهي، اسان ملڪي بهتري خاطر سمورن وفاق پرست پارٽين سان گڏ آهيون. هن چيو ته رحمان ملڪ جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتا سياست لاءِ اهم آهن ته ان جي ڳالهه سان سهمت ڪيان ٿو ڇو ته رحمان ملڪ وٽ پ پ ۽ الطاف سميت مختلف هنڌن تان معلومات هوندي آهي ان جي ڳالهه کي رد نٿو ڪيان. هن چيو ته تڪرار ۾ نقصان ٿيندو، جتي دنيا ۾ بادشاهت قائم هوندي آهي اتي به اهڙيون ڳالهيون نه ٿينديون آهن جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، اسان سڀني کي سوچڻو پوندو. هن چيو ته ممتاز ڀٽو سينيئر سياستدان آهي هن سان سياسي حالتن جي بهتري لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن، اسان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران سنڌ ۾ پ پ حڪومت خلاف سڀني سياسي ساٿين کي گڏ پيا ڪيون. ممتاز علي ڀٽو کي گرينڊ الائنس ۾ شموليت جي باضابطه دعوت ڏني آهي ۽ ممتاز علي ڀٽي بهتر ۽ مثبت موٽ ڏني آهي، جڏهن ته ممتاز علي ڀٽو ان موقعي تي چيو ته پ پ وارا سرڪاري خرچ تي جلسا ڪري چون ٿا ته هي ڪنداسين هو ڪنداسين، سنڌ حڪومت جو وزير صلاحڪار سڀ درٻاري آهن سڀني درٻارين ۽ آفيسرن کي ضلعا ورهائي اهو چيو ويو آهي ته ايندڙ چونڊون کٽرائي ڏيو. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي ترقي لاءِ وڏا خرچ ڏيکاريا پيا وڃن پر شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت نه پر هڪ بادشاهت ۽ ان جي درٻار لڳائي وئي آهي، وزير ۽ صلاحڪار نوڪريون بچائڻ لاءِ ونگار پيا وهن، آفيسرن کي به ضلعا ورهائي ڏنا ويا آهن، پ پ جي ڪرپشن جا قصا هاڻ داستان بڻجي چڪا آهن، هن چيوته پير صاحب پاڳارو سان بهتر ملاقات ۽ ڳالهيون ٿيون آهن اسان پ پ خلاف گڏجي ميدان تي لهڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران سنڌ حڪومت ۽ پ پ مخالف شروع ڪيل مهم جي حمايت ڪيون ٿا.ممتاز ڀٽو چيو ته ملڪي حالتون ڏسو پيا، سنڌ جي حڪمرانن جي لٽ مار، ڦر، ڪرپشن سڀني جي آڏو آهي هاڻي سنڌ ۾ اهڙي حڪومت کي عوام برداشت نه ڪندو، سنڌ جي حالتن جو ذميوار زرداري آهي، سنڌ جي بربادي سميت سمورين حالتن جو ذميوار زرداري آهي، اسان پ پ مخالفن سان هن ايجنڊا تي گڏ آهيون ۽ چاهيون ٿا ته عوام کي زرداري جي درٻار مان آجپو حاصل ٿئي.



اتر ڪوريا کي ڀت سان لڳائڻ خطرناڪ ثابت ٿيندو: روسي صدر پيوٽن


2017-10-21

سوچي( م ڊ ) روسي صدر پيوٽن چيو آهي ته اتر ڪوريا کي ڀت سان لڳائڻ جا خوفناڪ نتيجا سامهون ايندا. سوچي ۾ مباحثي جي موقعي تي اسڪالرز ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي روسي صدر پيوٽن اتر ڪوريا جي ائٽمي تجربن جي مذمت ڪندي آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته طاقت جو استعمال مسئلي جو حل ناهي، اتر ڪوريا کي ڀت سان لڳائڻ جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. روسي صدر چيو ته ٻيٽ جهڙي اتر ڪوريا کي جنهن بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي تنهن جو واحد ۽ جٽادار حل رڳو ڳالهيون آهن، ٻنهي ڌرين کي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.



آسٽريليا واشنگٽن سان لاڳاپا ختم ڪري نه ته سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿئي: اتر ڪوريا


2017-10-21

پيانگ يانگ(م ڊ) اتر ڪوريا آسٽريليا ڏانهن ڌمڪي وارو خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريليا يا ته واشنگٽن سان لاڳاپا ختم ڪري يا سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿئي. اتر ڪوريا طرفان آسٽريليا جي نالي موڪليل خط جي متن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا کي تباهه ڪرڻ ۽ ڪم جونگ سندس حڪومت جو تخت اونڌو ڪرڻ چاهي ٿو. خط ۾ آسٽريليا کي ڌمڪي ڏني آهي ته آسٽريليا يا ته آمريڪا سان لاڳاپن کي محدود ڪري يا سنگين نتيجا ڀوڳن لاءِ تيار ٿئي. اتر ڪوريا طرفان لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ جي ڀُل آهي جيڪڏهن هو اهو ته سمجهي ته اتر ڪوريا جي قدمن ۾ ڪيرائينداسين، ايٽمي طاقت بابت اهڙو تصور جهالت تي ٻڌل آهي. جولي بشپ چيو ته خط ان ڳالهه جو اظهار آهي ته اتر ڪوريا تي پابنديون ڪم ڪري ويون آهن ۽ هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي. آسٽريلوي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اتر ڪوري  جي خط جو مقصد عالمي برادري کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي.



عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، جمهوريت احتساب کان سواءِ  نٿي هلي سگهي: بلاول


2017-10-20

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: محمد موسيٰ پيرزادو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، احتساب جمهوريت جو حصو آهي، جمهوريت احتساب کان سواءِ  نٿي هلي سگهي. عمران عورتن جي حقن جي خلاف آهي. ٽنڊي محمد خان ۾ ڏياري تي شيو مندر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خيبرپختونخواهه ۾ عورتن جي خلاف بل پاس ڪرايو، عائشه گلالئي عمران خان تي سنگين الزام لڳايا آهن. هن چيو ته عمران خان جي پارٽي فنڊن ۾ اسرائيل تائين جو ذڪر آهي اها سنجيده ڳالهه آهي، هر موقعي تي عمران خان جمهوريت جي خلاف قدم کنيا. هن چيو ته آئون شخصيتن سان نه پر پاليسين سان اختلاف ڪندو آهيان. 2014ع ۾ جمهوريت تي حملو ڪرڻ ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هيو، عمران جا وزير چون ٿا ته ڪي پي ۾ پيسن سان خان ۽ ترين جا جهاز پيا هلن. هن وڌيڪ چيو ته علائشه گلالئي کي ڏسو اها عمران خان بابت ڇا پئي چوي، 2018 جي چونڊن ۾ توهان سڀني کي ڏيکاربو پ پ عوام جي دلين ۾ وسندي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي تفريق جي سمورن پاڪستانين کي برابر سمجهي ٿي ۽ پ پ پ جي جدوجهد ئي آهي جو هر پاڪستاني کي مساوي حق حاصل آهن اهو ئي سبب آهي جو اسان جي صوبائي ڪابينا ۾ اڄ به غير مسلم ميمبر شامل آهن جيڪي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نه آهن ان کان علاوه قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پڻ اسان جا اقليتي برادري جا ڀائر پ پ پ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن هو اڄ ٽنڊو محمد خان ۾ هندو برداري ڏياري جي موقعي تي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ٽنڊو محمد خان جي شو جي مندر ۾ ڏياري جو ڪيڪ ڪاٽڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو ميڊيا جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پ پ پ جي سنڌ حڪومت هندو ميرج بل پاس ڪري هڪ انقلابي قدم کنيو پر ان تي گورنر سنڌ دستخط نه ڪيو ۽ چيو ته اهو بل ٻيهر اسيمبلي ۾ پيش ڪنداسين نواز شريف ۽ مريم نواز تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ بابت سوال تي هن چيو ته احتساب جمهوريت جو حصو آهي جنهن کان سواءِ جمهوريت نه ٿي هلي سگهي هڪ سوال تي هن چيو ته ملڪي معيشت جي صورتحال انتهائي خراب ۽ ايمرجنسي جهڙي آهي پ پ پ اقتدار ۾ اچي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائيندي جنهن سان ملڪ جي معيشت بهتر ٿيندي عمران خان جي سياسي مستقبل بابت سوال تي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جو مستقبل به اصغر خان جهڙو ٿيندو هن چيو ته عمران خان سدائين عورتن جي حقن خلاف ڪم ڪيو آهي جڏهن ته پ پ پ هميشه عورتن جي حقن لاءِ عملي ڪم ڪيا آهن ۽ انهن لاءِ قانوسازي پڻ ڪئي آهي هن چيو ته عمران خان آمر مشرف جيڪو بي بي جي قتل ۾ پڻ ملوث جي ريفرنڊم ان جو ساٿ ڏنو اهو سبب آهي جو اسان جو خان صاحب سان ذاتي نه پر نظرياتي اختلاف آهن هن چيو ته عمران ڪرپشن ڪرپشن جو راڳ آلاپي ٿو جڏهن ته خيبر پختون خواه ۾ هن جا پنهنجا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز بدعنواني جا پول کولي رهيا آهن هن چيو ته عائشه گلا لئي عمران خان تي اخلاقي ۽ مالي بدعنواني جا الزام مڙهيا آهن هن چيو ته پي ٽي آئي کي اسرائيل ۽ ڀارت پاران فنڊنگ واري ڳالهه اوهان سڀني کي خبر آهي هڪ سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ پ ۽ ڀٽو جا حقيقي ساٿي اڄ به موسان گڏ بيٺا آهن جڏهن ته مفاد پرست ماڻهو وقت سان گڏ هليا ويا هڪ سوال تي هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو سڄي ملڪ ۾ آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي سنڌ ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ٿي سگهي ۽ ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ به پ پ پ جي حڪومت واٽر فلٽر پلانٽ جو اسڪيمون منظور ڪرايون آهن جن تي تمام جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو هڪ سوال تي هن چيو ته پ پ پ صحت جي شعبي تي خاص توجه ڏئي رهي آهي ۽ مون اڄ ٽنڊي محمد خان ۾ دل جي بيمارين جي علاج لاءِ هڪ جديد اسپتال جو افتتاح ڪيو آهي جتي مريضن جو مفت علاج ٿيندو ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ اهڙِي ئي قسم جو اسپتال قائم ڪيو ويو آهي ۽ آئينده به اسان جي صوبائي حڪومت ماڻهن کي بهتر ۽ معياري صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي ڪم ڪندي رهندي ان موقعي تي ٽنڊو محمد خان جي صحافين پنهنجي مسئلن بابت پ پ پ جي چيئرمين کي آگاهي ڏني جنهن بلاول ڀٽو زرداري کين سندن مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد عليشاهه ، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاوله ،صوبائي وزير امداد پتافي ، ايم اين اي نويد قمر ، سينيٽر عاجز ڌامراهه، ايم پي اي اعجاز شاهه بخاري، شرجيل ميمڻ، گيانچند ايسراڻي ، ڊآڪٽر کٽو مل جيوڻ ، لا ل چند اڪراڻي ، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي بيمارين واري جديد اسپتال جو افتتاح ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان هڪ اهڙي ماڻهو جو ساٿي آهي جيڪو شهيد راڻي جي قتل ۾ سڌو ملوث آهي ، ۽ هاڻي ته صابر شاھ اهوچوي ٿو ته مسٽر خان کي اسرائيل ۽ انڊيا کان به فنڊنگ ملي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ هندن جي تهوار ڏياري جي موقعي تي شومندر ۾ هندو برادري سان يڪجهتي طور شامل ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جو راڳ الاپيندڙ مسٽر خان جا وزير مشير چون ٿا ته سندس ڪچن ڪرپشن ۽ ڪميشن جي رقم مان هلي ٿو ، هن چيو ته اسان جو ڪنهن سان ڪوبه ذاتي اختلاف نه آهي پر پاليسي موجب پ پ سنڌ جي حقيقي عوام دوست جماعت آهي جيڪا عوام جي دلين ۾ رهي ٿي ۽ اقليتن کان وٺي عورتن جي حقن جي ڳالھ کلئي ۽ چٽي نموني سان ڪري ٿي پر عمران خان ان وقت به سخت مخالفت ڪئي جڏهن پ پ هندو منارٽي بل پاس ڪيو ، عورتن جي حقن لاءِ به پ پ ئي قدم کنيا آهن ٻيا صرف عوام کي بيوقوف بڻائين ٿا ، سنڌ ۾ جلسن ڪرڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو ووٽ جو جڏهن به ٽائيم ايندو ان وقت ووٽ صرف بينظير جو هوندو سڀ ڏسندي رهجي ويندا ، هن چيو ته ملڪي معشيت ڪمزور ٿي ويئي آهي زرمبادلو خطرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي، اسان ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهيون ۽ پ پ جو ئي منشور آهي ته معيشت اسان جي مساوات آهي ، هن چيو ته پ پ عوام کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿي اسان جي ڪوشش آ



دهشتگردي خلاف جنگ: ڊرون جي بمباري ۽ طالبان جا حملا، 50 ڄڻا مارجي ويا


2017-10-20

قنڌار(م ڊ) افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ فوج جي اڏي تي طالبان جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۴۳ افغان فوجي مارجي ويا آهن. افغان وزارت دفاع طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو ضلعي ميوند ۾ اربع جي رات جو دير سان ڪيو ويو ۽ ان حملي ۾ ۹ فوجي به زخمي ٿيا آهن جڏهن ته ٦ لاپته آهن. ترجمان دولت وزيري جو چوڻ هو ته ٻن آپگهاتي بمبارن جيڪي گاڏين ۾ سوار هئا فوجي اڏي کي نشانو بڻايو. هن ٻڌايو ته ان کانپوءِ هٿياربند فوجي اڏي ۾ داخل ٿي ويا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ۹ طالبان به مارجي ويا آهن. طالبان ان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ به طالبان افغانستان جي اوڀرندي حصي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٻه حملا ڪيا هئا جن ۾ ۷۰ ماڻهو مارجي ويا هئا.افغان صوبي قنڌار ۾ ملٽري بيس تي ٿيل ڪار بم ڌماڪي ۾ 40 فوجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب  اربع ۽ خميس جي رات قنڌار  صوبي جي ضلعي ميوند ۾ موجود فوجي ڇانوڻي تي ڪار بم حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 40 فوجي مارجي ويا. بي بي سي سان سلهاڙيل صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته افغان بچاءَ واري وزارت ڌماڪي جي تصديق ڪري ڇڏي تنهن هوندي مارجي ويلن بابت تفصيل ناهن ڏنا ويا. جڏهن ته طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته ان ڌماڪي ۾ 60 فوجي مارجي ويا ۽ افغانستان ۾ هڪ ٻيو آمريڪي ڊرون حملو، ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا. افغانستان ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرون حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ ۲ طالبان اڳواڻن سوڌو ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا آهن، افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ آمريڪي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن طالبان اڳواڻن سوڌو ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا، افغان عملدارن مطابق آمريڪي ڊرون حملو ۲۴ ڪلاڪن اندر باتي ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ۾ ڪيو ويو، حملي ۾ دهشتگردن جون گاڏيون ۽ هٿيار پڻ تباهه ٿيا. واضح رهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان افغانستان ۾ جاري آمريڪي ڊرون حملن ۾ ۳۰ کان وڌيڪ ويڙهاڪ مارجي چڪا آهن.



آمريت جا پالتو سياستدان مذهبي جنونيت جو نظام آڻڻ چاهين ٿا: بلاول


2017-10-19

حيدرآباد(رپورٽ: غلام قادر جمالي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سرزمين سنڌ شاهه ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر شهباز، مخدوم نوح، شهيد هوش محمد شيدي جي ڌرتي آهي انهن بزرگن جو سنڌ سان دعائون گڏ آهن، سنڌ کي ڪير به ورهائي نٿو سگهي، پر سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارا پاڻ ورهائجي ويندا، اسان اڄ شهيد هوش محمد شيدي جي ڌرتي تي گڏ ٿيا آهيون، ڪارساز سانحي جي شهيدن کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ۽ شهيد هوش محمد شيدي چيو هو ته” مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ڪارساز جي شهيدن جانثار بينظير تان پنهنجا سر قربان ڪيا پ پ ظلم ۽ ظالمن جي خلاف ويڙهه وڙهي آهي، پ پ جي جيالي شهيد ڀٽو جو جهنڊو ڪرڻ نه ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ تاريخي وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، جلسي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، بلاول چيو ته اڄ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، هن چيو ته آمريت جا پالتو سياستدان مذهبي جنونيت جو نظام آڻڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ڀٽو ايوب آمريت کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، پ پ ٺاهي 20 نومبر تي پ پ کي 50 سال پورا پيا ٿين، اڄ جنرل ايوب ناهي جنرل ضياءُ الحق ناهي پرويز مشرف ڀاڄوڪڙ آهي پر پ پ زنده آهي، ڀٽو زنده آهي، بي بي زنده آهي، ڀٽي جو نعرو گونجارڻ وارا لکين ماڻهو زنده آهن ۽ چون ٿا ته ظالماڻو نظام قبول ناهي، هن چيو ته آمريت جا پالتو سياستدان الزامن ۽ گندين گارين تي لهي آيا آهن، مان ڪنهن تي الزام نٿو هڻان انهن نااهلن کي چوان ٿو ته اوهان آمريت جا پالتو آهيو ۽ مذهبي جنونيت جو نظام آڻڻ چاهيو ٿا عوام ڪڏهن به اهو نظام قبول نه ڪندو. هن چيو ته جنرل ايوب کي جنرل موسيٰ خط لکيو هو ته ڀٽو حيدرآباد هالا ڪنوينشن ۾ غريبن جي پارٽي ٺاهي آهي ها مان چوان ٿو ته پ پ غريب پورهيتن جي پارٽي آهي، هارين جي پارٽي آهي، وڪيلن جي پارٽي آهي، عوام جي پارٽي آهي، هن چيو ته ظالم ضياءَ شهيد ڀٽو کي ڦاهي جو ڦندو ڏنو، عوام خاطر شهيد ڀٽو اهو ڦاهي جو ڦندو چمي قبول ڪيو، هن چيو ته مخالف عوام کي ورغلائڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، ڪرپشن جو نعرو استعمال ڪندا آهن جيڪڏهن ڪنهن کي پاڪستان مان ڪرپشن ختم ڪرڻي آهي ته پورهيتن، هارين ۽ مظلوم طبقي کي حق ڏيڻا پوندا ۽ پنهنجو ظالماڻو نظام ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو مظلوم ڪارڪنن جي شهيد ڀٽو کانپوءِ قيادت ڪئي محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي. شهيد راڻي کي جيل جلاوطنيون ۽ سختيون ڏنيون ويون، جڏهن 18 آڪٽوبر تي شهيد راڻي ڏيساور مان ڏيهه وري تڏهن لکين ماڻهن ڪراچي ۾ ان جي آجيان ڪئي ۽ انهن جي اميد ثابت ٿي پر ان اميد تي به دشمنن حملو ڪيو ۽ ڪارساز جو سانحو ڪيو، جانثار بينظير جيالا پروانا بڻجي ويا، اڍائي سئو کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿيا، 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، مان اڄ انهن سمورن بهادرن کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي جابر قوتن آڏو ويڙهه وڙهيا، هاڻ تاريخ اهو فرض منهنجي ڪلهن تي رکيو آهي ڀٽي جي نالي جي طاقت اسان سان گڏ آهي اسان جمهوريت خلاف سازشن کي گڏجي ناڪام ڪنداسين، اڄ به جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، پ پ ايوب آمر کي به چيو هو ته ظلم نه هلندو ، ضياءَ کي به چيو هو ظلم نه هلندو، ايوب خلاف پ پ نعرو لڳايو هو ته لٺ ۽ گولي جي سرڪار هلڻ نه ڏينداسين، پ پ قربانين جا نوان داستان لکيا آهن، هڪ طرف پ پ آهي ٻئي طرف آمريتي پالتو سياستدان آهن، هي جدوجهد جاري آهي. هن چيو ته حيدرآباد سان اسان جون يادون واڳيل آهن، حيدرآباد شهيد هوش محمد جو شهر آهي پڪو قلعو هجي جا ڪچو قلعو حيدرآباد سان مان پيار ڪيان ٿو، هالا ۾ پ پ ڪنوينشن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون، هن سنڌ حڪومت جي ترقياتي ڪمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار سياست کي عبادت سمجهي عوام جي خدمت ضرور ڪري رهي آهي پر اها مان دعويٰ نٿو ڪيان ته سڀ ٺيڪ آهي هن چيو ته وفاقي سرڪار پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿي ڪري، هي ڪهڙو انصاف آهي ته پاڻي گهڻو هجي ته سنڌ کي ٻوڙيو وڃي ۽ پاڻي گهٽ هجي ته سنڌ کي ڦڙو به نه ڏنو وڃي جو سنڌ جا فصل سڪي وڃن، اها ناانصافي قبول ناهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايم ڪيو ايم کان ووٽ وٺڻ لاءِ ڪراچي حيدرآباد کي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ته ڪيو آهي پر اهي ڪڏهن پورا ڪيا ويندا، سنڌ ۾ بهتر صحت نظام مفت تعليم سميت عوام لاءِ خدمت جاري آهي هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ وارن ته هڪ به نئين اسپتال ناهي ٺاهي اسان سياست کي عبادت سمجهون ٿا ۽ اها عبادت ڪندا رهنداسين.



ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا: حيدرآباد جي جلسن جي تاريخ ۾ پ پ نئون رڪاڊ قائم ڪري ورتو


2017-10-19

ڪراچي/حيدرآباد(خاص رپورٽ: عبداش پنهور) پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڪارساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تاريخي جلسو ڪيو ويو، ڪارساز جي شهيدن جي ياد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جلسي حيدرآباد جي سياسي جلسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، حيدرآباد ۾ ڪارساز سانحي جي ياد ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري جلسي جو پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هيليڪاپٽر تي هيٺين سطح تي اڏار ۾ اکين سان منظر ڏٺو ۽ عوامي نعرن جا فتح جا نشان ڏيکاري سرهائي جو اظهار ڪيو، حيدرآباد جلسي ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد علي نواز شاهه رضوي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جو قافلو شهر جا روڊ رستا لتاڙي جلسي گاهه پهتو، جلسو گاهه هٽڙي باءِ پاس جي ميدان تي ڪيو ويو، جلسي جو حيدرآباد سکر نيشنل هاءِ وي روٽ ۾ سوين گاڏين جي قافلن جي هزارين گاڏين ۾ ماڻهن جا جٿا هڪ هجوم جو ميڙ جلسي گاهه ۾ پهتل ته ساڳئي هجوم جي پڇڙي مياڻي ٻيلي تائين پکيڙيل هئي، ٻئي طرف ميرپورخاص ، ٺٽو، بدين، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمد خان جا جلوس فتح چوڪ کان هالا ناڪي تائين ڊگهي قطار ۾ اکين اڀياس ڪيو، حيدرآباد ڄامشورو روٽ تي وڏو جلوس ڪنگ آف ڪوهستان ۽ پ پ ايم اين اي سردار ملڪ اسد سڪندر علي خان جي قافلي جو هيو، جنهن ۾ هزارين گاڏين ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو جلسي گاهه پهچايا ويا، هي مرڪزي هي مرڪزي قافلو ٿاڻو عارب خان، ٿاڻو احمد خان، ٿاڻو بولاخان، سري، مول سميت ڪوهستان واسين سان گڏ ڪوٽڙي مان ملڪ هائوس کان روانو ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي گاهه آمد وقت تائين هن قافلي جي آخري ڇيڙو راجپوتانا لڳ پاءِ وس وٽ پيادل روانو ٿيو، صوبائي وزير ڄام خان شورو پ پ اڳواڻ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو پاران ڌار ڌار وڏا جلوس ڪوٽڙي ۽ ڪرن خان شورو ڳوٺ مان روانا ٿيا، ٽنڊوالهيار مان وڏو جلوس عبدالستار بچاڻي، ذوالفقار بچاڻي، شرجيل انعام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ روانا ٿيا، جڏهن ته پ پ اڳواڻ خير محمد کوکر پاران هڪ وڏو قافلو ڌار جلوس ۾ جلسي گاهه پهتو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي هن جلسي ۾ شرڪت لاءِ شهيد بينظير آباد مان هزارين گاڏين جو قافلو جلسي گاهه پهتو، مٽياري ضلعي مان مخدوم عمار حيدر جي اڳواڻي ۾ هزارين گاڏين جو قافلو جلسي گاهه ۾ شريڪ ٿيو، قمبر شهدادڪوٽ مان پ پ اڳواڻ سردار نادر علي مگسي جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جو قافلو جلسي گاهه پهتو، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڪارساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ ٿڌي پاڻي جون سوين سبيلون لڳايون ويون، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي هيلٿ مرڪز قائم ڪيا ويا جڏهن ته جلسي جي داخلا جي ٻنهي لنگهن تي پهچڻ تائين ٻنهي طرفن کان 20 کان وڌيڪ پوليس پوسٽون قائم ڪري چڪاسي جو نظام سخت ڪيو ويو، خاص ڪري ٽريفڪ پوليس پاران جلسي کان ٻنهي طرفن کان اٽڪل چار ڪلوميٽر پري گاڏيون بيهارڻ ۽ ڪارڪنن پاران پيادل پنڌ ڪرڻ واري صورتحال سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، حيدرآباد هٽڙي باءِ پاس ، حيدر ڄامشورو باءِ پاس روٽ کي عام گاڏين لاءِ متبادل رستو ڏنو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري هن جلسي ۾ هوسڙي کان سجاد سولنگي، جبار سولنگي، محمد اياز سولنگي جي اڳواڻي ۾ وڏو قافلو پهتو ، پ پ ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻ اعجاز مولائي جي اڳواڻي ۾ يوٿ هيلپ ورڪرز جانثار بلاول جا جٿا جلسي ۾ شريڪ ماڻهن جي نگهباني ڪندا رهيا، جلسي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، مڪاني ادارن جي سمورن چيئرمينن، عهديدارن، قومي اسيمبلي جي ميمبرن ، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سميت لکين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي، هڪ اندازي مطابق پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري هن جلسي ۾ 20 لک کان 25 لکن تائين ماڻهو گڻپ جو انگ گهٽ ناهي.



آمريڪي ڊرون جي بمباري ۽ طالبان جو آپگهاتي حملو103 ماڻهو مارجي ويا 250 کان وڌيڪ زخمي


2017-10-18

ڪرم ايجنسي/ : ڪابل/لنڊن ( م ڊ ) پاڪ افغان سرحدي علائقي خرلاچي ۾ ٻن ڏينهن دوران مسلسل ٽئين ڊرون حملي جي نتيجي وڌيڪ 9 ڄڻا مارجي ويا. ذريعن موجب منجهند ساڍي3 وڳي آمريڪي جاسوس جهاز جي حملي ۾ جماعت الاحرار، تحريڪ طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ذريعن موجب تازي ميزائل حملي ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 5  زخمي ٿيا آهن. صبح سوير پڻ ساڳي علائقي ۾ آمريڪي جاسوس جهاز  گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجڻ جو خدشو آهي. ميزائل حملي کانپوءِ گهر مان دونهون اٿندي ڏٺو ويو، جڏهن ته ڊرون جي هيٺين اڏامن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.سومر ڏهاڙي پڻ  ساڳي علائقي تي هڪ گهر تي حملي جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.جڏهن ته افغانستان ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو، ۲۰ ڄڻا مارجي ويا،افغانستان جي صوبي پڪتيڪا جي ضلعي گرديز ۾ طالبان پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ۲۰ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. افغان گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته هڪ ڪار سوار آپگهاتي بمبار گرديز ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر جي ويجهو بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ان کانپوءِ ٻين ويڙهاڪن به حملو ڪري ڏنو. افغان گهرو وزارت مطابق حملو پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ رهندڙ اهلڪارن جي گهرن جي ويجهو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو ٻه ڪار سوار آپگهاتي بمبارن ڪيو جنهن ۾ ضلعي پوليس چيف به شديد زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. پڪتيڪا صوبي جي نائب گورنر ۲۰ ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ ۷۰ جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.ٻئي طرف پرڌيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته افغانستاني طالبان تي پاڪستان جو ڪو به اثر ناهي، افغانستان جي حڪومت پاڻ طالبان سان رابطن ۾ رهندي، خواجه آصف چيو ته افغانستان جي طالبان جو مسئلو انهن جو اندروني مسئلو آهي ،هوڏانهن بي بي سي موجب آمريڪي جاسوس جهاز ڊرون جي جماعت الاحرار، تحريڪ طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي ٿاڪن تي بمباري ،تازن حملن ۾ 31ڄڻا مارجي ويا آهن ،عالمي خابرو ادارو جي خبرچار ۾ ٻڌايو ويو اهي ته هڪ ڊرون حملي ۾ 20ڄڻا مارجي ويا جنهن ۾ هڪ اهم ڪمانڊر مارجي ويو آهي آمريڪي صدر ڊولنڊ ٽرمپ جي تازي افغانساتان پاليسي کان پوءِ اهو پهريون وڏو ڊرون حملو آهي بي بي سي موجب هڪ ڌار حملي ۾ 5ڄڻا مارجي وياآهن جڏهن مسقط ۾ افغستان امن بابت پاڪستان ،آمريڪا ،چين سميت ڌرين هلندڙ ڳالهين ۾ خاموشي چانئجي وئي آهي گذريل ٽن دوران ڌرين پاران هڪ ويهڪ ٿي گذري آهي ، تازن حلم سان خاموشي ٿي وئي آهي،جڏهن ته مختلف ڏيهي پر ڏيهي خابرو ادارن جي خبر چار مطابق خوست ۽ پڪتيڪا صوبي جي نائب گورنر ۲۰ ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ 250کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جڏهن فوتين جو انگ 72ٿي ويو آهي ۽ڊرون حملن سميت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 103ماڻهون مارجي ويا آهن



E-Paper




Jobs




Advertising