پ پ جو 50 سالا يوم تاسيس، جلسي جي موقعي تي عوامي سمنڊ اٿلي پيو، ساک کڻي وچن ڪيو ويو، ظالماڻو نظام نه کپي، پارٽي چيئرمين پاران 6 نڪاتي سڌارن جو اعلان،،، ماڻهو مايوس نه ٿين، جيڪو ٿيندو عوام جو ووٽ فيصلو ڪندو: پ پ قيادت،،، ڀٽو شڪست کاڌل، ٽٽل ڦٽل پاڪستان سنڀاليو، هر دور ۾ پ پ غير معمولي حالتن ۾ پاڪستان کي سنڀاليو آهي، هر قسم جي فتني ساڙ کان آجو سماج چاهيون ٿا: بلاول،،، اسان پاڪستان کي نئين صورت ڏني، بلوچستان کي ترقي ڏياري، جمهوريت جو تحفو پ پ ۽ بينظير جي قرباني جو آهي،،، گاڊ فادر ۽ ڪوڙي خان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي: زرداري،،، آمرن جي ڪري اوڀر ۽ اولهه پاڪستان ۾ نار وڌندو ويو، ڀٽو شهيد پاڪستان رياست کي جمهوري آئيني بنياد تي قائم ڪيو، ڀٽي پاڪستان کي مضبوطي ڏني ته غير جمهوري قوتن حملا ڪرڻ شروع ڪيا، ڀٽي شهيد هن ملڪ کي آئين ڏنو،،، ڀٽي شهيد پاڪستان کي جمهوري ۽ پارلياماني روايتن ڏانهن وڌايو، ماءُ جي مٿي تي لڳندڙ لٺين به بينظير جو حوصلو نه ٽوڙيو، شهيد ڀٽي 90 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا، آصف زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو،،، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏئي پاڪستان جو دفاع هر دور لاءِ مضبوط ڪري ڇڏيو، انڊيا وارا ٻڌي ڇڏين ته جيسيتائين پ پ آهي ڪشمير اسان جو آهي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي: اڳوڻو صدر آصف،،، پ پ ڪنهن خاندان نه پر عوام جي ميراث آهي، نواز شريف ووٽ چوري ڪري حڪومت ٺاهي، هن وقت ان ملڪ ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، جعلي خان جعلي مينڊيٽ ۽ مشرف جو ڪو به مستقبل ناهي، هاڻي پنهنجي جمهوريت آڻينداسين: جلسي کي خطاب ***سازشون ڪندڙن کي عوام 2018ع جي چونڊن ۾ لغام ڏيندو: مريم اورنگزيب،،، ڌرڻي تي وڌيڪ ڳالهائڻ پاڪستان جي حق ۾ ناهي، پاڪستان اهڙن ڌرڻن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي،،، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڌرڻن جي سياست ڪندڙ ملڪ سان سچا نه آهن *** شهباز شريف ۽ ٻين ذميوارن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: طاهر القادري،،، حڪومت معصوم ماڻهن کان حياتيون کسيون، حڪمرانن مان چڱائي جي اميد ناهي، ڪابه ٽياڪڙي نه گهرجي، قانون جي طاقت سان حڪمرانن جون ڳچيون پڪڙيون وينديون،،، مظلوم ماڻهن لاءِ قصاص ۽ انصاف گهرجي، يتيمن جون پٽون ۽ پاراتا کين ڪنهن به قيمت تي بچڻ نه ڏيندا، ٻئي ڀائر ۽ سندس ساٿي جيل ويندا،،، پنجاب جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ذميواري مٿس لاڳو ٿي ته فوري طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ فيصلو برقرار رکيو آهي ***لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،،، جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس قاضي محمد امين احمد تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي،،، جاچ رپورٽ جون ڪاپيون صوبائي حڪومت کي ڏنيون وڃن اها فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿي، رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد ٽرائل تي اثر نه پوندو: عدالت *** ماڊل ٽائون سانحي جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي: پ پ،،، انڪوائري رپورٽ منظر عام تي ايندي ئي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي: چوڌري منظور،،، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي فوري طور عمل ڪيو وڃي ۽ رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي *** رپورٽ جون حقيقتون ڄاڻڻ ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن جو حق آهي: بابر اعواڻ،،، شهباز شريف 10 ارب رپين جي هرجاڻي واري دعويٰ جو ترت فيصلو چاهي ٿو،،، حڪومت پاڻ ڪميشن ٺاهي هئي، هاڻي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ ۾ ڇا آهي: ميڊيا سان ڳالهيون *** قانوني طور جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ غير اثرائتي آهي: راڻا ثناءُ الله،،، ماڊل ٽائون سانحي بابت رپورٽ ۾ ڪنهن به حڪومتي شخص کي ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو،،، عدالت حڪومت کي 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جاري ڪرڻ جو چيو آهي، واقعي جا بي شمار ثبوت ميڊيا وٽ آهن،،، ايجنسين جي رپورٽ کي ان رپورٽ سان ناهي سلهاڙيو ويو، رپورٽ ۾ پي اي ٽي طرفان ڪا شهادت ناهي ٿي *** ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ سرچ آپريشن دوران ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو *** سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو،،، سنڌ جي اترئين علائقن ۾ صبح جو هلڪو ڪوهيڙو ٿيڻ جو امڪان، ٿڌين هوائن سنڌ جو رخ ڪري ورتو،،، ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سياري جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي ۽ ڪوئيٽا ۾ گرمي پد منفي 10 ڊگري تي پهچي ويو،،، ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي: موسميات کاتو *** ٻيهر اين ٽي ايس ٽيسٽ بابت وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار، نتيجا برقرار،،، اين ٽي ايس ٽيسٽ ميرٽ تي ڏني هئي، پيپر رد ڪرڻ غيرقانوني آهي، اسان ٽيسٽ ۾ پاس ٿياسين، ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ غيرقانوني آهي: درخواستگذار،،، عدالت دليل ٻڌڻ بعد اين ٽي ايس نتيجن کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،،، سنڌ جي وڏي وزير ٻيهر امتحان وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته ميڊيڪل جي شاگردن اين ٽي ايس ٽيسٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ***غير ملڪي فنڊنگ ڪيس: عدالت اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ خلاف وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو،،، جسٽس محسن اختر غير ملڪي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي 8 مئي واري حڪم خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،،، اليڪشن ڪميشن جو تحريڪ انصاف سان رويو تعصب تي ٻڌل آهي.تحريڪ انصاف جي اڪائونٽن جا تفصيل شايع ڪرڻ غير قانوني قدم آهي: وڪيل انور منصور *** نواز شريف کي پارٽي صدر بڻجڻ بابت ڪيس ۾ نوٽس جاري *** ڪوئيٽا ۾ ڊي آءِ جي حامد شڪيل تي حملي ۾ مددگار گرفتار *** آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، آپريشن رد الفساد ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو،،، ڪانفرنس ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، آپريشن رد الفساد، خوشحال پاڪستان پروگرام ۽ بلوچستان ۾ ترقياتي مضبوطي جي معاملن تي غور ڪيو ويو *** عمران خان 15 ڊسمبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، تياريون شروع *** پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن بابت فيصلو 13 ڊسمبر تائين ملتوي،،، اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي،،، اڄ ٻيون ڀيرو درخواست کي اسان جي ڪري ملتوي ڪيو پيو وڃي: چيف اليڪشن ڪمشنر***

ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا


2017-10-18

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا، ٺٽو، ٽنڊومحمد خان، ٺارو شاهه، درياءَ خان مري ، ڪنڊيارو، دادو،ڏوڪري سميت مختلف شهرن ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، رشيد جتوئي، انيس خاصخيلي، شبير جمالي ۽ ٻين ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن مالڪ خشڪ، شهيد مٺو بليدي ۽ ٻين جي مزارن تي گل نشاور ڪري ۽ قومي سلام پيش ڪيو ويو ان موقعي تي جسقپ اڳواڻن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور رنگ لاهيندي اسان پنهنجي قومپرست شهيدن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته انهن جي قربانين جي ڪري اڄ تائين جدوجهد جاري آهي هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي سنڌي ماڻهن جي ڏنل تذليل واري بيان جي مذمت ڪريون ٿا سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اهي اهڙي نااهل وزيرن جو بائيڪاٽ ڪن هنن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي جنهن ۾ ڌاري آباد ڪاري ۾ وڏو تعداد سنڌ ۾ آهي اهي سنڌي ماڻهن جي روزگار تي قابض ٿي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ اڳئي سنڌي ماڻهو بدامني ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو شڪار آهن ويتر حڪومتي ڌر نام نياد پناگيرن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جون سازشون ٿي رهيو آهن هنن چيو ته سنڌ جي مذهبي درگاهن تي خودڪشي بمباري حملا ڪري انسانيت جو قتل عام ڪيو پيو وڃي ان تي حڪمران ،مشير وزير ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي جيڪا ڏکيل ڳالھ آهي اسان هنن حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته ڌاريا آبادڪاري تي بندش وڌي وڃي ۽ شهيدن جي پوئينرن کي معاوضا ڏنا وڃن. ٺاروشاھ ڀرسان ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 33 ورسيءَ جي موقعي تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد امان الله وسطڙو جي مزار تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، آصف راهوجو، خادم شر، انعام گل مري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين جسقم ڪارڪنن حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻين چيو ته جي ايم سيد جي عدم تشدد واري ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهيون، شهيدن جي قرباني رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ به قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جسقم جي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد جاري آهي، کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي نه ته سڄي سنڌ اندر احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويندو.



ديوار برلن کانپوءِ اجنبيت ۽ نااُميديءَ جي ڀتن کي به ڪيرائڻ جي ضرورت آهي: جرمن صدر


2017-10-05

برلن(م ڊ) يوم اتحاد جرمني جي ۲۷هين سالگرهه جي موقعي تي وفاقي جرمن صدر فرانڪ والٽر اسٽين مائر چيو ته جرمني ۾ اڄ ماضيءَ جي ديوار برلن کانپوءِ اجنبيت ۽ نااُميديءَ جون ڀتيون قائم ٿي چڪيون آهن. جرمن خابرو اداري موجب مائنز شهر ۾ جرمني جي اتحاد جي ۲۷هين سالگرهه جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ماضيءَ ۾ جنهن ڀت جرمن رياست کي اوڀر ۽ اولهه حصن ۾ ورهايو هو، اڄ ان جي جاءِ تي اجنبيت، نااميدي ۽ ڪاوڙ جون ڀتون قائم ٿي چڪيون آهن جن کي ڪيرائڻ انتهائي ضروري آهي. پناهگيرن جي بحران دوران لکين پرڏيهين جي جرمني اچڻ کي نظر ۾ رکندي وفاقي صدر چيو ته جرمني ڏُکيائين جو شڪار انسانن بابت لاتعلقي جو مظاهرو نه ٿو ڪري سگهي.



حادثاتي طور تي شروع ٿيندڙ ايٽمي جنگ کي روڪيندڙ روسي هيرو لاڏاڻو ڪري ويو


2017-09-19

 ماسڪو(م ڊ) سرد جنگ جي عروج تي پنهنجي حاضر دماغي سان آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ ايٽمي جنگ شروع ٿيڻ کان روڪيندڙ سوويت يونين جو اڳوڻو فوجي آفيسر سٽانسلاو پيٽروف ۷۷ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. خبرن مطابق سٽانسلاو پيٽروف مئي ۾ فوت ٿيو پر اها خبر عوام جي سامهون هاڻي آندي وئي آهي. رپورٽ مطابق سوويت يونين جو سٽانسلاو پيٽروف ۱۹۸۳ع ۾ روس جي هڪ ايٽمي ٺڪاڻي تي مقرر هو جڏهن اتي ڪمپيوٽر تي الارم وارننگ ڏني ته آمريڪا روس تي ميزائل فائر ڪيا آهن. سٽانسلاو پيٽروف اندازو لڳايو ته اهي الارم غلطي سان وڳا آهن ۽ هن پنهنجي اختيارين تائين اها ڳالهه نه پهچائي. سٽانسلاو پيٽروف جو اهو عمل سالن کانپوءِ سامهون آيو جنهن سان اها خبر پئي ته سندس ان عمل سان امڪاني ايٽمي جنگ شروع ٿيڻ کان بچي وئي.



باڊهه تاريخي ماڳ ڌامراهه جو دڙو ڀوڳڙن مٺ عيوض وڪرو، سرڪار خاموش تماشائي بڻيل


2017-09-10

باڊهه(رپورٽ: فقير فياض ڪانڌڙو ) باڊهه تاريخي ماڳ ڌامراهه جو دڙو ڀوڳڙن مٺ عيوض وڪرو. خبر موجب : باڊهه ڀرسان تاريخي ماڳ موهن جو دڙو سئو چار ايڪڙ زمين ڀوڳڙن مٺ عيوض بااثر ماڻهن کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن دڙي تي قبضو ڪندڙ قبضِا مافيا خلاف ڪجهه عرصو اڳ چوڪيدار سڪندر مغيري جي فرياد تي نصيرآباد ٿاڻي تي قبضي جو ڪيس بااثرن ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو هيو جنهن تي نصيرآباد پوليس پاران حرڪت ۾ اچي قبضا مافيا خلاف ٻڌ چوڙ پڻ ڪئي هئي.جنهن جو ڪيس شيشن ڪورٽ ۾ پڻ هلندڙ آهي هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته بدنام زمانا تپيدار سڪندر جتوئي تاريخي ماڳ ڌامراهه جي دڙي جي زمين هڪ سئو چار ايڪڙ تي مشتمل آهي جنهن جو رڪارڊ تپيدار سڪندر جتوئي ڀوڳڻن مٺ ۾ بااثر ماڻهن جي نالي ڪري ڇڏي آهي.تاريخي ماڳ دامراهه جي دڙي مان ڀرسان پوڻ سبب دڙي مان سونا زيور توڙي چانڊي جا زيور ۽ ٽڪر جا ٿانءَ ۽ قديمي دور جو سرون پڻ ملندي رهن ٿيون.پر ان باوجود به انتظاميا جي نااهلي ڪري تاريخي ماڳ ڌامراهه جو دڙو لاوارث بڻجي وڪري ٿي رهيو آهي.پر روينيو نصيرآباد مختيار ڪار علي اصغر لاشاري تپيدار ديهه ڌامراهه جو سڪندر جتوئي تاريخي ماڳ جي حفاظت ڪرڻ بدران بااثر ماڻهن کان پئسا وٺي دڙي جي تاريخي زمين وڪري ڪري سنڌ ڌرتي جي قديمي اثارن سان ناانصافي ڪري رهيو آهي.انتظاميا راشي تپيدار ۽ مختيار ڪار خلاف هن وقت تائين ڪابه قانوني ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.سانح وندن عزيز بروهي،قادر بروهي،زيب ساريو،اضغر نوناري،عمران منگي،پروفيسر ذوالفقار ڪولاچي رابطو ڪندي چيو آهي ته افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي قديمي اثارن کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن تاريخي ماڳ کي هن وقت تائين نه چوڌيواري ڏني وئي آهي نه ئي اتي ڪوئي آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. تاريخي ماڳ قبضا مافيا حوالي اڃان تائين آهي.اسين سنڌ حڪومت کان اپيل ٿا ڪريون ته راشي مختيار ڪار علي اصغر لاشاري ۽ بدنام زمانا تپيدار سڪندر جتوئي کي هٽائي تاريخي ماڳ کي بچايو وڃي.دڙي کي چوڌيواري پڻ ڏني وڃي.



اسپين ۾ انساني ٽاورز جو ساليانو ميلو منعقد ڪيو ويو.


2017-07-01

دلچسپ تهوار منعقد ڪرڻ سبب مشهوري ماڻيندڙ ملڪ اسپين جي شهر بارسيلونا ۾ انساني ٽاور ٺاهڻ جو ساليانو ميلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هڪ ئي رنگ جو لباس پائي هزارين ماڻهن هڪ ٻئي جي ڪُلهن تي سوار ٿي انساني مينار تخليق ڪيا. ٽاور ٺاهڻ جي مقابلي ۾ مردن ۽ عورتن سميت ٻارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري داد وصول ڪيو. واضح رهي ته ڪاسٽلز انساني ٽاور ٺاهڻ جي روايت 18 هين صدي ۾ اسپين جي شهر تاراگونا کان شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.



موهن جو دڙو اٺ هزار سال پراڻو آهي


2017-05-08

هڪ نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جو مشهور ماڳ موهن جو دڙو تقريبن اٺ هزار سال پراڻو اهي



E-Paper




Jobs




Advertising