عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، جمهوريت احتساب کان سواءِ نٿي هلي سگهي: بلاول، 2014ع ۾ جمهوريت تي حملو ڪرڻ ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هيو، پي ٽي آئي کي اسرائيل ۽ ڀارت پاران فنڊنگ واري ڳالهه اوهان سڀني کي خبر آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاران ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي بيمارين واري جديد اسپتال جو افتتاح، شيو مندر ۾ تقريب کي خطاب ۽ هندو برداري سان ڏياري جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار * غير موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو: نواز شريف، اسان جي مخالفن کي چونڊي چونڊي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته پانامه الزام تي فيصلو اچي اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ پسند جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا انهن جو فيصلو انصاف جو قتل آهي، اقامه تي فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو انصاف ٿيو آهي يا انصاف جو قتل ٿيو آهي * اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف 22 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو * دهشتگردي خلاف جنگ: ڊرون جي بمباري ۽ طالبان جا حملا، 50 ڄڻا مارجي ويا، آمريڪي ڊرون پاڪ، افغان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو وٺي ٻه ميزائل گولا فائر ڪيا، 4 دهشتگرد مارجي ويا، جماعت الاحرار ڪمانڊر عمر خالد خراساني ڊرون حملي ۾ مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، اسان جو ڪمانڊر مارجي چڪو آهي: ترجمان اسد، افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ فوج جي اڏي تي ٻه ڪار بم آپگهاتي ڌماڪا طالبان جي حملي ۾ 40 فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، گاڏيون تباهه، افغانستان ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرون حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ ۲ طالبان اڳواڻن سوڌو ۱۲ ويڙهاڪ مارجي ويا آهن: طالبان جي دعويٰ، آمريڪي ڊرون حملو ۲۴ ڪلاڪن اندر باتي ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ۾ ڪيو ويو، حملي ۾ دهشتگردن جون گاڏيون ۽ هٿيار پڻ تباهه ٿيا: افغان عملدار * جوهري ڊيل بچائڻ لاءِ يورپ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري: ايراني سپريم ليڊر، جيڪڏهن يورپ ان ڊيل تي ڪاربند رهي ٿو ته ايران به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو رهندو، يورپي ملڪن کي آمريڪا تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته اهو ان جوهري معاهدي تان هٿ نه کڻي * ڪوئيٽا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، ۳ دهشتگرد مارجي ويا، پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪار ڪارروائي لاءِ پهتا ته ملزمن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ۳ دهشتگرد مارجي ويا. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا * مستونگ وچ بازار ۾ بم ڌماڪو، 10 ڄڻا زخمي، دستي بم ڌماڪو صفر خان چوڪ تي ٿيو، سمورن زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي: پوليس * ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ۷ اهلڪارن جي نصيرآباد، صحبت پور ۽ اوستا محمد ۾ تدفين * ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سي ٽي ڊي انسپيڪٽر شهيد، قمبراڻي روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن سي ٽي ڊي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ سي ٽي ڊي انسپيڪٽر عبدالسلام شهيد ٿي ويو * پاڪستان جي ٻن سرحدن تي موجود ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڏيڻ چاهيون ٿا: آمريڪي پرڏيهي وزير، جيترو عرصو گهربل ٿيو اسان هتي رهنداسين، طالبان ۽ ٻيا اهو ڄاڻي وٺن ته اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون، افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اهم عنصر آهن، ڀارت جو اهم ڪردار اهو آهي ته اهو افغانستان ۾ ترقياتي ڪمن ۾ مدد ڪري * سزا پهريان ٻڌائي وئي، ٽرائل پوءِ ٿي رهيو آهي: مريم نواز، پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي ته سيسلين مافيا عدالتن ۾ پيش ٿي رهي آهي، نواز شريف هن ئي هفتي جي آخر يا ايندڙ هفتي واپس اچي ويندو: ميڊيا سان ڳالهيون * بنون ۾ چيڪ پوسٽ ڀرسان ڌماڪو، ۲ اهلڪار شهيد، شهيد ٿيندڙن ۾ تصور علي ۽ غلام رباني شامل، واقعي جي جاچ شروع * مريم نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو * نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو، ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد، واليوم 10 ۽ جي آءِ ٽي جي شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ تائين فرد جرم جي ڪارروائي روڪي وڃي: وڪيلن جي درخواست، واليم 10 ۾ پرڏيهه ملڪ جاچ جا تفصيل آهن، جاچ مڪمل ٿيندي ته ڪاپيون فراهم ڪيون وينديون، جاويد ڪياني خلاف شاهدين جو جائزو ورتو پيو وڃي: نيب پراسيڪيوٽر * وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي روانو ٿي ويو * ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي ۾ گينگ وار ڪمانڊر غفور ڇوٽو مارجي ويو، ڇاپي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا: ترجمان، مارجي ويل جي قبضي مان هڪ ايس ايم جي، هڪ نائن ايم ايم، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ ۱۰ رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن * دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ افغانستان ۾ آهن: پرڏيهي ترجمان، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف بنا فرق ڪارروايون ڪري ملڪ مان دهشتگرديءَ جو صفايو ڪيو آهي: نفيس ذڪريا، ڀارتي فوج مسلسل والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن جا سمورا ٿاڪ افغانستان ۾ آهن، بازياب ڪئنڊين جوڙي کي به افغانستان مان ئي اغوا ڪيو ويو هو: بريفنگ * لطيف سرڪار رحه جي شاعري ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ رهنمائي جون سموريون واٽون سمايل آهن: اڳواڻ، افسوس جو مقام آهي ته ترقي يافته هوندي به اسان اهڙي عظيم رهبر ۽ رهنما جي پيغام کان پري آهيون، انتها پسندي ، دهشتگردي، عدم برداشت جي خاتمي جو واحد حل ڀٽ ڌڻي جي فڪر ۽ پيغام ۾ سمايل آهي * ڪيٽي بندر جي ڳاڙهو شهر مان هندو ناري اغوا، وارث ڏياري جي خوشين کان محروم، اسان جي گهرن ۾ اڄ ڏياري جون خوشيون اڌوريون رهجي ويو آھن، ڪنهن کي دانهن ڏيون: وارث * بن قاسم جي ڄام ڪنڊو پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي، گذريل ڏينهن پڙهائي دوران اوچتو ڇت جا چاپڙا ڪري پيا جنهن سبب ڪيترائي ٻار زخمي ٿيڻ سبب ڪيهاٽ پئجي ۽ ڀاڄ پئجي وئي، 1970ع کان وٺي هيستائين انهن 47 سالن ۾ اسڪول جي عمارت جي مرمت ناهي ڪئي وئي، ان وقت دوران مرمت جي مد ۾ مليل فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن: هيڊ ماستر، اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايت باوجود عمارت جي مرمت نه ڪري اسان جي ٻچرن جي حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، ڪو به نقصان ٿيو ته ذميوار تعليم کاتو هوندو: والدين * فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو روشن مثال آهي، اڃا ته پلن تان پاڻي گذرڻ باقي آهي، هي اسان کي اسان جي ڦريل دولت ڏيکارين ٿا: ميڊيا سان ڳالهيون * اصل پاپي پاپا آهي، ججن ۽ فيصلن کي تڪراري بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين: فواد چوڌري، شريف خاندان تي لنڊن فليٽس تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهم پاپا نواز شريف آهي، واليم 10 کلندو ته اسان کي خبر ناهي ته شريف خاندان ڪهڙي ڪهڙي ملڪ سان ڪاروبار ڪيو آهي *

General

ڪابل ۾ ملٽري اڪيڊمي بس تي آپگهاتي بم حملو، 15 ڪيڊٽ مارجي ويا، گاڏي تباهه

2017-10-22

ڪابل/ لنڊن(م ڊ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ملٽري اڪيڊمي جي بس تي خودڪش حملو ٿيو آهي، شروعاتي اطلاع آهن ته هن آپگهاتي ڌماڪي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. عالمي خابرو اداري جي خبر چار مطابق افغانستان جي بچاءَ واري وزارت ڪابل ۾ ملٽري اڪيڊمي جي بس تي حملي جي تصديق ڪئي آهي. وزارت دفاع جي ترجمان دولت وزير جو چوڻ آهي ته مقامي وقت مطابق ٻن ٻنپهرن جو ساڍي ٽين وڳي هڪ خودڪش بمبار حملو ڪيو، آپگهاتي حملو ڪندڙ ملٽري اڪيڊمي مارشل فهيم ملٽري اڪيڊمي جي بس کي نشانو بڻايو، آپگهاتي بمبار جي هن حملي ۾ 15 ڄڻا اڦٽ مارجي ويا آهن. ملٽري اڪيڊمي جي هن بس ۾ اهي ماڻهو سوار هئا جيڪي روزاني هن بس تي ايندا ويندا رهندا آهن. افغانستان جي وزارت دفاع جي ترجمان دولت وزير برطانوي خابرو اداري پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته خودڪش بمبار پنهنجو پاڻ کي ملٽري اڪيڊمي بس سان نشانو وٺي اڏايو، خودڪش بمبار هي ڌماڪو ان وقت ڪيو جڏهن مارشل فهيم ملٽري اڪيڊمي کان بس نڪري رهي هئي، آپگهاتي هن حملي جي نتيجي ۾ ملٽري اڪيڊمي ۾ زير تربيت 15 ڪيڊيٽس مارجي وڃڻ ۽ چار زخمي ٿيڻ جي افغان وزارت دفاع تصديق ڪئي آهي. افغانستان جي وزير دفاع پرڏيهي خابرو اداري کي اها به ڄاڻ ڏني آهي ته خودڪش حملو ڪندڙ پيادل پنڌ هيو، بي بي سي مطابق 24 ڪلاڪن دوران فورسز تي هي ٻيو حملو آهي، جڏهن ته هڪ واقعو افغانستان ۾ مسجد تي حملي سان ڪيو ويو، انهن واقعن ۾ 60 ماڻهو ماريا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، گذريل پنجن ڏينهن دوران افغانستان ۾ ويڙهه ۾ تيزي اچي وئي آهي، ڌار ڌار حملن ۾ 95 فوجي مارجي ويا آهن. جڏهن ته امام زمانه مسجد تي آپگهاتي حملي دوران گهٽ ۾ گهٽ 39 ماڻهو مارجي ويا. هڪ ٻي مسجد تي حملي دوران 20 ماڻهو مارجي ويا آهن.





Sports

لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ ٿيل پاڪستان انٽر بورڊ بوائز هاڪي چئمپين شپ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي

2017-10-20

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس گرائونڊ تي لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ ٿيل پاڪستان انٽر بورڊ بوائز هاڪي چئمپين شپ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، چمپيئن شپ جو فائنل مقابلو ڪالهه لاهور بورڊ ۽ ڊيرا اسماعيل خان بورڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ لاهور جي ٽيم 6-1 تان هارائي چئمپين شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي، فائنل ۾ لاهور طرفان ڪپتان عمر بشير شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 2، منان، عامر، فاروق ۽ صوفيان هڪ-هڪ گول اسڪور ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪاميابي ماڻڻ بعد لاهور جي رانديگرن طرفان سڄي گرائونڊ تي جهمريون هڻي خوب جشن ملهايو ويو، رانديگر هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيندا رهيا. چئمپين شپ ۾ ٽئين پوزيشن ماڻڻ لاءِ بنون بورڊ ۽ ميزبان لاڙڪاڻو بورڊ وچ ۾ مئچ کيڏي وئي، جنهن ۾ بنون جي ٽيم ميزبان لاڙڪاڻي جي ٽيم کي 6-0 تان بدترين شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. مئچ ۾ بنون جي ٽيم طرفان ڪپتان سمي 2 گول ڪيا. اهڙيءَ ريت مئچن بعد قومي ترانو پڙهيو ويو، بعد ۾ سمبارا اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان قومي نغمي تي شاندار ٽيبلو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، گلگت-بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ثقافت کي بهترين نموني سان ڏيکاريو ويو. آخر ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ بنون تعليمي بورڊ جي چيئرمين جهان دادا خان مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ڪوهاٽ تعليمي بورڊ جي چيئرمين عبدالرقيب خان، لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي ڊائريڪٽر احمد علي بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جن چئمپين شپ جي فاتح توڙي رنر اپ ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ ٽرافيون، شيلڊون ۽ ميڊل تقسيم ڪيا، ان سان گڏ شاندار ٽيبلو پيشن ڪرڻ تي مهمانن طرفان سمبارا اسڪول جي ٻارڙن لاءِ گڏيل طور 25 هزار روپيا انعام ڏنو ويو. ان موقعي تي بنون تعليمي بورڊ جي چيئرمين جهان دادا خان خطاب ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ هڪ سٺو ٽورنامينٽ ڪرايو، جنهن دوران بهترين انتظام ڏسڻ ۾ آهيان، اسان سندن مهمان نوازي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. هن چيو ته اسان وٽ هاڪي ۾ به بهترين ٽئلينٽ موجود آهي، جيڪو چئمپين شپ دوران نظر آيو، هاڪي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀ بورڊ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن رانديگر ائين ئي پرفارم ڪندا رهيا ته مستقبل ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. واضع رهي ته چئمپين شپ ۾ لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ، لاهور تعليمي بورڊ، ڪراچي تعليمي بورڊ، بنون تعليمي بورڊ، حيدر آباد تعليمي بورڊ، سکر تعليمي بورڊ، پشاور تعليمي بورڊ، پشاور ٽيڪنيڪل بورڊ، گجرانوالا تعليمي بورڊ، مالاڪنڊ تعليمي بورڊ، مردان تعليمي بورڊ، بهالپور تعليمي بورڊ، ايبٽ آباد تعليمي بورڊ، ڪوهاٽ تعليمي بورڊ سميت 16 ٽيمن حصو ورتو، جنهن ۾ لاهور جي ٽيم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ ساڳئي گرائونڊ تي ٿيل پاڪستان هاڪي گرلز چئمپين شپ ۾ به لاهور جي رانديگرياڻين ڪاميابي ماڻي هئي.





Entertainment

نئين اڀرندڙ ڊانسرن کي سنڌ ۾ اهميت نٿي ڏني وڃي: سهيل مغل

2017-10-10

نوابشاھ(ڊ ر)نوابشاھ ۾ اڀرندڙ ڊانسرسهيل مغل جون نوابشاھ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهيون.هن چيو آهي ته نئين اڀرندڙ ڊانسرن کي سنڌ ۾ اهميت نٿي ڏني وڃي.هن چيو ته ڊانس منهنجو شوق هئو ليڪن هاڻي مجبوري ٿي وئي آهي. پروگرامن ۾ ڊانس ڪري پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان.خبر موجب نوابشاھ ايم جي ڊانسرز گروپ آف نوابشاھ جي مريم روڊ واسي نوجوان سهيل مغل نوابشاھ پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائندي چيو ته آهي مونکي ننڊ پڻ کان ئي ڊانس ڪرڻ جو شوق هيو ۽ مان ڊانس جي سکيان پنهنجي استاد راجا کوکر کان حاصل ڪئي.هن چيو ته ميرپور خاص ۾ عمران آليزا ڪمپئي پاران ڪامپيٽين ڪرايو ويو جنهن مان پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ليڪن سنڌ اندر فنڪارن ڪلاڪارن ۽ ڊانسرن کي اهميت نٿي وڃي هن چيو ته مان مختلف پروگرامن ۾ ڊانس ڪري پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان.هن چيو ته ثقافت کاتي کي گهرجي ته سنڌ ۾ نئين اڀرندڙ فنڪارن کي موقعيو ڏنو وڃي.





Education

ٺل شهر جو منظور ٿيل پبلڪ اسڪول ايم پي اي پنهنجي ڳوٺ منتقل ڪرائي ڇڏيو، تحريڪ جو اعلان

2017-10-22

ٺل(ن هلچل) ٺل شهر جي منظور ٿيل پبلڪ اسڪول پ پ ايم پي اي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن منتقل ڪرائي ڇڏيو، پبلڪ اسڪول جو تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ وارو،ٺل شهر جي سڄاڻ ڌرين پاران پبلڪ اسڪول جي منتقلي جي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو،تمام جلد اي پي سي گهرائڻ جو اعلان،خبر موجب ٺل شهر جي لاءِ پ پ سرڪار پاران منظور ڪيل پبلڪ اسڪول هتان جي چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي پاران پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي ڏانهن منتقل ڪرائي ڇڏيو آهي،ٺل شهر کان 15 ڪلوميٽر پري پبلڪ اسڪول منتقل ٿيڻ جي ڪري ٺل شهر جي رهواسي پبلڪ اسڪول جي سهوليت کان محروم ٿي ويندا،سنڌ سرڪار پاران ساليانه بجيٽ ۾ پبلڪ اسڪول جي تعمير لاءِ رقم پڻ مختص ڪئي آهي،جنهن تحت پبلڪ اسڪول جو تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي،ان سلسلي ۾ ٺل شهر جي سڄاڻ ڌرين پاران پبلڪ اسڪول جي ايم پي اي جي ڳوٺ ڏانهن منقلي تي حيرت جو اظهار ڪندي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ٺل شهر جي سياسي،سماجي،ادبي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن پاران پبلڪ اسڪول کي ڳڙهي حسن سرڪي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،شهرين ڊاڪٽر صدام حسين کوسو،آدرش سنڌي،اعجاز ڪنراڻي،نوح نوناري،قربان بلوچ،حاڪم جمالي ۽ ٻين چيو ته پ پ سرڪار پاران منظور ڪيل پبلڪ اسڪول کي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي پاران پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي ڏانهن منتقل ڪرايو آهي،جيڪو ٺل شهر کان 15 ڪلوميٽر پري آهي،اڳ ئي ڳڙهي حسن ۾ پولي ٽينڪينڪل ڪاليج منتقل ڪيو ويو آهي جنهن جي پڻ تعمير مڪمل نه ٿي سگهي آهي،ٺل شهر جي لاءِ آيل سڀني اسڪيمن کي ڳڙهي حسن منتقل ڪيو پيو وڃي،جيڪا ٺل شهر جي رهواسين سان زيادتي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته پبلڪ اسڪول ٺل شهر ۾ تعمير ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.





History

ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا

2017-10-18

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا، ٺٽو، ٽنڊومحمد خان، ٺارو شاهه، درياءَ خان مري ، ڪنڊيارو، دادو،ڏوڪري سميت مختلف شهرن ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، رشيد جتوئي، انيس خاصخيلي، شبير جمالي ۽ ٻين ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن مالڪ خشڪ، شهيد مٺو بليدي ۽ ٻين جي مزارن تي گل نشاور ڪري ۽ قومي سلام پيش ڪيو ويو ان موقعي تي جسقپ اڳواڻن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور رنگ لاهيندي اسان پنهنجي قومپرست شهيدن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته انهن جي قربانين جي ڪري اڄ تائين جدوجهد جاري آهي هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي سنڌي ماڻهن جي ڏنل تذليل واري بيان جي مذمت ڪريون ٿا سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اهي اهڙي نااهل وزيرن جو بائيڪاٽ ڪن هنن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي جنهن ۾ ڌاري آباد ڪاري ۾ وڏو تعداد سنڌ ۾ آهي اهي سنڌي ماڻهن جي روزگار تي قابض ٿي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ اڳئي سنڌي ماڻهو بدامني ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو شڪار آهن ويتر حڪومتي ڌر نام نياد پناگيرن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جون سازشون ٿي رهيو آهن هنن چيو ته سنڌ جي مذهبي درگاهن تي خودڪشي بمباري حملا ڪري انسانيت جو قتل عام ڪيو پيو وڃي ان تي حڪمران ،مشير وزير ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي جيڪا ڏکيل ڳالھ آهي اسان هنن حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته ڌاريا آبادڪاري تي بندش وڌي وڃي ۽ شهيدن جي پوئينرن کي معاوضا ڏنا وڃن. ٺاروشاھ ڀرسان ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 33 ورسيءَ جي موقعي تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد امان الله وسطڙو جي مزار تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، آصف راهوجو، خادم شر، انعام گل مري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين جسقم ڪارڪنن حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻين چيو ته جي ايم سيد جي عدم تشدد واري ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهيون، شهيدن جي قرباني رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ به قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جسقم جي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد جاري آهي، کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي نه ته سڄي سنڌ اندر احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويندو.





Culture

دوڙ ۾ ڳاڙهي پير جو ميلو روايتي خفت سان پڄاڻي تي پهتو، گهوڙن جي ڊوڙ هوڪرا مچائي ڇڏيا

2017-10-22

دوڙ(رپورٽ: خادم حسين پنهور) سنڌ جي تاريخي پڊ دوڙ شهر ۾ درويش ڳاڙهو پير جو ميلو روايتي خفت سان گڏ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ ڀلا گهوڙا سوار ميدان تي پهتا ۽ گهوڙن جو مقابلو ٿيو. فيصل الهه بخش ڏاهري جو گهوڙو ڌاڙيل عبداللطيف مري، عبدالسلام مري، محمد ابراهيم ڏاهري سميت ڀلن سوارن جا گهوڙا پکي، ڪونج، دلبر، بجلي سميت ڀلن گهوڙن ڊوڙ مقابلي ۾ حصو ورتو. ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ پٽڪي سوار محمد ابراهيم ڏاهري جي انداز تي هر طرف کان خفتين هوڪرا ۽ ڪوڪرا مچائي ڇڏيا. جڏهن ته فيصل ڏاهري جو گهوڙو ڊوڙ ۾ پهريون نمبر آيو. درگاهه جي خليفي فقير چنيسر ڏاهري فيصل ڏاهري سميت گهوڙن سوارن کي پهريون، ٻيو، ٽيون مقابلي ۾ نمبر کڻڻ تي انعام اجرڪ جا تحفا ڏنا. ميلي جي موقعي تي راڳ رنگ جون محفلون متل رهيون ۽ مختلف فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ٽن ڏينهن دوران هلندڙ ان ميلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. تعلقي دوڙ جو تاريخي ميلو رات وچ ۾ پڄاڻي تي پهتو آهي. ميلي جي موقعي تي پوليس هاءِ الرٽ رهي ۽ امن امان جي حوالي سان خاص اپاءَ ورتا ويا.





Art and Literature

روس جو انقلاب بنيادي طور تي سڄي دنيا اندر پورهيتن جو انقلاب هيو: ڪامريڊ لال خان

2017-10-21

سکر(بيورو رپورٽ) سکر پريس ڪلب ۾ ”انقلاب روس جي تاريخ“ ڪتاب جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جي صدارت  پي ٽي يو ڊي سي، جي انٽرنيشنل سيڪريٽري جنرل  ڪامريڊ لال خان ڪئي،  صدارتي خطاب ڪندي  ڪامريڊ لال خان چيو ته روس جو انقلاب بنيادي طور تي سڄي دنيا اندر پورهيتن جو انقلاب هيو، ان انقلاب جي بدولت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پورهيتن جي اڪثريت حڪومت سنڀالي اهو ثابت ڪيو ته هن دنيا کي صرف پورهيت ئي هلائي سگهن ٿا ۽ اِن پورهيتن وٽ ئي هڪ حقيقي سماج جوڙڻ جي سگهه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا وانگر هن ملڪ اندر به سرمائيداري نظام رائج آهي، اِن ظالم ۽ استحصالي سماج جي اندر هر طرف بک، بدحالي، بيرزوگاري، مهانگائي، تعليم ۽ علاج جي محرومي، لوڊشيڊنگ ۽ عدم تحفظ سميت پورهيت طبقي جا ڪيترائي بنيادي مسئلا ڳنڀير  بڻائي ڇڏيا آهن، جن کي حل ڪرڻ بجاءِ ملڪ جا حڪمران طبقا وڌيڪ سنگين بڻائي رهيا آهن الٽو انقلاب ۽ تبديلي جا نعرا هڻي انقلاب کي بدنام ڪري رهيا آهن، پر تاريخ شاهد آهي ته انقلاب پورهيتن جي مسئلن کي حل ڪندي سماج کي ترقي ۽ خوشحاليءَ ڏيارڻ  جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا هئا،  پورهيتن جي هن سوشلسٽ انقلاب جي نتيجي ۾ قائم ڪيل منصوبه بندي معيشت 70 سالن جي عرصي تائين سويت يونين اندر انسانن جي بک ، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي، جهالت، لاعلاجي، بي گهر ۽  غربت سميت سمورن  بنيادي مسئلن جي پاڙ پٽي ڇڏي هئي. سماجي ڏوهن جو مڪمل  خاتمو آندو ويو، انسانن جي طور متحد معاشرو جوڙڻ ۽ عورت جي مڪمل آزادي ۽ مردن جي مقابلي ۾ انهن جي ڪمتر حيثيت وارن سمورن نام نهاد قانون جو  خاتمو ڪيو ويو، دنيا اندر سڀ کان وڌيڪ يعني 1970ع ۾ تائين 484000 ڊاڪٽر، سڀ کان وڌيڪ 2 لک 57 هزار انجنيئر ۽ سائنسدان سويت يونين ۾ هئا ۽ اِن عرصي دوران آمريڪا ۾ صرف 50 هزار انجنيئر هئا. زراعت ۽ صنعت بيمثال ترقي حاصل ڪئي.  مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي يو ڊي سي جي صوبائي صدر انور سهتو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري قمر الزامان خان، اعجاز ٻگهيو، نامور ليکڪ ڊاڪٽر خادم منگي، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ نظر محمد ڳاهو، مرڪزي چيئرمين وطن دوست فيڊريشن عبدالحق کٽياڻ ۽ ٻين چيو ته ”بالشويڪ انقلاب“ انساني تاريخ جو هڪ اهم ترين واقعو آهي، جنهن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظلوم ۽ محڪوم طبقي کي ظلم ۽ پسماندگي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو  ۽  پهريون ڀيرو پورهيتن جي حڪومت قائم ٿي، تمام وسلين کي پورهيتن پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي انسان ذات کي هڪ حقيقي معاشرو قائم ڪيو ويو. تقريب ۾ ڪامريڊ شهباز ڦلپوٽو، ڪامريڊ سعيد، ڪامريڊ جنيد ۽ ٻين چيو ته سويت يونين ۾ منصوبا بندي معيشت جي ڪري 1963ع تائين صنعت ۾ مزدورن جي پيدواري صلاحيت ۾ 1310 سيڪڙو اضافو آيو، قومي آمدني ۾ 570 سيڪڙو اضافو آيو. جڏهن ته 1979ع  تائين جي ڊي پي ۾ 500 سيڪڙو اضافو آهيو. اهڙي طرح 1960ع ۾  لوهه جي پيدوار 6  ڪروڙ 50 لک ٽن، تيل جي پيدوار 14 ڪروڙ 80 لک ٽن ۽ ڪوئلي جي پيداوار 50 ڪروڙ ٽن حاصل ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته ان کان اڳ مٿي ڄاڻايل معززين طرفان ڪتاب جي مهورت پڻ ڪئي وئي.





E-paper




Jobs




Advertising