پ پ جو 50 سالا يوم تاسيس، جلسي جي موقعي تي عوامي سمنڊ اٿلي پيو، ساک کڻي وچن ڪيو ويو، ظالماڻو نظام نه کپي، پارٽي چيئرمين پاران 6 نڪاتي سڌارن جو اعلان،،، ماڻهو مايوس نه ٿين، جيڪو ٿيندو عوام جو ووٽ فيصلو ڪندو: پ پ قيادت،،، ڀٽو شڪست کاڌل، ٽٽل ڦٽل پاڪستان سنڀاليو، هر دور ۾ پ پ غير معمولي حالتن ۾ پاڪستان کي سنڀاليو آهي، هر قسم جي فتني ساڙ کان آجو سماج چاهيون ٿا: بلاول،،، اسان پاڪستان کي نئين صورت ڏني، بلوچستان کي ترقي ڏياري، جمهوريت جو تحفو پ پ ۽ بينظير جي قرباني جو آهي،،، گاڊ فادر ۽ ڪوڙي خان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي: زرداري،،، آمرن جي ڪري اوڀر ۽ اولهه پاڪستان ۾ نار وڌندو ويو، ڀٽو شهيد پاڪستان رياست کي جمهوري آئيني بنياد تي قائم ڪيو، ڀٽي پاڪستان کي مضبوطي ڏني ته غير جمهوري قوتن حملا ڪرڻ شروع ڪيا، ڀٽي شهيد هن ملڪ کي آئين ڏنو،،، ڀٽي شهيد پاڪستان کي جمهوري ۽ پارلياماني روايتن ڏانهن وڌايو، ماءُ جي مٿي تي لڳندڙ لٺين به بينظير جو حوصلو نه ٽوڙيو، شهيد ڀٽي 90 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا، آصف زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو،،، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏئي پاڪستان جو دفاع هر دور لاءِ مضبوط ڪري ڇڏيو، انڊيا وارا ٻڌي ڇڏين ته جيسيتائين پ پ آهي ڪشمير اسان جو آهي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي: اڳوڻو صدر آصف،،، پ پ ڪنهن خاندان نه پر عوام جي ميراث آهي، نواز شريف ووٽ چوري ڪري حڪومت ٺاهي، هن وقت ان ملڪ ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، جعلي خان جعلي مينڊيٽ ۽ مشرف جو ڪو به مستقبل ناهي، هاڻي پنهنجي جمهوريت آڻينداسين: جلسي کي خطاب ***سازشون ڪندڙن کي عوام 2018ع جي چونڊن ۾ لغام ڏيندو: مريم اورنگزيب،،، ڌرڻي تي وڌيڪ ڳالهائڻ پاڪستان جي حق ۾ ناهي، پاڪستان اهڙن ڌرڻن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي،،، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڌرڻن جي سياست ڪندڙ ملڪ سان سچا نه آهن *** شهباز شريف ۽ ٻين ذميوارن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: طاهر القادري،،، حڪومت معصوم ماڻهن کان حياتيون کسيون، حڪمرانن مان چڱائي جي اميد ناهي، ڪابه ٽياڪڙي نه گهرجي، قانون جي طاقت سان حڪمرانن جون ڳچيون پڪڙيون وينديون،،، مظلوم ماڻهن لاءِ قصاص ۽ انصاف گهرجي، يتيمن جون پٽون ۽ پاراتا کين ڪنهن به قيمت تي بچڻ نه ڏيندا، ٻئي ڀائر ۽ سندس ساٿي جيل ويندا،،، پنجاب جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ذميواري مٿس لاڳو ٿي ته فوري طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ فيصلو برقرار رکيو آهي ***لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،،، جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس قاضي محمد امين احمد تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي،،، جاچ رپورٽ جون ڪاپيون صوبائي حڪومت کي ڏنيون وڃن اها فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿي، رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد ٽرائل تي اثر نه پوندو: عدالت *** ماڊل ٽائون سانحي جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي: پ پ،،، انڪوائري رپورٽ منظر عام تي ايندي ئي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي: چوڌري منظور،،، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي فوري طور عمل ڪيو وڃي ۽ رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي *** رپورٽ جون حقيقتون ڄاڻڻ ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن جو حق آهي: بابر اعواڻ،،، شهباز شريف 10 ارب رپين جي هرجاڻي واري دعويٰ جو ترت فيصلو چاهي ٿو،،، حڪومت پاڻ ڪميشن ٺاهي هئي، هاڻي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ ۾ ڇا آهي: ميڊيا سان ڳالهيون *** قانوني طور جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ غير اثرائتي آهي: راڻا ثناءُ الله،،، ماڊل ٽائون سانحي بابت رپورٽ ۾ ڪنهن به حڪومتي شخص کي ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو،،، عدالت حڪومت کي 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جاري ڪرڻ جو چيو آهي، واقعي جا بي شمار ثبوت ميڊيا وٽ آهن،،، ايجنسين جي رپورٽ کي ان رپورٽ سان ناهي سلهاڙيو ويو، رپورٽ ۾ پي اي ٽي طرفان ڪا شهادت ناهي ٿي *** ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ سرچ آپريشن دوران ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو *** سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو،،، سنڌ جي اترئين علائقن ۾ صبح جو هلڪو ڪوهيڙو ٿيڻ جو امڪان، ٿڌين هوائن سنڌ جو رخ ڪري ورتو،،، ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سياري جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي ۽ ڪوئيٽا ۾ گرمي پد منفي 10 ڊگري تي پهچي ويو،،، ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي: موسميات کاتو *** ٻيهر اين ٽي ايس ٽيسٽ بابت وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار، نتيجا برقرار،،، اين ٽي ايس ٽيسٽ ميرٽ تي ڏني هئي، پيپر رد ڪرڻ غيرقانوني آهي، اسان ٽيسٽ ۾ پاس ٿياسين، ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ غيرقانوني آهي: درخواستگذار،،، عدالت دليل ٻڌڻ بعد اين ٽي ايس نتيجن کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،،، سنڌ جي وڏي وزير ٻيهر امتحان وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته ميڊيڪل جي شاگردن اين ٽي ايس ٽيسٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ***غير ملڪي فنڊنگ ڪيس: عدالت اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ خلاف وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو،،، جسٽس محسن اختر غير ملڪي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي 8 مئي واري حڪم خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،،، اليڪشن ڪميشن جو تحريڪ انصاف سان رويو تعصب تي ٻڌل آهي.تحريڪ انصاف جي اڪائونٽن جا تفصيل شايع ڪرڻ غير قانوني قدم آهي: وڪيل انور منصور *** نواز شريف کي پارٽي صدر بڻجڻ بابت ڪيس ۾ نوٽس جاري *** ڪوئيٽا ۾ ڊي آءِ جي حامد شڪيل تي حملي ۾ مددگار گرفتار *** آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، آپريشن رد الفساد ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو،،، ڪانفرنس ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، آپريشن رد الفساد، خوشحال پاڪستان پروگرام ۽ بلوچستان ۾ ترقياتي مضبوطي جي معاملن تي غور ڪيو ويو *** عمران خان 15 ڊسمبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، تياريون شروع *** پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن بابت فيصلو 13 ڊسمبر تائين ملتوي،،، اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي،،، اڄ ٻيون ڀيرو درخواست کي اسان جي ڪري ملتوي ڪيو پيو وڃي: چيف اليڪشن ڪمشنر***

لاهور جي فٽبال هائوس تي قبضي خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو


2017-11-06

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاهور جي فٽبال هائوس تي قبضي خلاف لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسئيشن طرفان شهر جي جناح باغ چوڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ فٽبال ايسوسئيشن سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري عبدالغني ڪنڀر، ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل بروهي، وائس چيئرمين محمد يونس بلوچ، عرفان علي گاد، جوائنٽ سيڪريٽري جاويد احمد عباسي، خزانچي احمد علي سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪجهه وقت اڳ وفاقي حڪومت هن وقت فٽبال فيڊريشن آف پاڪستان کي معطل ڪيو هو جنهن کان پوءِ لاهور واري مرڪزي آفيس تي بااثر قبضا مافيا ۽ انهن جي ساٿين طرفان قبضو ڪيو ويو آهي، اهڙي عمل سان پوري ملڪ جي فٽبال رانديگرن جي دل آزاري ٿي آهي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ لاهور جي چيف جسٽس سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته لاهور فٽبال هائوس جو قبضو مخدوم فيصل صالح حيات حوالي ڪري پوري ملڪ جي فٽبال رانديگرن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.



قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي 36 رنسن تان شڪست ڏئي، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-3 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو


2017-10-30

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي 36 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-3 تان وائيٽ واش ڪري ورتو آهي. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف لاهور ۾ کيڏيل آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي گرين شرٽس مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شعيب ملڪ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 24 بالن تي 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته عمر امين 45، فخر زمان 31، بابر اعظم 34 ۽ فهيم اشرف 13 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان سنجايا، مناويرا ۽ اوڊانا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ سريلنڪن ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهي سگهي. سريلنڪا طرفان شناڪا 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ چتورنگا 21، پراسنا 16، پٿيرانا 14 ۽ ڪپتان ٿسارا پريرا 10 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان محمد عامر 4، فهيم اشرف 2، جڏهن ته عماد وسيم، محمد حفيظ ۽ حسن علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. قومي ٽيم سريلنڪا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-3 تان ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ 181 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ ٽاس هارائي دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شعيب ملڪ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 24 بالن تي 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته عمر امين 45، فخر زمان 31، بابر اعظم 34 ۽ فهيم اشرف 13 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان سنجايا، مناويرا ۽ اوڊانا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته قومي ٽيم ٽن ميچن جي سيريز اڳ ئي 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي



راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر پاران سرحد شهر جي لاءِ اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهڻ جو اعلان


2017-10-25

سرحد(ن هلچل) راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر پاران سرحد شهر جي لاءِ اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهڻ جو اعلان.لاهور کانپوءِ هاڻي ڪراچي ۾ به ڪرڪيٽ بهال ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري آهن ۽ جلد پي ايس ايل ميچون ڪرايون وينديون جنهن سان انٽرنيشل ڪرڪيٽ جي بهالي جي شروعات ٿي ويندي.سنڌ جي رانديگرن کي به ملڪي ٽيم موقعو ضرور ملندو، پي سي بي سان ڳلهيون هلي رهيون آهن.،ٻن مهينن جي اندر سنڌ گيمز جو انعقاد ڪيو ويندو،هي پهريون ڀيرو آهي ته سنڌ جي صوبائي وزير تمام گھڻي تعداد ۾ راندين جا موقعا فراهم ڪيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ پوري سنڌ ۾ راندين جون سرگرميون ڪرائڻ لاءِ منصوبابندي جاري آهي.سرحد شهر مهنجي تڪ جو وڏو شهر آهي تمام جلد هن کي ٽائون يا تعلقي جو درجوو ڏياريو ويندو ۽ هتان جي لاءِ ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو. راندين وارو صوبائي وزير.تفصيل موجب راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر ڪجھ ڏينهن پهريان چاند ڪاٽن فيڪٽري کي باهه لڳڻ واري واقعي کانپوءِ ان جو دورو ڪيو ان موقعي تي فيڪٽري جو مالڪ ڊاڪٽر ثناءُ الله، چوڌري فيضان، بابر علي مهر، حاجي حبيب الله، ڊاڪٽر ايوب مهر، راڻا رجب، اسلام خان مهر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صوبائي وزير محمد بخش خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي اندر راندين جي بهتري ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن سنڌ ۾ سڀ کان پهريان سنڌ گيمز ڪرائڻ جي منصوبابندي آهي جنهن جي تاريخ کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ انشاءَ الله هن سردين ۾ ان جو انعقاد يقيني بڻايو ويندو، پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بهالي لاءِ پي سي بي گڏ ڪوششون جاري آهن ان سلسلي ۾ پي ايس ايل جون 4 ميچون ڪراچي ۾ ڪرائڻ تي زور ڏيون پيا جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ به انٽرنيشنل ميچون ٿي سگھنديون. وڌيڪ هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ وارو تاثر ڪنهن حد تائين صحيح آهي ليڪن پي سي بي سان اسان جو ڳالهيون جاري آهن ۽ جلد خوشخبري ملندي. نجم سيٺي سان ملاقات نه ٿيڻ جي سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته مقروفيات سبب ملاقات نه ٿي سگھي ليڪن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه به راندين ۾ تمام گھڻي دلچسپي رکي ٿو ۽ هن سڪيورٽي جي به ذميواري کنئي آهي،راندين واري صوبائي وزير پاران پنهنجي ئي تڪ جي شهر سرحد لاءِ اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته پي ايس 8 جي عوام جي لاءِ جلد از جلد وڏي پراجيڪٽ جو افتتحاح ڪيو ويندو جنهن هتان جي روڊن جي مرمت، ڊرينيج سسٽم، گئس جي فراهمي ۽ ٻيا ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا ويندا. سرحد شهر کي 6 يوسين ۾ ورهائڻ واري سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته هن معاملي تي سنجيدگي سان ڏسون پيا ۽ ڪوشش آهي ته سرحد شهر کي جلد ٽائون يا تعلقي جو درجو ڏياريو ويندو.



لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ ٿيل پاڪستان انٽر بورڊ بوائز هاڪي چئمپين شپ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي


2017-10-20

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس گرائونڊ تي لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ ٿيل پاڪستان انٽر بورڊ بوائز هاڪي چئمپين شپ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، چمپيئن شپ جو فائنل مقابلو ڪالهه لاهور بورڊ ۽ ڊيرا اسماعيل خان بورڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ لاهور جي ٽيم 6-1 تان هارائي چئمپين شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي، فائنل ۾ لاهور طرفان ڪپتان عمر بشير شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 2، منان، عامر، فاروق ۽ صوفيان هڪ-هڪ گول اسڪور ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪاميابي ماڻڻ بعد لاهور جي رانديگرن طرفان سڄي گرائونڊ تي جهمريون هڻي خوب جشن ملهايو ويو، رانديگر هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيندا رهيا. چئمپين شپ ۾ ٽئين پوزيشن ماڻڻ لاءِ بنون بورڊ ۽ ميزبان لاڙڪاڻو بورڊ وچ ۾ مئچ کيڏي وئي، جنهن ۾ بنون جي ٽيم ميزبان لاڙڪاڻي جي ٽيم کي 6-0 تان بدترين شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. مئچ ۾ بنون جي ٽيم طرفان ڪپتان سمي 2 گول ڪيا. اهڙيءَ ريت مئچن بعد قومي ترانو پڙهيو ويو، بعد ۾ سمبارا اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان قومي نغمي تي شاندار ٽيبلو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، گلگت-بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ثقافت کي بهترين نموني سان ڏيکاريو ويو. آخر ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ بنون تعليمي بورڊ جي چيئرمين جهان دادا خان مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ڪوهاٽ تعليمي بورڊ جي چيئرمين عبدالرقيب خان، لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي ڊائريڪٽر احمد علي بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جن چئمپين شپ جي فاتح توڙي رنر اپ ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ ٽرافيون، شيلڊون ۽ ميڊل تقسيم ڪيا، ان سان گڏ شاندار ٽيبلو پيشن ڪرڻ تي مهمانن طرفان سمبارا اسڪول جي ٻارڙن لاءِ گڏيل طور 25 هزار روپيا انعام ڏنو ويو. ان موقعي تي بنون تعليمي بورڊ جي چيئرمين جهان دادا خان خطاب ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ هڪ سٺو ٽورنامينٽ ڪرايو، جنهن دوران بهترين انتظام ڏسڻ ۾ آهيان، اسان سندن مهمان نوازي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. هن چيو ته اسان وٽ هاڪي ۾ به بهترين ٽئلينٽ موجود آهي، جيڪو چئمپين شپ دوران نظر آيو، هاڪي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀ بورڊ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن رانديگر ائين ئي پرفارم ڪندا رهيا ته مستقبل ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. واضع رهي ته چئمپين شپ ۾ لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ، لاهور تعليمي بورڊ، ڪراچي تعليمي بورڊ، بنون تعليمي بورڊ، حيدر آباد تعليمي بورڊ، سکر تعليمي بورڊ، پشاور تعليمي بورڊ، پشاور ٽيڪنيڪل بورڊ، گجرانوالا تعليمي بورڊ، مالاڪنڊ تعليمي بورڊ، مردان تعليمي بورڊ، بهالپور تعليمي بورڊ، ايبٽ آباد تعليمي بورڊ، ڪوهاٽ تعليمي بورڊ سميت 16 ٽيمن حصو ورتو، جنهن ۾ لاهور جي ٽيم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ ساڳئي گرائونڊ تي ٿيل پاڪستان هاڪي گرلز چئمپين شپ ۾ به لاهور جي رانديگرياڻين ڪاميابي ماڻي هئي.



آزادي ڪپ 2017 جي لوگو جي لاهور ۾ پڌرائي


2017-09-07

لاهور ۾ آزادي ڪپ 2017 جي لوگو جي پڌرائي ٿي، چيئرمين پي سي بي نجم سيٺي جو چوڻ هو ته آزادي ڪپ ڪاميابي سان ٿيندو ته تڏهن ئي سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيس جون ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪنديون، ڪراچي جي حالتن کان اسان مطمئن آهيون پر انٽرنيشنل ڪميونٽي ناهي، پر پي ايس ايل جون ميچون ڪراچي ۾ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. آزادي ڪپ جي ٽڪيٽس جي حوالي سان ڪنهن سان به زيادتي نه ٿا ڪيون، ورلڊ اليون جو پاڪستان جو دورو ۽ هن ايونٽ جي ڪاميابي سان مستقبل ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ ڪرڪيٽ جا مقابلا ٿيندا، اسان کي دنيا کي پاڪستان جو منفي نه پر مثبت چهرو ڏيکارڻو آهي



پاڪستان ايٿليٽڪس ٽيم کي ڀارت جا ويزا ملي ويا


2017-07-01

پاڪستان ايٿليٽڪس ٽيم کي ڀارت جا ويزا ملي ويا، 6 رڪني قومي ٽيم سومر تي ايشين چيمپيئن شپ ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت روانه ٿيندي، هڪ رانديگر ۽ آفيشل کي ويزا جاري نه ٿي. ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ڀارت جي شهر ڀونيشور ۾ شروع ٿيندي جنهن جي لاءِ پاڪستاني رانديگرن ۽ آفيشلز کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي صدر جنرل رٽائرڊ اڪرم ساهي ٻڌايو ته پاڪستان جي 6 رڪني ٽيم چار سو ميٽر ريس ۾ حصو وٺندي، چار سو ميٽر رڪاوٽن واري ريس ۽ ريلي ۾ پڻ پاڪستاني ٽيم حصو وٺندي. اسلامڪ گيمز ۾ ساڳي ٽيم چاندي جو تمغو حاصل ڪيو هو، پاڪستان جي 6 رڪني ٽيم ۾ نوڪر حسين، محبوب علي، مظهر علي، وقار يونس، اسد اقبال ۽ نديم ارشد شامل آهن. نشاط علي کي ويزا جاري نه ٿيو ان جي جڳهه تي وقار يونس کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.



اسٽار ڪريڪيٽر شاهد آفريدي جا سنڌ حڪومت کي مهڻا


2017-05-08

اسٽار بيٽسمين ۽ پاڪستان جي نامياري رانديگر شاهد آفريدي هڪ نجي تقريب ۾ سنڌ حڪومت کي مهڻو ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نه ٿي چاهي ته سنڌ اندر راندين جون سرگرميون ٿين.



E-Paper




Jobs




Advertising