وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي:بلاول ڀٽو ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 13328 ٿي ويو ** پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان 18 ٽن حفاظتي سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو ** سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ چئن مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، ڪيس وڌن پيا، آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جو انگ وڌائي رهيا آهيون:وڏو وزير ** ڪورونا خلاف جنگ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي:سيد خورشيد شاهه ** ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ مريض ڇِت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو ** جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ** ڪراچي ۾ ڌاڙي دوران ڇوڪريءَ کي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ چار ڏوهاري گرفتار ** پاڪ فوج ڪانگو ۾ ٻوڏ دوران ٻه هزار ماڻهن کي بچائي ورتو ** ڪراچي ۾ اڄ کان هرقسم جي آن لائن ڪاروبار جي اجازت ** اٽي ۽ کنڊ جي ڪميشن تي اعتراض ڪندڙن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو: فردوس عاشق ** منشا پاشا جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي لاءِ دعا جي اپيل ** اصل خوشي ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان ملي ٿي: نمرا خان **

General

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 7 ڄڻا فوت

2020-04-28

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، وڏي وزير مراد علي شاهه وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ5291 ٿي ويو آهي، ڪيسز تيزي سان وڌي رهيا آهن، هُن وڊيو بيان ۾ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، فوتين جو انگ 92 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 335 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته اڄ 37 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن، وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ڪل متاثرن جو انگ 5291 ٿي ويو آهي.





Culture

تقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان روشن تارا ھاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ هڪ رنگا رنگي تقريب منعقد

2017-11-27

سيوهڻ(ن هلچل) تقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان روشن تارا ھاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ هڪ رنگا رنگي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ پنهنجي سنڌي ثقافت   کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ڪيون اسڪولي شاگردن ثقافتي ويس  اوڙهي ثقافتي گانن تي پرفامنس ڪري آيل مهمانن کان خوب  داد وصول ڪيو،  آيل مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا بهترين پرمانس تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا سنڌ گريجيوئيٽ ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻن پيرل خان کوسو،منظور حسين اڄڻ،جاويد احمد انڙ،رفيق احمد سرهيو،شهاب الدين شاهاڻي،آفتاب احمد پنهور ۽ سياسي سماجي صحافي برادري جي شرڪت نورمحمد سيال چئرمين روشن تارا هاء اسڪول  آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو خبر موجب سنڌي ميڊيا طرفان اعلانيل 3ڊسمبر تقافتي ڏھاڙي ملهائڻ جي اعلان کان پوء سيوھڻ شريف تقافتي رنگن سان رنڱجي ويو آهي اجرڪ ۽ ٽوپين جي دڪانن تي رش نظر اچي رهي آهي اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ پڻ مختلف رنگ به رنگي تقريبون جاري آهن ڪالھ سيوهڻ ۾ سنڌ گريجيوئيٽ ايسوسيئيش پاران ھلندڙ روشن تارا هاء اسڪول ۾ تقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ پر وقار تقريب جو بندوبست ڪيو ويو هو تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪرڻ کان پوء باقائده شروعات ڪئي وئي .تقريب ۾ روشن تارا ھاء اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي تقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء مختلف موضوعن تي تقريرون ٽيبلا پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي تقافتي ويس اجرڪ ٽوپي پائي پنهنجي ٻولي ،ريت رسمن کي اجاگر ڪرڻ لاء پرفامنس ڪري ڪهي آيل مهمانن کان خوب داد حاصل ڪيو .هن شاندار تقريب ۾ سگا سنڌ جا مرڪزي اڳواڻن  پيرل خان کوسو،منظور حسين اڄڻ،جاويد احمد انڙ،رفيق احمد سرهيو،شهاب الدين شاهاڻي،آفتاب احمد پنهور ،عبدالرسول سومرو،اعظم ميمڻ سميت شهر جي سياسي سماجي ڌرين غلام حيدر ميمڻ  ،ڪائونسلر علي اڪبر ڪٽوھڙ، پاڪستان هلال احمر ڄامشورو جي  انچارج آصف علي سيال ،صحافي برادري ۾ قادر ڪنڀر ،گلشير بلوچ ،شهمير اوٺو ۽ ٻين شرڪت ڪئي .تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ اوڍايا ويا.ان موقعي تي روشن تارا هاء اسڪول جي چئرمين  نورمحمد سيال چيو ته اسين ھر پنهنجي اسڪول ۾ تقافتي ڏينهن ملهائيندا آهيون .هي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد پنهنجي پنج ھزار پراڻي ثقافت اجرڪ ٽوپي کي نمايان ڪرڻ آهي .اسين پنهنجي سنڌ ڪلچر کي اجاگر ڪري دنيا کي ۽ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته سنڌي قوم سجاگ آهي اسان سنڌي ميڊيا جي ذريعي دنيا کي پنهنجون ريتون رسمون ڏيکارڻ چاهيون ٿا.سگا سنڌ جي مرڪزي وائس چئرمين پيرل خان کوسو چيوته ثقافت سان گڏ تعليم ٻار جي لاء ضروري آهي جنهن سان ٻار ذھين ٿي وڃي ٿو.هن وڌيڪ چيو پهريان تعليم پڳء انٽرٽينمنٽ ضروري آهي .بهترين تقريرون ۽ پرفامنس ڪرڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻن کي شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا. پروگرام جي ميزباني چئرمين روشن تارا هاء اسڪول نور محمد سيال ڪئي .تقريب ۾ روشن تارا هاء اسڪول جي پرنسپال سميت سڀني ڪلاس ٽيپچرس پڻ  شرڪت ڪئي.





Art and Literature

پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين پاران روسي انقلاب جي سئو سالا جشن ۽ ليون ٽراٽسڪي جي اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب جي مهورتي تقريب

2017-11-27

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ روسي انقلاب جي سئو سالا جشن ۽ ليون ٽراٽسڪي جي اردو ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب جي مهورتي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي کاٻي ڌر جي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته سنڌ ۾ ڪميونسٽن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ شهيد شاهه عنايت پهرين سوشلسٽ انقلاب جو نعرو ڏنو. هن چيو ته جيستائين مزدورن، هارين جي فتح نه ٿيندي، تيستائين جنگ جاري رهندي، حڪمرانن ڪڏهن به تاريخ کي ناهي سمجهيو، ان ڪري هو تاريخ کي بگاڙين ٿا. ڪامريڊ لال خان چيو ته ملڪ ۾ اسلام ۽ ختم نبوت جي نالي تي بدتميزي ٿي رهي آهي، پر حڪومت بدتميزي ڪندڙن اڳيان بيوس بڻيل آهي، هڪ رياست مڇريلن سان گڏ آهي ته ٻي رياست شرمائي ٿي. هن چيو ته هتي دهشتگرد پيدا ٿي رهيا آهن، انتهاپسندي پکيڙيندڙن جا اڏا ٺهي رهيا آهن، سياسي ٽوڙ ڦوڙ ٿي  رهي آهي، جنهن جو مقصد هاڻ ملڪي مفادن واري جنگ ناهي رهي، جڏهن ته هتي سنڌ ۾ زرداري جي پوليس ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ بدران جو ماڻهن ک احتجاج جي نالي ۾ تنگ ڪري انتشار پکيڙيندڙن تحفظ ڪري رهي آهي، اهڙي سموري صورتحال رياست جي ناڪامي ظاهر ڪري ٿي. اهڙي ناڪامي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هن هال ۾ جواب موجود آهي، ۽ اهو جواب سوشلسٽ انقلاب آهي. هن چيو ته اسان جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، جمهوريت جو رستو بند ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ ۾ غريب نٿو وڃي سگهي، ڇو ته اها اميرن جي پارليامينٽ آهي. ناليواري ليکڪ حميد سومرو چيو ته مون کي اسٽالن نه وڻندو هيو ۽ مون کي روسي انقلاب سمجهڻو هيو، جنهن لاءِ مون ڪامريڊ سوڀي کان پڇيو ته ڪامريڊ سوڀي ٽراٽسڪي کي پڙهڻ جو چيو ۽ جڏهن مون ٽراٽسڪي جي روس انقلاب بابت لکيل ڪتاب پڙهيو ته منهنجي سوچ ئي تبديل ٿي وئي. ناليواري ليکڪ انعام شيخ چيو ته انسانن جي 5 هزار سالن جي تاريخ ۾ حضرت موسى ۽ حضرت عيسى به انقلابي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ دنيا جي هر خطي ۾ انقلابي پيدا ٿيا، جن اسٽيسٽڪو خلاف جدوجهد ڪئي ۽ دنيا جا 3 اهڙا وڏا انقلابي دور هئا، جن انساني چهري جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اڄ جو نوجوان نسل پنهنجي مستقبل لاءِفڪرمند نظر نٿو اچي ۽ نه ئي هو دنيا ۾ ٿيندڙ هلچل بابت واقف آهي. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته روس جي انقلاب تي جان ريٽ جو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، پر ان ڪتاب ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي شيون ڇپجي نه سگهيون هيون. هن چيو ته هي ڪتاب مشرقي ٻوليءَ کانپوءِ هاڻ پهريون ڀيرو اردو ٻولي ۾ ترجمو ٿيو آهي ان ڪري هاڻ روس جي انقلاب کان اڃان وڌيڪ واقف ٿي سگهنداسين. ڪامريڊ رياض لنڊ، ڪامريڊ انور پنهور، ليکڪ ۽ اديب يوسف سنڌي، مزدور اڳواڻ ماجد ميمڻ، ايڊووڪيٽ نثار احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.



Education

تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني ڪورونا وائرس کان ڪليئر قرار

2020-04-27

ڪراچي؛ ڊاڪٽرز صوبائي وزير سعيد غني کي ڪورونا وائرس کان ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو. اهڙو اظهار هُن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ ڪيو آهي. سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي حوالي سان اڄ سندس رپورٽ نيگيٽو آئي آهي، ڊاڪٽرز اُن حوالي سان آگاهي ڏيندي چيو ته هاڻي کيس ڪورونا نه آهي. وڊيو بيان ۾ صوبائي وزير سعيد غني دوستن، مٽ مائٽن ۽ ميڊيا جي نمائندن سوڌو عوام جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هو هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ٿيندو. واضح رهي ته صوبائي وزير سعيد غني ڪجهه ڏينهن اڳ وڊيو بيان ۾ چيو هو ته کيس ڪورونا وائرس جي تصدق ٿي آهي، تنهن ڪري جِن سان به سندس ملاقات ٿي آهي، اُهي پنهنجي ٽيسٽ ڪرائين ۽ پاڻ کي ٻين کان پري رکي احتياط ڪن.





History

ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا

2017-10-18

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ظالم ضياءَ جي دور ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا، ٺٽو، ٽنڊومحمد خان، ٺارو شاهه، درياءَ خان مري ، ڪنڊيارو، دادو،ڏوڪري سميت مختلف شهرن ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، رشيد جتوئي، انيس خاصخيلي، شبير جمالي ۽ ٻين ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن مالڪ خشڪ، شهيد مٺو بليدي ۽ ٻين جي مزارن تي گل نشاور ڪري ۽ قومي سلام پيش ڪيو ويو ان موقعي تي جسقپ اڳواڻن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور رنگ لاهيندي اسان پنهنجي قومپرست شهيدن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته انهن جي قربانين جي ڪري اڄ تائين جدوجهد جاري آهي هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي سنڌي ماڻهن جي ڏنل تذليل واري بيان جي مذمت ڪريون ٿا سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اهي اهڙي نااهل وزيرن جو بائيڪاٽ ڪن هنن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي جنهن ۾ ڌاري آباد ڪاري ۾ وڏو تعداد سنڌ ۾ آهي اهي سنڌي ماڻهن جي روزگار تي قابض ٿي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ اڳئي سنڌي ماڻهو بدامني ، بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو شڪار آهن ويتر حڪومتي ڌر نام نياد پناگيرن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جون سازشون ٿي رهيو آهن هنن چيو ته سنڌ جي مذهبي درگاهن تي خودڪشي بمباري حملا ڪري انسانيت جو قتل عام ڪيو پيو وڃي ان تي حڪمران ،مشير وزير ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي جيڪا ڏکيل ڳالھ آهي اسان هنن حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته ڌاريا آبادڪاري تي بندش وڌي وڃي ۽ شهيدن جي پوئينرن کي معاوضا ڏنا وڃن. ٺاروشاھ ڀرسان ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 33 ورسيءَ جي موقعي تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد امان الله وسطڙو جي مزار تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، آصف راهوجو، خادم شر، انعام گل مري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين جسقم ڪارڪنن حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻين چيو ته جي ايم سيد جي عدم تشدد واري ڏسيل واٽ تي هلي رهيا آهيون، شهيدن جي قرباني رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ به قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جسقم جي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد جاري آهي، کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي نه ته سڄي سنڌ اندر احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو ويندو.





Sports

عالمي وومين ڪپ ۾ ڀارت جو پاڪستان سان نه کيڏڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي: بسمه معروف

2020-04-28

ڪراچي:پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف جو چوڻ آهي ته عالمي وومين ڪپ ۾ ڀارت جو پاڪستان سان نه کيڏڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي.قومي وومين ٽيم جي ڪپتان وڊيو لنڪ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته آءِ سي سي جو پوائنٽ سسٽم پاڪستان جي لاءِ نقصان ڏيندڙ رهيو. رٽائرڊ ٿيندڙ ثناءَ مير هڪ ليجنڊ رانديگرياڻي آهي. هن عالمي سطح تي پاڪستان جي سفير جو ڪردار ادا ڪيو.لاڪ ڊائون دوران وومين رانديگرياڻين کي پاڻ کي ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط رکڻو پوندو. پاڪستان وٽ وومين ڪرڪيٽ جي مستقبل جا سٺا رانديگر موجود آهن نئين ٽيلنٽ جي صلاحيتن جي اظهار جي لاءِ وقت ڏيڻو پوندو. اسٽار رانديگر جلد ناهن بڻجندا.هڪ سوال جي جواب ۾ بسمعه معروف چيو ته پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ۾ پسند يا ناپسند جو معاملو ٿيندو هوندو مون کي ان باري ۾ ڪابه خبر ناهي. پي ايس ايل ۾ وومين جو تصور سٺو آهي. وومين ڪرڪيٽ کي هٿي ملندي. هن وقت ڊوميسٽڪ سطح تي رانديگرياڻين جو انگ وڌيڪ ناهي.ان حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پي سي بي ڊوميسٽڪ وومين ڪرڪيٽرن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وومين ڪرڪيٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان ڪوبه واقعو پيش ناهي آيو. اهڙن معاملن جي حوالي سان وومين رانديگرياڻين کي هدايتون ملنديون رهنديون آهن.





Entertainment

سجل علي جي مداحن ۾ احد رضا مير به شامل

2020-04-28

ٽورنٽو: پاڪستاني ٽي وي اداڪار احد ضا مير پنهنجي گهر واري ۽ اداڪاره سجل علي جي اداڪاري جي به ديواني آهي.خوبصورت اداڪاره سجل علي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اداڪار احد رضا مير هن وقت ڪينيڊا ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ آهي. اداڪار کان جڏهن هڪ انٽرويو دوران ان جي نظر ۾ بهترين پاڪستاني اداڪار جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن سڀني کان اڳ پنهنجي والد آصف رضا مير جو نالو ورتو جنهن کان پوءِ هن چيو ته مون کي اداڪار فواد خان ۽ حمزه علي عباسي جي اداڪاري به پسند آهي.احد کان جڏهن بهترين اداڪاره جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته سجل علي منهنجي نظر ۾ بهترين اداڪاره آهي ۽ هو اهي لفظ چئي مسڪرائي به رهيو هو. ان انٽرويو دوران اداڪار کان سجل علي جيان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو ويو ته هن پنهنجي زال جي نقل ڪئي جيڪا ڪجهه مداحن کي پسند آئي. جڏهن ته ڪجهه مداحن اهو چيو ته سجل ائين نٿي ڳالهائي.







E-paper




Jobs

Coming Soon

2020-03-12

Coming Soon




Advertising