وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي:بلاول ڀٽو ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 13328 ٿي ويو ** پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان 18 ٽن حفاظتي سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو ** سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ چئن مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، ڪيس وڌن پيا، آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جو انگ وڌائي رهيا آهيون:وڏو وزير ** ڪورونا خلاف جنگ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي:سيد خورشيد شاهه ** ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ مريض ڇِت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو ** جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ** ڪراچي ۾ ڌاڙي دوران ڇوڪريءَ کي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ چار ڏوهاري گرفتار ** پاڪ فوج ڪانگو ۾ ٻوڏ دوران ٻه هزار ماڻهن کي بچائي ورتو ** ڪراچي ۾ اڄ کان هرقسم جي آن لائن ڪاروبار جي اجازت ** اٽي ۽ کنڊ جي ڪميشن تي اعتراض ڪندڙن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو: فردوس عاشق ** منشا پاشا جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي لاءِ دعا جي اپيل ** اصل خوشي ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان ملي ٿي: نمرا خان **

سجل علي جي مداحن ۾ احد رضا مير به شامل


2020-04-28

ٽورنٽو: پاڪستاني ٽي وي اداڪار احد ضا مير پنهنجي گهر واري ۽ اداڪاره سجل علي جي اداڪاري جي به ديواني آهي.خوبصورت اداڪاره سجل علي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اداڪار احد رضا مير هن وقت ڪينيڊا ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ آهي. اداڪار کان جڏهن هڪ انٽرويو دوران ان جي نظر ۾ بهترين پاڪستاني اداڪار جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن سڀني کان اڳ پنهنجي والد آصف رضا مير جو نالو ورتو جنهن کان پوءِ هن چيو ته مون کي اداڪار فواد خان ۽ حمزه علي عباسي جي اداڪاري به پسند آهي.احد کان جڏهن بهترين اداڪاره جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته سجل علي منهنجي نظر ۾ بهترين اداڪاره آهي ۽ هو اهي لفظ چئي مسڪرائي به رهيو هو. ان انٽرويو دوران اداڪار کان سجل علي جيان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو ويو ته هن پنهنجي زال جي نقل ڪئي جيڪا ڪجهه مداحن کي پسند آئي. جڏهن ته ڪجهه مداحن اهو چيو ته سجل ائين نٿي ڳالهائي.



منشا پاشا جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي لاءِ دعا جي اپيل


2020-04-27

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا منشا پاشا رمضان المبارڪ ۾ ڪورونا وائرس خلاف فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي لاءِ دعا جي اپيل ڪري ڇڏي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هن چيو ته کيس بهاولپور، آمريڪا ۽ پشاور کان دبئي تائين جي ماڻهن جا پيغام مليا آهن ۽ سڀ هڪ ئي ڳالهه چئي رهيا آهن ته گهر ۾ رهو. هن چيو ته گهر رهي پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ رکو ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي فرنٽ لائين تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي حياتين کي خطري ۾ وجهن ٿا پنهنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکو.



اصل خوشي ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان ملي ٿي: نمرا خان


2020-04-27

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا نمرا خان چيو آهي ته خوشي خريد نٿي ڪري سگهجي پر هي اوهان جي اعمالن تي ڀاڙي ٿي. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب اداڪارا نمرا خان پنهنجي هڪ بيان چيو آهي ته اصل خوشي ٻين جي مدد ڪرڻ سان ملي ٿي ۽ جڏهن اوهان ڪنهن سان سٺو ورتاءُ ڪريو ٿا ته جيڪو سڪون ملي ٿو انهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.



حريم شاهه کي رمضان ٽرانسميشن جي ميزباني جي آڇ


2020-04-01

لاهور: (شوبز) مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه کي هڪ خانگي ٽي وي چينل طرفان رمضان ٽرانسميشن جي ميزباني جي آڇ ٿي آهي.حريم شاهه طرفان پنهنجي ذاتي ٽوئٽر اڪائونٽ تان اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هڪ مشهور ٽي وي چينل هلندڙ سال رمضان ٽرانسميشن جي ميزباني جي آڇ ڪئي آهي. اهو ٽوئٽ 2 ڏينهن اڳ 30 مارچ تي ڪيو ويو هو جنهن ۾ حريم شاهه اها اطلاع ڏيندي ماڻهن کان سوال پڇيو هو ته ڇا اوهان مون کي رمضان جي پروگرام ۾ ميزباني ڪندي ڏسڻ چاهيو ٿا.؟



هي وقت اسان جي خدمت ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو آهي: نيلم منير


2020-04-01

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا نيلم منير جو چوڻ آهي ته اسان کي انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي جيڪي ڏينهن رات اسان جي مدد ڪن ٿا ۽ اسان جي خدمت ڪن ٿا. گذريل ڏينهن پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪارا نيلم منير انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي. نيلم منير طرفان شيئر ڪيل ڪولاج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ پاسي سندس تصوير جڏهن ته ٻئي پاسي اداڪارا پنهنجي مداحن لاءِ پيغام لکيو آهي. نيلم منير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هي اهو وقت آهي جو هاڻي اسان سڀني کي انهن سڀني ماڻهن جي ڏک کي محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي ڏينهن رات اسان جي مدد ڪن ٿا ۽ اسان جي خدمت ڪن ٿا. اداڪارا لکيو ته جيئن ڊليوري بواءِ، اسان جو گهريلو عملو ۽ اسان جي سيٽ تي موجود اسان جو عملو ۽ انهن جهڙا بيا ماڻهو جيڪي سفيد پوش آهن، پنهنجي عزت نفس خاطر ڪنهن کان خيرات نٿا گهرن ۽ نه ئي ڪنهن جي آڏو هٿ ٿا ٽنگن. هن لکيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ اڳتي وڌون ۽ انهن جي عزت نفس کي ڇيهو رسائڻ کانسواءِ سندن مدد ڪريون. نيلم منير پنهنجي هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته اوهان سڀني کي هي منهنجي ذاتي اپيل اهي.



ڀارتي ادڪارا سارا علي خان پاران ڪرونا خلاف فنڊ ڏيڻ جو اعلان


2020-04-01

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪورونا وائرس دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي جنهن سبب متاثرن ملڪن ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال آهي جڏهن ته هن وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ادارا سرگرم آهن ۽ حڪومتن طرفان فنڊ گڏ ڪيا پيا وڃن جيئن وبا کي منهن ڏئي سگهجي. ان ڏس ۾ بالي ووڊ نگري جون شخصيتون پريانڪا چوپڙا، انوشڪا شرما، راج ڪمار رائو، عاليا ڀٽ، وڪي ڪوشل، اڪشي ڪمار به اهو وچن ڪري چڪا آهن ته هو ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ سرڪار جي مدد ڪندا ۽ هاڻي بالي ووڊ جي سڀ کان نوجوان اداڪارا سارا علي خان به اهڙي عزم جو اظهار ڪيو آهي. سارا علي خان انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته مان پي ايم ڪيئر فنڊ لاءِ رقم عطيو ڪرڻ جو وچن ڪريان ٿي. جڏهن ته مان ماڻهن کي اهو چونديس ته هو ملڪ واسين جي مدد لاءِ اڳتي چون. هن چيو ته هن وبا کي منهن ڏين لاءِ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي. هن وقت سڀ کان بهتر اپاءُ اهو آهي ته گهرن ۾ رهو. ۽ ٻين جي مدد ڪندا رهو، مان ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿي چڱائي جي ڪم ۾ حصو وٺن.



خوش رهي ڪرونا وائرس کي مات ڏئي سگهجي ٿي: ثمينه پيرزاده


2020-04-01

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ثمينا پيرزادا چيو آهي ته خوش رهي اسان کي ڪورونا وائرس کي مات ڏيڻي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب پنهنجي پيغام ۾ هن چيو آهي ته کلڻ کي پنهنجي زندگي ۾ شامل ڪريو ڇو ته کلڻ ڦڦڙڻ جي بهترين ورزش آهي ۽ اهڙي ورزش ضروري هوندي آهي خاص طور تي هاڻوڪن ڏينهن ۾ جڏهن ڪورونا وائرس جو خطرو آهي. هن چيو ته ڪورونا وائرس اوهان جي ڦڦڙن تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ جڏهن اهي مضبوط هوندا ته هن وائرس کان بچي سگهندا. هن چيو ته خوش رهو ۽ پرسڪون رهو اهو قوت مدافعت لاءِ ضروري آهي.



ناميارو ليکڪ ۽ ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو


2020-03-30

ڪراچي : ناميارو ليکڪ، ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالقادر جوڻيجو ڊگهي عرصي تائين علالت ۾ رهيو، جنهن بعد سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي. عبدالقادر جوڻيجو 1945ع ۾ ٿرپارڪر جي ڳوٺ جنهاڻ ۾ اک کولي، جڏهن ته پنهنجي زندگيءَ ۾ هُن سوپ سريل، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ادبي ڪتاب لکيا. هو سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين رهيو ۽ سنڌيالاجي شعبي جو ڊائريڪٽر به رهيو هو.



ماهره خان کي شوٽنگ جي ياد ستائڻ لڳي، تصوير شئير


2020-03-30

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ماهره خان کي شوٽنگ جي ياد ستائڻ لڳي آهي. سپر اسٽار گرل فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن(ايپ) انسٽاگرام تي مومنه دريد پروڊڪشنز جي فلم سپر اسٽار جي سيٽ تي ورتل هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ اداڪاره کي پوليس جي يونيفارم پاتل آهي.،ماهره خان تصوير سان لکيو آهي ته فاصلو رکو. انسپيڪٽر چيمه جو حڪم آهي. مون کي شوٽنگ جي ياد اچي رهي آهي. ان سان گڏ ئي هن اهو به لکيو آهي ته سپر اسٽار جي سيٽ تي ورتل تصوير. اداڪاره جي تصوير تي ميڪ اپ آرٽسٽ عدنان انصاري ڪمنٽ ڪيو.(اڙي ڀڄو! هي اهائي آهي جيڪا اڄڪلهه ماڻهن کي ماري رهي آهي.؟) ياد رهي ته گذريل ڏينهن اداڪاره ماهره خان تصوير شيئر ڪندڙ ايپ انسٽاگرام تي ٻڌايو ته هو سفر دوران ڇا ڪندي آهي ۽ اسان سفر دوران ڪهڙين شين کي هميشه پاڻ سان گڏ رکندا آهيون. ماهره خان لکيو آهي ته مون کي سفر لاءِ تمام گهڻين شين کي هٿ لڳائڻو پوندو آهي پر مان ميڻ بتي کي هٿ ناهيان لڳائيندي. مان ڪيترن ئي سالن کان سفر دوران ميڻ بتي پاڻ سان گڏ رکندي آهيان.



سگريٽ ڇڪڻ وارن ماڻهو فوري روتو نشو ڇڏين: ارمينا خان


2020-03-30

ڪراچي : پاڪستاني اداڪارا ارمينا خان ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو سگريٽ ڇڪڻ واري عادت ڇڏي ڏين ڇو ته سگريٽ ڇڪڻ سان ڪورونا وائرس جو خطرو وڌي وڃي ٿو. اداڪارا انسٽاگرام پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته ڪووڊ-19 جهڙي خطرناڪ وبا سگريٽ ڇڪڻ وارن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي. هن ورلڊ هيلٿ آرگينائزيشن جي هدايتن کي شيئر ڪندي ماڻهن کي صلاح ڏني هو سگريٽ واپرائڻ ڇڏي ڏين. ان کان اڳ هن هٿ ڌوئڻ بابت پيغام ڏنو هو.



E-Paper




Jobs

Coming Soon

2020-03-12

Coming Soon




Advertising