وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي:بلاول ڀٽو ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 13328 ٿي ويو ** پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان 18 ٽن حفاظتي سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو ** سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ چئن مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، ڪيس وڌن پيا، آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جو انگ وڌائي رهيا آهيون:وڏو وزير ** ڪورونا خلاف جنگ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي:سيد خورشيد شاهه ** ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ مريض ڇِت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو ** جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ** ڪراچي ۾ ڌاڙي دوران ڇوڪريءَ کي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ چار ڏوهاري گرفتار ** پاڪ فوج ڪانگو ۾ ٻوڏ دوران ٻه هزار ماڻهن کي بچائي ورتو ** ڪراچي ۾ اڄ کان هرقسم جي آن لائن ڪاروبار جي اجازت ** اٽي ۽ کنڊ جي ڪميشن تي اعتراض ڪندڙن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو: فردوس عاشق ** منشا پاشا جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي لاءِ دعا جي اپيل ** اصل خوشي ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان ملي ٿي: نمرا خان **

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 7 ڄڻا فوت


2020-04-28

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، وڏي وزير مراد علي شاهه وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ5291 ٿي ويو آهي، ڪيسز تيزي سان وڌي رهيا آهن، هُن وڊيو بيان ۾ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، فوتين جو انگ 92 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 335 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته اڄ 37 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن، وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ڪل متاثرن جو انگ 5291 ٿي ويو آهي.



ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 13328 ٿي ويو


2020-04-27

ڪراچي/اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورنا وائرس جا وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وائرس سٽيل مريضن جو انگ وڌي 13 هزار 328 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 281 ٿي ويو، 3 هزار 29 ڄڻا وائرس جو مقابلو ڪندي صحتياب ٿي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 605 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 13 هزار 328 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 4 هزار 615، پنجاب ۾ 5 هزار 446، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 864، بلوچستان ۾ 781، گلگت بلتستان ۾ 318، اسلام آباد ۾ 245 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 59 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب، پنجاب ۾ 5 هزار 446 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ هڪ هزار 183 ڄڻن صحتياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته 83 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري 81 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته 4 هزار 615 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ 872 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن. بلوچستان ۾ 781 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي، 176 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته 13 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 864 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ 515 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 98 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 245 ٿي ويو آهي، 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 29 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن. گلگت بلتستان ۾ 318 ڄڻا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا فوت ۽ 219 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 59 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي، 35 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن. اين اسي او سسي موجب، سڄي ملڪ 717 اسپتالن ۾ ڪورونا جا 3 هزار 455 مريضن جو علاج هلندڙ آهي.



وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي :بلاول ڀٽو


2020-04-27

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي، ملڪي قيادت جي ذميواري هوندي آهي ته قومي بحران جي موقعي تي ڏکيا فيصلا ڪري. برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم صوبن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت 18هين آئين ترميم جي غلط تشريح ڪري گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ واري پنهنجي ذميواري تان هٿ نه ٿي کڻي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت تي الزام لڳائيندي چيو ته وفاق صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ بدران سنڌ جي بهتر ڪم کي ڇيهو رسائي جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪي قيادت جي ذميواري هوندي آهي ته قومي بحران جي موقعي تي ڏکيا فيصلا ڪري پر پهريون ڀيرو ٿيندو جو وفاق ۽ وزيراعظم صوبن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن. 18هين ترميم کان پوءِ صحت جي مسئلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته 18هين ترميم صوبن کي اختيار ڏئي ٿي پر وفاقي حڪومت کي فرار ٿيڻ جو رستو فراهم نه ٿي ڪري. بلاول ڀٽو زداري چيو ته قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ جي ذميواري وفاق جي ئي هوندي آهي، هن وقت قيادت جي کوٽ آهي..



سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ چئن مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، ڪيس وڌن پيا، آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جو انگ وڌائي رهيا آهيون:وڏو وزير


2020-04-27

ڪراچي (رپورٽ مرتضيٰ مهر) سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ چئن مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، وائرس جا 341 نوان ڪيس ظاهر، وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته 3 هزار 946 مريض علاج هيٺ آهن، ڪيسز ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جو انگ وڌائڻ جو فيصلو، ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي ٽن ملازمن کي به ڪورونا جي تصديق ڪئي وئي، اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اڄ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، انگ 85 ٿي ويو آهي، علاج هيٺ مريضن مان 24 ڄڻن جي حالت خراب آهي، هن چيو ته آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جو انگ وڌائي رهيا آهيون، هُن چيو ته ماڻهن کي گهرن تائين رهڻ گهرجي، ڳڻتي جوڳي صورتحال ٿيندي پئي وڃي.



پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان 18 ٽن حفاظتي سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو


2020-04-27

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان 18 ٽن حفاظتي سامان جي کيپ کڻي اسلام آباد پهچي ويو، اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو آهي ته 15 ڏينهن ۾ وڌيڪ سامان پاڪستان اچي ويندو. پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چن مان 18 ٽن حفاظتي سامان جي کيپ کڻي اسلام آباد پهچي ويو. حفاظتي سامان ۾ 15 ايڪسري مشين، 199 وينٽيليٽرز ۽ 2 سئو ٿرمل گنز شامل آهن. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽينيٽ جنرل محمد افضل چوڌري چيو آهي ته 15 ڏينهن ۾ وڌيڪ سامان پاڪستان اچي ويندو. اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته ايندڙ ڪهه ڏينهن ۾ ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌندي، اڄ پاڪستان روزانو 30 کان 40 هزار ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت رکي ٿو.......



ڪورونا خلاف جنگ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي:سيد خورشيد شاهه


2020-04-27

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪورونا خلاف جنگ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي، هن وقت ڊاڪٽرز، نرسز، فورسز جا جوان فرنٽ لائن تي آهن، مون بلاول ڀٽو زرداري جو انٽرويو ٻڌو آهي، هن عمران خان کي وزير اعظم مڃيو آهي، هن وقت پاڻ اتحاد ڪري ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻي آهي. سکر ۾ عدالتي پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته دنيا کان پيسا وٺڻ جي ضرورت ناهي، پاڪستاني جوش ۾ آهن، اسان کي پيسا گهرڻ بدران پاڙيسرين جو خيال رکڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته تنقيد ڪرڻ بدران ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي،هن وقت ارڙهين ترميم يا ڪنهن ٻئي اشو تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪورونا تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي.



ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ مريض ڇِت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو


2020-04-27

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ مريض ڇِت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، اسپتال انتظاميا چيو آهي ته مريض نشي جو عادي هو، ڪورونا جي شڪ ۾ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽيسٽ رپورٽ اڃا نه آئي آهي.



جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور


2020-04-27

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ڪورونا جي ڪري فرد جرم لاڳو ڪرڻ بابت ڪارروائي نه ٿي سگهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت م جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جي ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد اعظم خان ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر وسيم جاويد ۽ جاچ آفيسر قاسم خان عدالت ۾ پيش ٿيا. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جنهن سبب ڪارروائي اڳتي وڌي نه سگهي. آصف زرداري جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪارروائي اڳتي وڌي نه ٿي سگهي، احتساب عدالت عيد کانپوءِ ڪيس جي نئين تاريخ ڏي. عدالت وڪيل جي استدعا تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت جي جج ريفرنس جي ڪارروائي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پنڪ ريزڊينسي، خيام واهه غيرقانوني الاٽمينٽ جي ريفرنس جي ٻڌڻي به 10 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.



ڪراچي ۾ ڌاڙي دوران ڇوڪريءَ کي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ چار ڏوهاري گرفتار


2020-04-27

ڪراچي: پوليس ڌاڙي دوران ڇوڪريءَ کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪراچي پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڪلفٽن پوليس قتل ۽ ڌاڙي ۾ ملوث 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهارين 13 اپريل تي اپرگزري ۾ ڌاڙي دوران 25 سالن جي ڇوڪريءَ کي مزاحمت تي قتل ڪيو جڏهن ته ڏوهارين قتل کان اڳ ان سان زنا به ڪئي. پوليس موجب ڏوهارين ۾ وسيم بلوچ عرف باڪسر، زبير، ارشد عرف ليمون، شعيب عرف مانو شامل آهن. پوليس ڏوهارين کان 30 هزار روپيا روڪ رقم ۽ کسيل موبائل به هٿ ڪيو آهي.



پاڪ فوج ڪانگو ۾ ٻوڏ دوران ٻه هزار ماڻهن کي بچائي ورتو


2020-04-27

برزايل: پاڪ فوج جي امن دستن ڪانگو ۾ آيل ٻوڏ ۾ ڦاٿل 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچائي ورتو. فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪستاني امن دستن پاران ڪانگو ۾ ڀرپور امدادي ڪارروائي جاري آهي ۽ هن وقت تائين پاڪ فوج جي جوانن ڪانگو ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل 2000 کان مٿي ماڻهن کي ريسڪيو ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آفريڪي ملڪ ڪانگو جي اويرا ريجن ۾ وڏي ٻوڏ سبب هزارين گهرن کي نقصان پهتو ۽ 75 هزار کان مٿي ماڻهو متاثر ٿيا، امن مشن ۾ شامل پاڪستاني دستي فوري طور تي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون هيون جڏهن ته متاثر آبادي کي دوائون ۽ خوراڪ به ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب امن دستن ۾ پاڪستان جا 4 هزار جوان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، 157 پاڪستانين يو اين امن مشن دوران پنهنجون زندگيون قربان ڪيون آهن پاڪستاني امن دستن جي ڪوششن کي گڏيل قومن پڻ ساراهيو آهي.



E-Paper




Jobs

Coming Soon

2020-03-12

Coming Soon




Advertising