وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي:بلاول ڀٽو ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 13328 ٿي ويو ** پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان 18 ٽن حفاظتي سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو ** سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ چئن مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، ڪيس وڌن پيا، آئسوليشن وارڊز ۾ بيڊز جو انگ وڌائي رهيا آهيون:وڏو وزير ** ڪورونا خلاف جنگ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي:سيد خورشيد شاهه ** ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ مريض ڇِت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو ** جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ** ڪراچي ۾ ڌاڙي دوران ڇوڪريءَ کي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ چار ڏوهاري گرفتار ** پاڪ فوج ڪانگو ۾ ٻوڏ دوران ٻه هزار ماڻهن کي بچائي ورتو ** ڪراچي ۾ اڄ کان هرقسم جي آن لائن ڪاروبار جي اجازت ** اٽي ۽ کنڊ جي ڪميشن تي اعتراض ڪندڙن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو: فردوس عاشق ** منشا پاشا جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي لاءِ دعا جي اپيل ** اصل خوشي ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان ملي ٿي: نمرا خان **

عالمي وومين ڪپ ۾ ڀارت جو پاڪستان سان نه کيڏڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي: بسمه معروف


2020-04-28

ڪراچي:پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف جو چوڻ آهي ته عالمي وومين ڪپ ۾ ڀارت جو پاڪستان سان نه کيڏڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي.قومي وومين ٽيم جي ڪپتان وڊيو لنڪ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته آءِ سي سي جو پوائنٽ سسٽم پاڪستان جي لاءِ نقصان ڏيندڙ رهيو. رٽائرڊ ٿيندڙ ثناءَ مير هڪ ليجنڊ رانديگرياڻي آهي. هن عالمي سطح تي پاڪستان جي سفير جو ڪردار ادا ڪيو.لاڪ ڊائون دوران وومين رانديگرياڻين کي پاڻ کي ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط رکڻو پوندو. پاڪستان وٽ وومين ڪرڪيٽ جي مستقبل جا سٺا رانديگر موجود آهن نئين ٽيلنٽ جي صلاحيتن جي اظهار جي لاءِ وقت ڏيڻو پوندو. اسٽار رانديگر جلد ناهن بڻجندا.هڪ سوال جي جواب ۾ بسمعه معروف چيو ته پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ۾ پسند يا ناپسند جو معاملو ٿيندو هوندو مون کي ان باري ۾ ڪابه خبر ناهي. پي ايس ايل ۾ وومين جو تصور سٺو آهي. وومين ڪرڪيٽ کي هٿي ملندي. هن وقت ڊوميسٽڪ سطح تي رانديگرياڻين جو انگ وڌيڪ ناهي.ان حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پي سي بي ڊوميسٽڪ وومين ڪرڪيٽرن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وومين ڪرڪيٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان ڪوبه واقعو پيش ناهي آيو. اهڙن معاملن جي حوالي سان وومين رانديگرياڻين کي هدايتون ملنديون رهنديون آهن.



ڪورونا جي موجودگي ۾ ميدان آباد ڪرڻ لاءِ رٿابندي شروع


2020-04-27

دبئي: ڪورونا جي موجودگيءَ ۾ ڪرڪيٽ جو ميدان آباد ڪرڻ لاءِ رٿابندي شروع ٿي وئي آهي، آءِ سي سي جي ميڊيڪل ڪميٽي رانديگرن ۽ آفيشلز جي صحت لاءِ رهنما اصول ترتيب ڏيندي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ميڊيڪل ڪميٽي محفوظ ماحول ۾ راند جي واپسيءَ لاءِ گائيڊ لائن تيار ڪرڻ وارو ڪم شروع ٿي ويو آهي، خميس جي ڏينهن چيف ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي ٽيلي ڪانفرنس ۾ ميڊيڪل ايڊوائزري ڪميٽي جي چيف پيٽرهارڪورٽ کي به ڪورونا وائرس تي روشني وجهڻ لاءِ دعوت ڏني وئي ، آءِ سي سي ذريعن جو چوڻ آهي ته هارڪورٽ ان ميٽنگ ۾ به ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ رهنما اصول ٺاهڻ تي زور ڏنو، وائرس جو خطرو موجود هوندي ڪو به فيصلو سولو نه هوندو، گائيڊ لائنز ۾ پليئرز جي تياريءَ کانوٺي حڪومتي پابندين تائين کي نظر ۾ رکيو ويندو، توڙي جو هي ڪم اڃان پهرين مرحلي ۾ آهي پر ان ۾ پليئرز جي مخصوص وقت لاءِ قرنطينه شامل آهي. اهڙيءَ طرح بال کي ٿڪ سان چمڪائڻ تي پابندي جي ڳالهه پهريان ئي سامهون اچي چڪي آهي، جيئن ته وائرس جي اڃان ڪا ويڪسين نه ٺهي آهي ان ڪري في الحال مڪمل طور تي احتياط ڪيو ويندو، هڪ سوال تي آءِ سي سي آفيشل واضح ڪيو ته عام طور تي اسان 2 بورڊز جي وچ ۾ سيريز جي حوالي سان ڪنهن شيءِ کي زبردستي لاڳو ناهيون ڪندا پر هي گائيڊلائز سڀني جي ڀلي ڪاڻ آهي تنهن ڪري ان کي نظرانداز ڪرڻ ڏکيو هوندو، سمورن بورڊن جا ميمبر پاڻ به پنهنجي ملڪن ۾ صحت جي صورتحال جي حوالي سان ڪافي ڳڻتيءَ ۾ آهن.



قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو منفرد انداز ۾ ”ڊونٽ رش چيلينج“


2020-04-27

ڪراچي: ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي سمورا ماڻهو گهرن ۾ بند آهن جنهن ڪري سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ واڌارو نظر اچي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي هر ڏينهن نئون ٽرينڊ سامهون اچي ٿو جنهن کي لکين واهپيدارن پاران فالو ڪيو وڃي ٿو، ڪجهه ڏينهن پهريان سوشل ميڊيا تي ”مي ايٽ ٽوئنٽي چيلينج“ ڪافي مشهور ٿيو هو جنهن ۾ سمورن واهپيدارن پاران 20 سالن جي عمر جون تصويرون شيئر پئي ڪيون ويون. هاڻ هنن ڏينهن ۾ سوشل ميڊيا تي ٻه چيلينجز ڪافي مشهور ٿي رهيا آهن جن ۾ هڪ ”او نانانا“ چيلينج آهي جنهن ۾ پيرن جي مدد سان هڪ خاص قسم جي ڊانس ڪئي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه ٻيو مشهور ٿيندڙ ” ڊوئنٽ رش چيلينج “ آهي جنهن ۾ واهپيدارن طرفان ميڪ اپ کان اڳ ۽ بعد جي وڊيو ٺاهي پئي وڃي ۽ هڪٻئي کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. هاڻ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ڪائنات پاران ”ڊونٽ رش چيلينج“ ڪيو ويو پر هن چيلينج کي ڪجهه پنهنجي انداز ۾ ڪيو. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرياڻين پاران ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هنن ڪيپشن لکيو ته ”ڊونٽ چيلينج اسان جو پنهنجو ورزن“.ڪائنات امتياز جي وڊيو ۾ هن سان گڏ قومي وومين ڪرڪيٽ جون ٻيون رانديگرياڻيون به موجود هيون جن ۾ عميمه سهيل، ماهم طارق، سيده نين عابدي، سدره نواز، عائشه ظفر، منيبه علي، ايمن انور ، ارم جاويد ۽ اوپنر سدره امين شامل آهن. ڊونٽ رش چيلينج ۾ قومي وومين ٽيم جي رانديگرياڻين کي ميڪ اپ بجاءِ ڪرڪيٽ جو يونيفارم پائيندي ڏٺو ويو، سوشل ميڊيا تي قومي وومين ٽيم جي ان چيلينج جي اهڙي منفرد انداز کي ڪافي پسند ڪيو پيو وڃي.



ڀارت ايشيا ڪپ کي ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويو


2020-04-01

ممبئي: (اسپورٽس نيوز) ڀارت آءِ پي ايل خاطر ايشيا ڪپ کي ملتوي ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. بورڊ آگسٽ، سيپٽمبر ۾ پنهنجي ليگ لاءِ جڳهه ڪڍڻ خاطر ايشيائي ٽورنامينٽ ملتوي ڪرائي سگهي ٿو. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل کي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري چڪو آهي. پر ڪورونا وائرس سبب هلندڙ مهيني به شروع ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. ان لاءِ بي سي سي آءِ پنهنجي ليگ لاءِ آگسٽ، سيپٽمبر جي ونڊو استعمال ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ سيپٽمبر ۾ ئي شيڊول ايشيا ڪپ کي به ايندڙ تاريخ تائين ملتوي به ڪرائي سگهجي ٿو. سيپٽمبر ۾ ايشيا ڪپ کان علاوه ڀارت جا انگلينڊ سان 3 ون ڊي ۽ ايترا ئي ٽوئنٽي 20 ميچن جي سيريز به شيڊول آهي. ڪجهه ٻين ٽيمن جا به انٽرنيشنل سيريز آهن پر آسٽريلوي ٽيم آگسٽ، سيپٽمبر ۾ فارغ ٿيندي. بي سي سي آءِ جي هڪ آفيشنل تصديق ڪئي آهي ته آءِ پي ايل جيڪڏهن اپريل ۾ شروع نه ٿي سگهي ته ان کي آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ شروع ڪرڻ جو آپشن موجود آهي. ياد رهي ته هن ڀيري ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان کي ڪرڻي آهي. ان حوالي سان پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني هڪ ڀارتي اخبار سان ڳالهيون ڪندي واضح ڪيو ته ايشيا ڪپ بابت ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو. اسان اڃان تائين ميٽنگ جي به تاريخ مقرر ناهي ڪئي.



ڪيون پيٽرسن جي احمد شهزاد تي سخت تنقيد


2020-04-01

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي اڳوڻي رانديگر ڪيون پيٽرسن پنهنجي سوشل ميڊيا لائيو سيشن ۾ پاڪستاني رانديگر احمد شهزاد جو مذاق اڏايو آهي.خاص طور تي هن پي ايس ايل ۾ فلاپ شو تي سندس مٿان سخت تنقيد ڪئي. رپورٽ موجب ڪوئٽه گليڊي ايٽرز طرفان هن سيزن ۾ 7 ميچن ۾ صرف 61 رنسون ٺاهيندڙ احمد شهزاد کي پيٽرسن چيو آهي ته اوهان تمام گهڻيون فضول جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو جيڪي هڪ ڪن مان اچي رهيون آهن ته ٻئي ڪن مان ٻاهر نڪري رهيون آهن. بالڪل ائين ئي اوهان ڊريسنگ روم ۾ ڪندا آهيون.مان اوهان کان اوهان جي بيٽنگ جي باري ۾ پڇي رهيو آهيان ته اوهان رنسون ڇو نه ٺاهي سگهيو. هن احمد شهزاد کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان ڪو صحافي ناهيان، اوهان جو دوست آهيان، مون سان اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو. اوهان جي ڳالهين مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته جيئن اسان پريس ڪانفرنس ۾ ويٺا هجون. ماڻهو پڇڻ چاهين ٿا ته اوهان رنسون ڇو نٿا ٺاهيو.اسان کي ان ڳالهه ۾ ڪابه دلچسپي ناهي ته اوهان ايتري محنت ڇو ڪري رهيا آهيو. پيٽرسن احمد شهزاد جي وارن جي اسٽائل جو به مذاق اڏايو. پيٽرسن سان ڳالهين دوران پاڪستاني رانديگر احمد شهزاد پي ايس ايل کي آءِ پي ايل چئي ويو جنهن تي سوشل ميڊيا تي به ان جو ڪافي مذاق اڏايو پيو وڃي.



عمر اڪمل پي سي بي اخيتارين وٽ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو


2020-04-01

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي عمر اڪمل طرفان نوٽيس آف چارج جو جواب ملي ويو آهي. ٽيسٽ بيٽسمين کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.4 جي 2 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 17 مارچ تي چارج ڪيو ويو هو.پي سي بي عمر اڪمل جي جواب جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ان حوالي سان وڌيڪ ڪوبه لائحه عمل اختيار ڪندو. هن وقت تائين هن معاملي تي وڌيڪ ڪوبه بيان جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته بڪيز طرفان رابطي جي اطلاع نه ڪرڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي عمر اڪمل کي 6 مهينن کان تاحيات پابندي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. قانون موجب غلطي کي مڃڻ تي کيس گهٽ سزا ملي سگهندي.



وارنر جو طبي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سان يڪجهتي جو انو اظهار


2020-04-01

لاهور: (اسپورٽس نيوز) ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ وڙهندڙ طبي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سان يڪجهتي جي اظهار طور تي ڊيوڊ وارنر مٿي جا وار ڪوڙائي ڇڏيا.رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ اوپنر مٿي جا وار ڪوڙائيندي نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته مان ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ ماڻهن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ ائين ڪري رهيو آهيان. ڊيبيو کان پوءِ هي پهريون موقعو آهي جڏهن مون سمورا وار ڪوڙائي ڇڏيا آهن. وارنر ويرات ڪوهلي، اسٽيون سمٿ، پيٽ ڪمنز ۽ مارڪوس اسٽونس کي نامزد ڪندي کين به ٻين جي بقا لاءِ پنهنجون حياتيون خطري ۾ وجهندڙن لاءِ يڪجهتي جي اظهار طور تي مٿي جا وار صاف ڪرائڻ جو چيلنج ڏنو آهي.



اسان ڪورونا وائرس جي خلاف همت نه هارينداسين: براوو نئون گيت تيار ڪري ورتو


2020-03-30

ڪنگسٽن: ويسٽ انڊيز جي رانديگر ڊيوائن براوو ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ نئون گيت متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جا ٻول آهن ته(اسان ڪورونا وائرس جي خلاف همت نه هارينداسين) هي گيت سوشل ميديا تي فوري طور تي مشهور ٿي چڪو آهيهن رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي ٽي ٽوئنٽي 20 ڪرڪيٽ ٻيهر شروع ڪئي آهي. براوو راند سان گڏ گلوڪاري جي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪو آهي.هن نئين گيت کي سڄي دنيا ۾ موذي وائرس جي متاثر ماڻهن جي نالي ڪندي وائرس جي خلاف وڙهڻ جو عزم ظاهر ڪيو. براوو عوام کي سموريون ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي.



جاپاني اداڪار ڪين شيمورا ڪرونا وائرس سبب فوت


2020-03-30

لاهور : ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ شاهي خاندانن کان وٺي ڊاڪٽرن، شوبز سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن کي به متاثر ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ اهي خبرون آهن ته ڪيترن ئي سالن کان جاپاني ٽيليويزن اسڪرين جي ذريعي ماڻهن جي چهرن تي خوشيون پکيڙيندڙ مزاحيه اداڪار ڪين شيمورا ڪورونا وائرس سبب حياتي وڃائي ويٺو.ڪجهه ڏينهن اڳ هن پنهنجي پهرين فيچر فلم به سائن ڪئي هئي جنهن ۾ ان جو مُک ڪردار هو. جاپاني ميڊيا موجب 70 ساله اداڪار ڪين شيمورا جي موت جو سبب ڪورونا وائرس بڻيو.ڪين شيمورا 20 مارچ تي تيز بخار ۽ نمونيا سبب ٽوڪيو جي اسپتال ۾ داخل هو. جتي ان جي ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي.شيمورا جاپاني انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي پهرين شخصيت آهي جنهن جي فوتگي ڪورونا وائرس سبب ٿي آهي.



باڪسر عامر خان پاران ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان


2020-03-30

لنڊن؛ باڪسر عامر خان پاران ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ميڊيا رپورٽ مطابق پاڪستان ڄائي برطانيا جي باڪسر عامر خان ڪرونا وائرس جي مريضن کي بچائڻ لاءِ پاڪستان کي 4 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته هن حڪومت کي پنهنجي ڪرونا جي مريض لاءِ پنهجي 4 منزلا عمارت به حڪومت کي ڏيڻ جي اڇ ڪئي آهي، عامر خان جو چوڻ آهي ته ڪرونا وائرس جي ڪري متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي،



E-Paper




Jobs

Coming Soon

2020-03-12

Coming Soon




Advertising